فليٽ تي سامان جو بيگ کولي ڪپڙن لٽن کي الماري ۾ ترتيب ڏئي رکيم ۽ هٿ منهن ڌوئي تازو توانو ٿي، نائيٽ سوٽ پائي اچي صوفي تي ويٺس. ماني اڳ ئي تيار هئي، سو “پهرين پيٽ پنجو جو پوءِ ٻار ٻچا” جي محاوري تي عمل ڪندي ڊائننگ ٽيبل تي روٽي جو آنند وٺي وري اچي صوفا سيٽ تي ويٺس. جيتوڻيڪ هن وقت رات جا ڏهه ٿيا هئا، پر فليٽ جي دريءَ مان ٻاهر نهارڻ تي نما شام جهڙو ماحول لڳو ٿي. فليٽ جي ويجهو ئي مرڪيوري شاپنگ مال جو اڌ گول قبو(Dome) ۽ وڻ ٽڻ بلڪل چٽا نظر اچي رهيا هئا. هتي اونهاري ۾ سج دير سان لهي ٿو، يعني تقريبن رات جو يارهين وڳي، پر روزمره جو ماحول ان سان متاثر نٿو ٿئي. سڀ ڪاروباري مارڪيٽون، شاپنگ مال، بازارن ۾ دڪان، پارڪ ۽ ٽوئرسٽ اسپاٽ وغيره سڀ چئين کان پنجين وڳي جي اندر بند ٿي وڃن ٿا، سواءِ کاڌي پيتي جي ريسٽورينٽس، پب، نائب ڪلبن ۽ بارن جي جيڪي رات جو دير تائين کليل هجن ٿا، باقي ڪڪڙوڪو ٿيو وڃي. رستا به صفا سنسان ٿيو وڃن. رستن تي ڪا ايڪڙ ٻيڪڙ چهل پهل هجي ٿي، سا به انهن پاڻ پارن يارن جي جيڪي نائٽ ڪلبن يا هوٽلن جي کاڌن پيتن جا شوقين هجن ٿا. پاڻ وٽ وري صورتحال اها آهي ته شهرن ۾ دڪان ڏينهن جو 12 وڳي کان اڳي کلن ئي ڪونه. چاندني يا آٽوڀان روڊ حيدرآباد تي وري بازارون کلن ئي هڪ يا ٻين وڳي کانپوءِ ٿيون. بس پوءِ رات جو يارهين ٻارهين وڳي تائين دڪان کليا پيا هوندا آهن. هاڻي ته ننڍن شهرن ۾ به اها صورتحال ٿيندي وڃي، جتي به راتيون جاڳن ٿيون ۽ ڏينهن سمهن ٿا، پوءِ ڀلا ٻڌايو ته اهڙي صورتحال ۾ اسين ڌوڙ سڌرنداسين؟ هتي رات جو 10 وڳي يا 11 وڳي تائين هرڪو بستري ڀيڙو ٿيو وڃي. اهوئي سبب آهي ته هتي فليٽن ۾ رهندڙن لاءِ نوٽيس بورڊ تي خاص هدايت لکيل هوندي آهي ته بيگاهه وقت ۾ اچڻ وقت ڪوبه گوڙ ۽ شور نه ڪريو جو پاڙي وارن جي آرام ۾ خلل پوي. هونئن به هتي ان معاملي ۾ سخت قاعدا ۽ قانون آهن. جيڪڏهن توهان پنهنجي فليٽ يا گهر ۾ وڏي آواز ۾ ڳالهايو ٿا يا وڏي آواز ۾ ميوزڪ وغيره ٻڌو ٿا يا ٻي ڪا ائڪٽيوٽي ڪريو ٿا، جنهن سان پاڙي واري جي ننڊ يا نجي زندگي ۾ خلل پوي ته هو توهان جي خلاف پوليس کي فون يا اِي ميل وغيره جي ذريعي شڪايت ڪري سگهي ٿو. پوليس اول اوهان کي تنبيهه ڪندي ۽ اڃان به جي نه سڌريا ته بنا پڇا جي کڻي ويندي. جڏهن ته پاڻ ته پنهنجي فليٽ يا گهر ۾ ڀلي ايڏي وڏي آواز ۾ ڊيڪ وڄايون جو ماڻهن جي ڪنن جا پردا ڦاٽي پون يا ڊسڪو پارٽي ڪيون يا ٻيو ڪو ڌمچر ڪريون، جي خدانخواسته ڪو شريف پاڙيسري ان جي صرف شڪايت ڪندو ته پاڻ بجاءِ پنهنجي بي واجبي (غلطي) مڃڻ جي اُن سان هڪدم گارگند