بلاگنئون

مادري ٻولي جا نفسياتي اثر

ثقافتي سڃاڻپ، نفسياتي تندرستي جو اھم جزو آھي ۽ ثقافتي سڃاڻ ۾ ماءُ ٻولي اھم ڪردار ادا ڪري ٿي. ٻولي اھو طاقتور ھٿيار آھي، جنھن ۾ انسانن کي ھڪٻئي سان ڳنڍڻ، سوچن کي زبان ڏيڻ، خيالن کي منتقل ڪرڻ ۽ ثقافت ٺاھڻ جي سگھ آھي. ٻولي جي ذريعي اسين پنھنجن سوچن جو اظھار ڪيون ٿا. قدرت ماءُ ۽ ٻار جو ھڪ حسين تعلق جوڙيو آھي، ھي اھڙو ڳانڍاپو آھي جو ماءُ ٿيڻ کانپوءِ عورت پنھنجي وجود کان به وڌيڪ پنھجي اولاد کي اھميت ڏيندي آھي. ماءُ ٻولي ڄمڻ کانپوءِ ڪنن تي پوندڙ امڙ جي پيار جو پھريون اظھار، جذبن جو اظھار، اسان جو يقين، اسانجي سوچن جي زبان، اسانجو اتساھ آھي. ماءُ ٻولي اھا ٻولي آھي جيڪا ڄمڻ کان به اڳ اسين پنھنجي امڙ جي پيٽ ۾ ھجڻ کان وٺي ٻڌون ٿا. ماءُ ٻولي اسانجن سوچن ۽ جذبن جي صحيح نموني سان عڪاسي ڪري ٿي. جيتوڻيڪ اسين روزمرہ جي زندگي ۾ ٻين ٻولين ۾ به ڳالھايون ٿا، پر اسان پنھنجي ماءُ ٻولي ۾ سوچيندا آھيون، خواب ڏسندا آھيون، پيار جو، نفرت جو ۽ ڪاوڙ جو اظھار ڪندا آھيون. مشھور محقق وائگوٽسڪي مطابق نئين ڄاول ٻار ۾ ڌيان ڏيڻ، محسوس ڪرڻ ۽ ياد رکڻ جي سگھ ٿئي ٿي. اسانجي پھرين ٻولي، جنھن جا حسين آواز اسين پنھنجي امڙ جي پيٽ ۾ ھجڻ کان وٺي ٻڌندا ٿا اچون، اسانجي شخصيت، اسان جي سوچن ۽ اسان جي زندگي جي تشڪيل ۾ اھم ڪردار ادا ڪن ٿا. ٻولي جنھن جي شروعات ھڪ مخصوص سماجي ۽ ثقافتي ماحول ۾ ٿئي ٿي. اسان جي شخصيت جي پھرين سڃاڻ آھي. ماءُ ٻولي جو اسان جي شخصيت، اسانجن سوچن ۽ اسان جو دنيا ۽ زندگي متعلق وسيع نظريو قائم ڪرڻ ۾ اھم ڪردار آھي. اھو ئي سبب آھي جو تحقيقي ماھرن مطابق ننڍن ٻارن اڳيان لفظن جي چونڊ ۽ انھن جي اظھار کي سوچي سمجھي ڪرڻ گھرجي، ٻار پنھنجي ماءُ ٻولي ۾ جڏھن ڳالھائڻ جي شروعات ڪندو آھي ته سڌو دل، دماغ ۽ ٻولي جو ڳانڍاپو ڳنڍجي ويندو آھي. ابتدا ۾ اسين گھر ۾ ڳالھائڻ واري ٻولي سکندا آھيون، ڇاڪاڻ ته ماءُ اھو پھريون رشتو آھي، جنھن وٽان ٻار جون سڀ گھرجون پوريون ٿين ٿيون. تنھنڪري ٻار ڳالھائڻ به پنھنجي ماءُ کان سکندو آھي. ماءُ ٻولي ۾ سکڻ جا ڪيترائي نفسياتي فائدا آھن. جذبات، سکيائي عمل ۽ انھي کي ياد رکڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪن ٿا. ماءُ ٻولي سان ڳنڍيل مثبت جذباتي ڳانڍاپو سکيائي عمل ۾ گھربل توجهه، اتساھ ۽ سکيل علم کي ڊگھي وقت تائين ياد رکڻ ۾ مدد ڪري ٿي. ٻار جڏھن ماءُ ٻوليءَ ۾ سکيا وٺي ٿو ته سکيا جي عمل سان سندس گھرو جذباتي تعلق قائم ٿئي ٿو. سکيائي عمل شاگرد کي ثقافتي لاڳاپو ۽ سندس سڃاڻپ محسوس ٿيندي، ان جي نتيجي ۾ شاگرد اندر سکڻ جو اتساھ پڻ وڌندو آھي. ماءُ ٻولي جي ثقافتي ورثي کي قائم رکڻ ۽ اسانجي شخصيت کي شناخت ڏيڻ ۾ تمام گھڻي اھميت آھي. ماءُ ٻولي ثقافت، مقامي معلومات، روائتي قدرن کي ايندڙ نسلن ڏانھن منتقل ڪرڻ جو ذريعو آھي. ماءُ ٻولي اسانجي شخصي شناس، اسانجو فخر ۽ اسانجو لاڳاپو آھي. ثقافتي سڃاڻ نفسياتي تندرستي جو اھم جز آھي، ماءُ ٻولي ۾ سکڻ سان اسانجي ذاتي شناس، خوداعتمادي ۽ پنھنجي ثقافتي پاڙن ۾ مضبوط ھجڻ جو احساس ٿئي ٿو. جيتوڻيڪ انگريزي زبان ۾ سکڻ جا انيڪ فائدا آھن. ھي اھا ٻولي آھي جيڪا عالمي سطح تي ڳالھائي ۽ سمجھي وڃي ٿي، پر اسڪول ۾ ٻار کي صرف انگريزي ٻولي ۾ پڙھائڻ ۽ ماءُ ٻولي ۾ لکڻ ۽ پڙھڻ کان اڻڄاڻ رکڻ سان ڄڻ سندس ورثي ۾ مليل قيمتي خزاني کان محروم ڪرڻ برابر آھي. ماءُ ٻولي جي ڄاڻ ٻين نئين ٻولين کي سکڻ ۾ پڻ مددگار ثابت ٿئي ٿي. اڻپوري سکيل ماءُ ٻولي ٻين ٻولين کي سکڻ ۾ پڻ رڪاوٽ جو سبب ٿي سگھي ٿي. عالمي سطح تي ماءُ ٻولي يا پھرين ٻولي ڪنھن به خطي جي شناخت، رنگن ۽ راڳ کي ظاھر ڪري ٿي. جيڪڏھن اسين دنيا ۾ پنھنجي سڃاڻپ قائم ڪرڻ چاھيون ٿا ته اسانکي پنھنجي نسل کي ماءُ ٻولي جي سکيا ڏيڻ لاءِ گهربل قدم کڻڻا پوندا ته جيئن اسين پنهنجو بهتر مستقبل اڏي سگهون.
***