پارليامان جي عمارت ۾ ڇاهتر نائب انتظار ڪري رهيا هئا، ڪجهه کي مٿن تي عمامه (پڳڙيون) پاتل هيون، انهن مان ڪجهه مٿي تي طربوش (ڳاڙهي ڦندڻ واري ٽوپي) يا هيٽ، ڪيترائي حد درجي کان جذباتي “ابناءِ آدم” ته يورپي لباس پاتل هئا- يارهين وڳي ڊائيس تي وزيراعظم ايئن پهتو ڄڻ کيس ڪنهن ڦاهيءَ جي تختي تي چاڙهيو هجي، گهٽيل گهٽيل آواز ۾ مطالبو پڙهي ٻڌايو ۽ لنڊن جي زار جي حمايت جو ذڪر ڪيو ۽ پوءِ پنهنجي حڪومت جي فيصلي جو اعلان ڪيو ته مزاحمت نه ڪئي وڃي ۽ مطالبو منظور ڪيو وڃي ۽ آمريڪي کي عهدي تان هٽايو وڃي- يعني هڪ جملي ۾ طاقتن جي پيرن هيٺان چيڀاٽجڻ بجاءِ وري انهن جي سرپرستيءَ ۾ واپس موٽي وڃڻ گهرجي- خراب نتيجن کان بچڻ جي ڪوشش ڪرڻ لاءِ وزيراعظم کي صاف ۽ واضح اختيار ڏيڻ جي ضرورت آهي، جيتوڻيڪ هن اعتماد جي اظهار جي درخواست ڪئي ۽ نوابن کي ياد ڏيارڻ جي ڪوشش جو مطالبو ڪيو ۽ ان ڳالهه کي ورجايو ته مطالبي جو مدو اڌ ڏينهن تي ختم ٿي ويندو، وٽن وقت محدود آهي ۽ معاملي تي گهڻو بحث نٿو ڪري سگهجي، هو پنهنجي تقرير جي دوران پريشان نگاهن سان گئلري ۾ ويٺل مهمانن طرف ڏسندو رهيو، جتي مسٽر پوختيانوف ويٺل هو، جنهن کي اندر اچن کان روڪڻ جي ڪنهن ۾ به همت نه ٿي هئي-
جڏهن وزيراعظم واپس پنهنجي جاءِ تي اچي ويٺو ته نه نفرت آميز نعرا لڳا، نه ئي سندس واهه واهه ٿي، هڪ گهري خاموشي تاري هئي- پوءِ هڪ اعليٰ مرتبي وارو “سيد” اٿي بيٺو نبي جي اولاد مان ۽ شروع کان ئي هڪ جديديت پسند جنهن هميشه کان شوسٽر جي مشن جي حمايت ٿي ڪئي- سندس تقرير تمام مختصر هئي:
“شايد اها خدا جي مرضي هئي ته اسان جي آزادي ۽ اڳواڻي اسان کان زوريءَ کسي وڃي، پر اسان انهن اصولن کي پنهنجي هٿن مان پاڻ وڃڻ نه ڏينداسين-”
وري خاموشي ڇانئجي وئي ان کانپوءِ ساڳي طرز جي هڪ ٻي مختصر تقرير ٿي- مسٽر پوختيانوف ڏاڍي نمائشي انداز ۾ پنهنجي گهڙيءَ ۾ ڏٺو- وزيراعظم به کيس ڏٺو ۽ هن به پنهنجي کيسي مان گهڙي ڪڍي وقت ڏسڻ لاءِ گهڙيءَ کي ٿورو مٿي ڪيو- 12 ٿيڻ ۾ 20 منٽ باقي هئا- هو گهٻرايل نظر اچي رهيو هو ۽ پنهنجي ڇڙيءَ کي زمين تي هڻي ٺڪ ٺڪ ڪرڻ لڳو ڄڻ هو مطالبو ڪري رهيو هجي ته اڳتي وڌو ۽ ووٽ وجهو- چار نائب ڪو عذر ڏيکاري تيزيءَ سان ٻاهر نڪري ويا: باقي رهيل ٻاهتر ڄڻن “نه” چيو- زار جو مطالبو نامنظور- شوسٽر جي روانگي نامنظور- حڪومت جو موقف نامنظور- ان عمل سبب وزيراعظم کي مستعفي تصور ڪيو ويو ۽ هو پنهنجن سڀني اراڪين سوڌو ڌار ٿي ويو- پوختيانوف به اٿي بيٺو، جيڪا تار کيس سينٽ پيٽرز برگ موڪلڻي هئي، ان جو مضمون تيار ٿي چڪو هو-