تي لھي اينداسين يا وڙهڻ لاءِ تيار ٿي ويندا آهيون. تيار ٿيل ۽ ڪچي ۾ اهوئي فرق هوندو آهي. ماڻهو اهوئي ساڳيو آهي، پر هُنن جي تربيت هڪ اهڙي ماحول ۾ ٿي آهي، جتي هر ماڻهو جا بنيادي انساني حق تسليم ٿيل آهن ۽ جڏهن ته اسان وڏيرڪي ماحول ۾ پرورش پاتي آهي، تنهنڪري هرو ڀرو به پاڻ کي ڦني خان سمجهندا آهيون. اهوئي سبب آهي جو اسان ٻين کي انسان سمجهڻ ئي ڇڏي ڏنو آهي. تنهنڪري نه ته ٻين جي خواهشن ۽ جذبن جو احترام ڪريون ٿا ۽ نه ئي انهن کي پنهنجي برابر ليکيون ٿا. اهو سوچيون ئي نٿا ته انهن کي به جيئڻ جو اهڙو ئي حق آهي، جهڙو اسان کي آهي. مون سوئٽزرلينڊ ۽ يونان ۾ به ماڻهن ۾ سويل سمهڻ جي عادت ڏٺي آهي، جيئن اهي ٻئي ڏينهن تي پنهنجي ڪم ڪار يا ڊيوٽي تي پوري ٽائم تي پهچي سگهن. ننڍي هوندي ڪورس جي ڪتابن ۾ هڪڙو گيت پڙهندا هئاسين:
سويل سمجهي، سويل اُٿجي،
اول ڌڻي جو نالو ڳنجي،
ڪوڙ نه چئجي، ڏجي نه گار،
شئي چورائجي ٿجي نه خوار…!
سو ان تي صحيح معنيٰ ۾ عمل اُهي ماڻهو پيا ڪن، جن کي اسان ڪافر، لادين، بگڙيل تهذيب وارا، بدچلن ۽ ٻيو الائجي ڇا ڇا چوندا آهيون. پاڻ وٽ اڳي ته اڃان به ماڻهو ٿورو گهڻو سويل سمهندا هئا، پر جڏهن کان موبائل آيو آهي ته ڪو اهڙو گهر خالي ڪونهي جنهن ۾ ڪو ٻار يا نوجوان حتاڪه پوڙهو به سڄي رات جاڳي نٿو گذاري. موبائل يا ڪابه نئين ٽيڪنالاجي پهرين انگريزن آندي ۽ ڏٺي، باقي ان جو استعمال جنهن طريقي سان اسان شروع ڪيو آهي. اُهو انگريز مائي ٻاپ به ڇا ياد ڪندا؟، پر اُهي ڇو پرواهه ڪندا؟ ٻيڙو ته پنهنجو پاڻ اسان پيا ٻوڙيون، ڀلا اُنهن کي ڪهڙو نقصان ٿيندو؟
رات جو ماني کائڻ کانپوءِ اڌ منو ڪلاڪ سمهي، مون به تقريبن يارهين ساڍي يارهين وڳي سمهڻ جي ڪئي. بستري تي پاسا ورائيندي خبر ناهي ته ننڊ آئي به يا نه!؟ باقي رات جو تقريبن چئين وڳي ڌاري اک کلي وئي، ڇو جو دري کي لڳل شفاف پردن مان گذري اکين تي پوندڙ روشني، بي مهلو سجاڳ ڪري ڇڏيو. پاڻ کي روشني ۾ ننڊ اچي ڪونه ۽ ڪمري ۾ سڀ بتيون وسائي، پردا بند ڪري مڪمل اوندهه ڪري سمهڻ جا عادي، سو روشني جو حملو ڪامياب ويو ۽ پنهنجي اک کلي وئي. هونئن به اسين ڄاوا به اوندهه ۾ آهيون، پليا به اوندهه ۾ آهيون ۽ گهاريون به اوندهه ۾ پيا ۽ سچ پڇو ته اُن جا ايترا عادي ٿي ويا آهيون، جو روشني اسان کي ڪٿي ٿي ڀانءِ پوي؟ ۽ اسان جي زندگي ۾ ڪٿي ٿي نويد آڻي؟
