نئون

لاڙڪاڻي جي 9 سالن جي نينگري سان زيادتي ۽ قتل خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ جو پاڻ مرادو نوٽيس

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ پاران 9 سالن جي نينگري جي زيادتي ۽ قتل جو پاڻ مرادو نوٽيس وٺي ڇڏيو. جنهن بعد سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ڏانهن خط لکي ڪيس جا تفصيل گهري ورتا آهن. ان کان علاوه لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي به هدايت ڪئي آهي ته هو 7 مئي تي ڪورٽ آڏو حاضر ٿي پنهنجي رپورٽ جمع ڪرائي. خبرن موجب لاڙڪاڻي پوليس پاران 27 ملزمن کي ڪيس ۾ شامل قرار ڏنو آهي، جنهن کان علاوه ايس ايس پي جي نگراني ۾ 11 ميمبرن تي ٻڌل ڪميٽي پڻ جوڙي آهي جيڪا تفتيش ڪندي. خبرن موجب تفتيش دوران ٻن ملزمن پاران اقرار ڪيو ويو آهي ته هنن نينگري کي زيادتي جي نيت سان اغو ڪيو هو پر پوليس پاران انهن ٻنهي جا نالا ظاهر نه ڪيا ويا آهن ۽ نه ئي انهن پاران اقرار نامي کي غلط قرار ڏنو آهي.