ڳرو دروازو زور سان بند ٿيو ۽ ان جو آواز ڪافي دير تائين ڪمري جي خاموشيءَ ۾ ڦيرا کائيندو رهيو- نواب اڪيلو رهجي ويو هو- هو کٽي ويو هو، پر ان جيت جي خوشي ملهائڻ لاءِ سندس دل نه پئي چاهيو- اختيار سندس هٿ ۾ هو، ملڪ ۽ ان جو ڪمسن “دستور” مٿس منحصر هئا- هو ان اختيار جو ڇا ٿي ڪري سگهيو؟ هو ان مان ڇا ٿو حاصل ڪرڻ چاهي؟ کيس ڪا خبر نه هئي- اهو هڪ ناقابل يقين، ڏکوئيندڙ اجلاس هو ۽ ڪيترن ئي پهلوئن کان ته ٻاراڻو به هو، آهستي آهستي ڪنهن کي ڪو خيال ٿي آيو ته وري جلد ئي ان کي رد ڪيو ٿي ويو:
“جيڪڏهن اسان آمريڪا کي فوج موڪلڻ جي لاءِ چئون ته؟”
“اهي ڇو ايندا، اهي ته روس جا دوست آهن- ڇا اهو صدر روز ويلٽ نه هو جنهن زار ۽ ميڪاڊو ۾ ٺاهه ڪرايو هو؟”
“پر شوسٽر هتي آهي هو ان جي مدد ڪرڻ نه چاهيندو؟”
“شوسٽر ايران ۾ بيحد مقبول آهي، پر پٺيان سندس پنهنجي ئي وقت ۾ کيس ڪير ٿو سڃاڻي؟ آمريڪي سربراهه کي سمجهه ۾ ئي ڪونه ايندو ته هو ڇو لنڊن ۽ سينٽ پيٽرز برگ جي مخالف طرف آهي-”
اسان کين ريلوي جي تعمير جي تجويز پيش ڪري سگهون ٿا- شايد اها کين اسان جي مدد ڪرڻ لاءِ اڀاري-”
“۽ ترڪ؟ المان؟ جاپاني ڇو نه، ڇا انهن روسين کي منچوريا ۾ چيڀاٽي نه ڇڏيو هو؟” اوچتو ئي ڪرمان جي هڪ نوجوان نائب غير يقيني مرڪ سان تجويز پيش ڪئي ته ايران جو تخت ميڪاڊو (جاپان جي شهنشاهه جو لقب) کي پيش ڪيو وڃي، جنهن تي فاضل هٿن مان نڪري ويو:
“اسان کي آگاهه هجڻ گهرجي، هميشه هميشه لاءِ، ته اسان اصفهان جي ماڻهن کي به منٿ نٿا ڪري سگهون! جيڪڏهن اسان کي وڙهڻو آهي ته اهو تهران ۾ ئي ٿيندو، تهران جا ماڻهو ۽ اهي هٿيار جيڪي هن وقت گاديءَ جي هنڌ ۾ موجود آهن، انهن کان ئي ڪم وٺڻو پوندو- جيئن ٽي سال اڳ تبريز ۾ ٿيو هو- اسان سان وڙهڻ لاءِ هڪ هزار قزاق نه بلڪه 50 هزار موڪليا ويندا اسان کي خبر هجڻ کپي ته اسان کٽڻ جي معمولي امڪان کان بنا وڙهنداسين-”
جيڪڏهن اها ڳالهه ڪو ٻيو چوي ها، ته مٿس ان مايوس ڪندڙ تقرير جا الزام شروع ٿي وڃن ها، پر جيئن ته اها ڳالهه ڪرڻ وارو تبريز جو دلير چئي رهيو هو، “ابناءِ آدم” جو سڀ کان باوقار ميمبر، انهن لفظن جي ساڳي معنيٰ وٺڻ جي ڪوشش ڪئي وئي جيڪا حقيقت ۾ هئي- بي رحم حقيقت جو اظهار- ان کانپوءِ مزاحمت جو واعظ ڪرڻ مشڪل هو، پر فاضل بلڪل اهو ئي ڪيو-
