برف وانگر رجي وڃڻ واري بوتل تيار
پلاسٽڪ مان ٺهيل بوتلون پوري دنيا لاءِ ۽ خاص طور سمنڊ لاءِ خطرو بڻجي ويون آهن. جڏهن ته اهي بوتلون سوين سال گذرڻ بعد به ختم نه ٿينديون آهن ۽ سمنڊ جي جانورن سان گڏ انسانن لاءِ به خطرو هونديون آهن، جنهن جي جواب ۾ هاڻي اسڪاٽ لينڊ جي هڪ ماهر جيمز لونگ ڪرافٽ پاران خاص ڪاغذ مان هڪ اهڙي بوتل ٺاهي ورتي آهي جيڪا استعمال بعد ٽن هفتن کانپوءِ برف وانگر رجي ويندي. هن قسم جي بوتل کي بايو ڊيگريڊيبل مٽيريل سان ٺاهيو ويو آهي، جيڪو مڪمل طور تي واٽر پروف آهي. هن قسم جي بوتلن جي استعمال سان پلاسٽڪ جي بوتلن جي گندگي جي ڍير جمع ٿيڻ جو مسئلو ختم ٿي سگهي ٿو. پلاسٽڪ جون بوتلون سامونڊي حيات لاءِ وڏو خطرو بڻجي ويون آهن. ماهرن جو چوڻ آهي ته ايٽلانٽڪ سمنڊ ۾ ٽيڪساس شهر جي رقبي جيتري پلاسٽڪ جي گندگي موجود آهي. جيمز پاران ٺاهيل هي بوتل هڪ مهيني اندر ختم ٿي سگهي ٿي. جڏهن ته پلاسٽڪ جي بوتل 450 سالن تائين به پاڻي ۾ موجود رهندي جنهن کي اتان هٽائي نٿو سگهجي، ڇو ته سمنڊ تمام وڏو آهي.