ڌرتي ۽ سج جي لِڪ لِڪوٽي راند جو به پنهنجو نرالو انداز آهي. هاڻي هِتي هن وقت اَسر ٿي چڪو هو ۽ سج آهستي آهستي اُڀري روشني جو جلوو ڦهلائيندو پئي ويو. جڏهن ته پاڻ وٽ ان ٽائيم تي گهري اوندهه هوندي آهي. هتي جي مخلوق صبح نو جي شروعات ٿيڻ سان بيدار ٿيڻ لڳي هئي ۽ پاڻ کي وري بيوقتائتي بيداري پريشان ڪري رهي هئي. بهرحال سويل اک جو کُلي ويئي ته هاڻي ڇا ڪجي؟ وري به سمهڻ ۾ ئي پنهنجي بهتري ڀائيم، پر ٻيهر ننڊ ڪٿي ٿي اچي؟ هونئن به پاڻ کي اک کلڻ کانپوءِ ننڊ اچي ئي ڪونه. اهو شايد وڌندڙ عمر جي ڪري آهي يا طبيعتن (مزاجن) ائين آهي! بهرحال بستري تان اُٿي کڙو ٿيس. هٿ منهن ڌوئي تازو توانو ٿي اچي صوفه تي ويٺس، صبح جو سويل اخبار پڙهڻ جي ڪنهن زماني کان پراڻي عادت پيل آهي، سو نيٽ تي اخبار پڙهڻ شروع ڪيم. پنهنجي ديس جون اُهي ئي گٺل پيٺل خبرون چارون. سياستدانن جا ورجاءُ وارا گشا ۽ عوام کي فيض ۽ انهن جي خدمت ڪرڻ جا اُهي ئي ڏٽن ۽ ليکن وارا بيان، ڪرائم رپورٽون، قتل، چورين ۽ ڌاڙن جون خبرون، ڪارو ڪاري جا واقعا، عورتن تي ننڍين وڏين ڳالهين تي ٿيندڙ تشدد، معصوم ٻارن ۽ عورتن سان زوري زنا ۽ ٻيون انيڪ خبرون اخبار جون سرخيون بڻيل هيون. ننڍي هوندي کان اهي خبرون پڙهندي پڙهندي بزرگي واري عمر ۾ پهچي ويا آهيون، پر خبرون اُهي ئي جيڪي ڪالهه هيون ۽ اڄ تائين به نه بدليون. نه حالتون بدليون ۽ نه ماڻهن جي معيشت، امن ۽ آشتي ۾ بهتري آئي. انهن خبرن جا سچ پڇو ته هاڻي اهڙا عادي ٿي ويا آهيون جو اخبار ۾ جنهن ڏينهن تي اهڙيون خطرناڪ ۽ پرتشدد خبرون نٿيون هجن ته چئون ٿا “يار اڄ اخبار ۾ مزو ئي ناهي.”
اخبار پڙهي وري ٿوري دير فيس بڪ ڏٺم، اُتي جو جهان ئي وري ٻيو آهي. علم ادب ۽ ڄاڻ جون پوسٽون گهٽ ۽ فضول پوسٽون وري زياده. هر ڪو پنهنجي ٽائيم لائين تي پاڻ کي ڦني خان سمجهيو ويٺو آهي. اڻ پڙهيلن تي ته ميار ناهي، پر پڙهيل ڳڙهيل جن ۾ اديب، شاعر، سياسي ورڪر، ڊاڪٽر، انجنيئر ۽ پروفيسر وغيره اچي وڃن ٿا، فيوڊل سوچ مان ٻاهر نڪتا ئي ڪونه آهن، ڪنهن پوسٽ تي بجاءِ صحتمند بحث ۽ راءِ ڏيڻ جي هڪ ٻئي جي پٽڪي ڌوڙ ڪندي دير ئي نٿا ڪن. “تون مون کي حاجي چئو ته مان توکي گاجي چوان،” جي چوڻي جيان هرڪو پنهنجو حلقو ٺاهيو ويٺو آهي ۽ هڪٻئي جي ساراهه ۾ ڀلي اُهو لهندو ٽڪو به نه هجي. اهڙا قصيدا ٿا لکن، جو ويچاري مرزا غالب کي شاهي شان ۾ قصيدا لکڻ تي اسين هروڀرو مورد الزام ٺهرائيندا آهيون. فيس بڪ تي ڪجهه پنهنجيون ۽ ڪجهه پرايون پوسٽون ۽ انهن تي لائڪ ۽ ڪمينٽ ڏسي سوچيم ته هاڻي جڏهن سويل اُٿي ئي ويا آهيون ته پوءِ ڇو نه فليٽ کان ٻاهر نڪري رومفرڊ (لنڊن جو علائقو) جو جهان ڏسجي. سو سياري جي خنڪي سبب گرم پاڻي سان وهنجي سهنجي سياري وارا آٿر پائي، ناشتو پاڻي ڪري پاڻ نڪري آيا آهيون رومفرڊ جي رستن تي.