“جيڪڏهن اسان وڙهڻ لاءِ تيار آهيون ته مڪمل طور تي اها ويڙهه مستقبل جي لاءِ هوندي- ڇا ايران اڄ به امام حسين کي جيءَ ۾ جايون نٿو ڏئي؟ پر هن شهيد صرف هڪ هارايل ويڙهه جي اڳواڻي ڪئي هئي- کيس شڪست ٿي، کيس چچريو ويو ۽ قتل ڪيو ويو، پر هي اهو ئي آهي جنهن کي اسين انتهائي عزت ۽ احترام سان ياد ڪريون ٿا ۽ جيءَ ۾ جايون ڏيون ٿا- ايران جي قدرن تي جيڪڏهن ايمان رکون ٿا ته ان کي خون جي ضرورت آهي- اسين ٻاهتر ڄڻا آهيون، تعداد ۾ اوترائي جيترا حسين جا ساٿي هئا- جيڪڏهن اسان کي موت آيو ته اها ساڳي پارليامان هڪ زيارت گاهه بڻجي ويندي ۽ جمهوريت صدين تائين اوڀر جي سر زمين ۾ پاڙون پڪيون ڪري وٺندي-” انهن سڀني اعلان ڪري ڇڏيو ته مرڻ لاءِ تيار آهن، پر اهي مئا ڪونه- ايئن نه هو ته انهن پنهنجي مقصد سان غداري ڪئي هئي يا ان کي ڪمزور ڪيو هو، پر بلڪل ان جي ابتڙ هنن شهر جي دفاع ۽ رضاڪارن جي تنظيم جي، خاص طور تي “ابناءِ آدم” هڪ وڏي تعداد ۾ جمع ٿيا ۽ پاڻ کي پيش ڪيو، جيئن تبريز ۾ ٿيو هو- پر ان جو ڪو نتيجو حاصل نه ٿيو- ملڪ جي اتر تي حملي ڪرڻ کانپوءِ زار جا سپاهي هاڻي گاديءَ واري هنڌ طرف وڌڻ لڳا هئا- صرف برفباري سندن رفتار کي ٿورو سست ڪري ڇڏيو هو-
24 ڊسمبر تي معزول وزيراعظم طاقت جي استعمال سان هڪ ڀيرو ٻيهر اقتدار تي قبضو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو- قزاق، بختياري قبيلا، فوج ۽ پوليس جي هڪ اهم دستي جي مدد سان هو گاديءَ جي هنڌ جو مالڪ بڻجي ويهي رهيو ۽ پارليامان کي منسوخ ڪرڻ جو اعلان ڪرائي ڇڏيو- ڪيترن ئي نوابن کي گرفتار ڪيو ويو- جيڪي تمام گهڻا متحرڪ هئا، جن ۾ فاضل سڀ کان اڳرو هو ان کي جلاوطني جي سزا ٻڌائي وئي-
نئين حڪومت جو پهريون ڪم زار جي مطالبي جي شرطن کي سرڪاري طور قبول ڪرڻ هو- هڪ مهذب انداز سان خط ذريعي شوسٽر کي اطلاع ڏنو ويو ته خزانچي جي حيثيت سان سندس ذميدارين کي ختم ڪيو ويو آهي- کيس ايران ايندي صرف اٺ مهينا ٿيا هئا، اهي اٺ مهينا ڏاڍا جوش ڏياريندڙ ۽ مٿي ڦيرائڻ جهڙا هئا، هن لڳ ڀڳ اوڀر جي صورت تبديل ڪري ڇڏي هئي-
