نئون

پاڻي ڪميشن پاران ڪراچي جا فوٽ پاٿ صاف ڪرڻ جو حڪم

سپريم ڪورٽ جي پاڻي ڪميشن پاران ڪراچي جي ميونسپل جي اداري کي شهر جا فوٽ پاٿ 15 ڏينهن اندر اڏاوتي ملبي کان صاف ڪرڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو آهي. ڪميشن جي سربراهه جسٽس امير مسلم هاني پاران سڀني ميونسپل ڪميٽين کي چيو ويو آهي ته جيڪڏهن انهن مقرر وقت اندر صفائي نه ڪرائي ته انهن کي وضاحت ڏيڻ لاءِ سمن ڏيئي گهرايو ويندو.  ڪميشن پاران سنڌ جي چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي وئي ته اها سڀني ڪميٽين جي عهديدارن سان ملي ڪري ان صفائي جي عمل کي مڪمل ڪرائي. واضح رهي ته ڪراچي شهر اندر گندگي جي ڍيرن کان علاوه ڪيترن ئي هنڌن تي اڏاوتي ملبي جا ڍير پڻ پيا آهن جنهن سبب عوام کي تمام گهڻيون تڪليفون ڏسڻيون پئجي رهيون آهن، جنهن جي صفائي جو ڪم اتان جي ڊي ايم سيز، ڪي ايم سيز، ڪينٽونمينٽ بورڊ ۽ ريلوي ڊپارٽمينٽ جي ذميواري آهي.