11 جنوري 1912ع واري ڏينهن شوسٽر کي نهايت عزت ۽ احترام سان رخصت ڪيو ويو، صفا ننڍي عمر واري شاهه پنهنجي ذاتي ڪار کيس استعمال ڪرڻ لاءِ ڏني ۽ پنهنجو هڪ فرانسيسي شوفر موسيو وارلي به کيس ڏنو جيڪو کيس اينزلي بندرگاهه تائين پهچائي آيو- اسان مان ڪيترائي اتي موجود هئا، پرڏيهي ۽ ايراني، جيڪي کيس الوداع چوڻ آيا هئا، ڪيترائي سندس رهائشگاهه جي سامهون ۽ ٻيا رستي جي ٻئي ڪناري تي بيٺل هئا- ڪو هنگامو ڪونه ٿيو، صرف هزارين هٿن انتهائي احتياط سان اشارن ۾ کيس الوداع چيو مردن ۽ عورتن جا ڳوڙها ۽ اڻ ڄاڻ ماڻهن جو هڪ هجوم جيڪي هڪ ٺڪرايل عاشق وانگر روئي رهيا هئا- سڄي رستي ۾ صرف هڪ غير اهم واقعو پيش آيو: جڏهن ڪاروان گذري رهيو هو ته هڪ قزاق هڪ پٿر کنيو ڄڻ ته هو هاڻي ان آمريڪيءَ مٿان اڇلائڻ وارو هو، مون کي يقين ناهي ته هن ان تي ڪو عمل ڪيو هوندو-
جڏهن ڪار “بابِ قزوين” جي پٺيان لڪي وئي، مان ٿورو پري تائين چارلز رسل سان گڏ پنڌ ڪيو- ان کانپوءِ اڪيلو ئي پنهنجي راهه تي پنڌ ڪندو شيرين جي محل طرف روانو ٿيس-
مون کي يقين ناهي ته مان سندس ان بي ساخته لهجي ۾ چيل ان ڳالهه کي درست سمجهي سگهيو آهيان يا نه- هن پاڻ ئي تشريح ڪري ڇڏي-
“اڄ مان سوچيان ٿي ته جيڪڏهن هن ڪڏهن به اسان جي ملڪ ۾ قدم نه رکيو هجي ها ته ڇا اهو وڌيڪ بهتر نه هجي ها-”
مون کيس خوف مان ڏٺو-
“اها ڳالهه تون چئي رهي آهين!”
“ها، اها مان آهيان، شيرين، جيڪا اهو چئي رهي آهيان- مون آمريڪي جي اچڻ تي تاڙيون وڄايون هيون، مون، جنهن هن جي هر هر عمل جي حمايت ڪئي هئي، مان کيس نجات ڏياريندڙ جي روپ ۾ ڏسي رهي هئس- هاڻي مان ان تي افسوس جو اظهار ڪيان ٿي ته هو پنهنجي ملڪ آمريڪا ۾ ئي ڇو نه رهيو-”
“پر هن ڪهڙو غلط ڪم ڪيو؟”
“ڪجهه نه- بس اها ئي سندس ايران کي نه سمجهڻ واري ڳالهه جو سڀ کان وڏو ثبوت آهي-”
“جيڪڏهن وزير حق تي هجي ۽ شاهه غلطي تي، زال درست هجي ۽ مڙس درست نه هجي، سپاهي صحيح ۽ آفيسر غلط، ته ڇا انهن کي ٻيڻي سزا ناهي ملندي؟ ڪمزورن جي نظر ۾، صحيح هجڻ غلط آهي- روسين ۽ انگريزن جي مقابلي ۾، ايران ڪمزور آهي ۽ ان کي ڪمزورن جو طور طريقو ڄاڻڻ گهرجي ها-”
“ابد تائين؟ ڇا ايران کي سجاڳ نه ٿيڻ گهرجي ۽ هڪ جديد رياست تعمير نه ڪرڻ گهرجي، پنهنجي عوام کي تعليم نه ڏيڻ گهرجي ۽ خوشحال باعزت قومن جي برادريءَ ۾ شامل نه ٿيڻ گهرجي؟ شوسٽر ان جي لاءِ ئي تي ڪوشش ڪري رهيو هو-”
“ان لاءِ مان کيس سوين سلام پيش ڪريان ٿي- ان جي باوجود مان اهو سوچڻ کان خود کي روڪي نٿي سگهان ته جيڪڏهن هو گهٽ ڪامياب ٿئي ها ته اڄ اسان ان قابل افسوس حالت ۾ نه هجون ها جو اسان جي جمهوريت تباهه ٿي چڪي آهي ۽ اسان جو ملڪ حملي هيٺ آهي-”