ڪچي جو ڌاڙيل سنڌ ۽ ڏکڻ پنجاب جي لاءِ ڏهاڪن کان خطرو بڻيل آهي. ڪچي جو علائقو سنڌو درياءَ جي ٻنهي ڪنارن تي پکڙيل ان زمين کي چيو ويندو آهي، جيڪا ڪڏهن پاڻيءَ جي اندر به هوندي آهي ته ڪڏهن ٻاهر، جنهن کي درياءَ جو ڪپ به سڏجي ٿو. اهو گهڻو ڪري غير آباد، ڏورانهون ۽ قانون جي گرفت کان پري رهندڙ علائقو هوندو آهي.
مختلف وقتن ۾ ڪچي جا ڌاڙيل منظم طريقي سان سماج جي مٿان اثرانداز ٿيندا رهيا جنهن جي ڪري انهن جو خوف هميشه مختلف علائقن ۾ مختلف وقتن تي عوام جي دلين ۾ دهشت طاري ڪندو رهيو آهي. 1970ع کان 1980ع ڌاري منظم ڌاڙيلن جو دور رهيو. جنهن ۾ تيوڻو گروهه، انڍڙ گروهه ۽ جتوئي، تيغاڻي گروهه وغيره پنهنجا جٿا ٺاهي اغوا براءِ تاوان يا مال ڦري ويندا هئا.
ان کانپوءِ هڪ دور آيو جنهن ۾ ڌاڙيلن وٽ جديد هٿيار پهچي ويا. هن وقت به جيڪي ڌاڙيل ڪچي ۾ موجود آهن انهن سان پوليس اڃان تائين مقابلو ڪري مڪمل طور تي انهن علائقن کي ڌاڙيلن کان پاڪ ۽ صاف نه ڪري سگهي آهي. ڪچي جي ڌاڙيلن وٽ هن وقت جديد هٿيارن ۾ ڪلاشنڪوف، راڪيٽ لانچر، واڪي ٽاڪي جهڙيون سهولتون موجود آهن، جنهن سان هو هڪٻئي سان رابطا ڪري هڪٻئي کي خبردار ڪري پنهنجي نيٽورڪ کي مضبوطي سان هلائي رهيا آهن. نه صرف ايترو بلڪه هن وقت ڌاڙيلن پنهنجي گينگن ۾ اهڙا فرد به شامل ڪيا آهن جيڪي عورتن جو آواز ڪڍي شهري ماڻهن کي هني ٽريپ ڪري انهن کي شهرن مان اغوا ڪرائي انهن کان ڀنگ وٺڻ لاءِ پاڻ وٽ مهينن جا مهينا مغوي طور رکن ٿا.
هن وقت جيئن ته پنجاب ۾ ٻوڏ واري صورتحال موجود آهي ۽ سنڌ جي دريائن ۾ به پاڻي تمام گهڻو اچي رهيو آهي ۽ ممڪن آهي ته سنڌ جي ڪچي وارن علائقن ۾ به ٻوڏ جهڙي صورتحال پيدا ٿي وڃي. ان لاءِ اهو چئي سگهجي ٿو ته حڪومت وٽ ڌاريلن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ۽ انهن کي ضابطي هيٺ آڻڻ لاءِ هي هڪ تمام سونهري موقعو آهي جنهن مان حڪومت ڀرپور فائدو حاصل ڪري انهن قانون کان منحرف ٿيل ماڻهن کي قانون هيٺ آڻڻ جي ڪوشش ڪري سگهي ٿي.
جيئن ته ٻوڏ سڄي ڪچي کي متاثر ڪري ٿي ان ڪري يقينن ڪوبه اهڙو حصو نٿو بچي جنهن ۾ ڌاڙيلن جا ٺڪاڻا محفوظ رهي سگهن. هن وقت پوليس، رينجرز ۽ فوج کي اڳواٽ ئي انهن روٽس تي مقرر ڪيو وڃي، ڊرون ۽ سيٽلائيٽ ٽيڪنالاجي استعمال ڪري ڪچي جي آسپاس جي سڀني روڊن، گذرگاهن کي سيل ڪيو وڃي. ٽيڪنالاجي جو استعمال سڄي دنيا جي هر شعبي ۾ تمام گهڻو تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي.
خبر ناهي ته اسان جي حڪومت پوليس کي اهي سڀئي مددگار ٽيڪنالاجي جون سهولتون ڏنيون آهن يا نه جنهن سان پوليس فضائي سروي ڪري ڊجيٽل ميپنگ ذريعي ڌاڙيلن جا رستا ۽ پناهه گاهون سڃاڻي سگهي. ان کان علاوه پوليس جي اندر جاسوسي نيٽورڪ به تمام گهڻو ڪارگر ثابت ٿي سگهي ٿو جنهن سان اهي اتان جي مقامي ماڻهن کان ڌاڙيلن جي باري ۾ معلومات حاصل ڪري سگهن ٿا.
جيئن ته پوليس کي ڪچي ۾ ويندڙ ۽ ڪچي کان ٻاهر نڪرڻ جي رستن جي ڄاڻ هوندي آهي، انهن کي بلاڪ ڪرڻ جي ضرورت آهي. اتي وقت کان اڳ ئي چيڪ پوسٽون قائم ڪري ڌاڙيلن کي فرار ٿيڻ جو رستو نه ڏنو وڃي. هونئن به ڌاڙيل عام صورتحال ۾ ته تمام گهڻو طاقت جو مظاهرو ڪري ٿو، پر جڏهن سندن رهائش گاهون ٻوڏ جي صورتحال ۾ تباهه ٿي وڃن ٿيون، وٽن هٿيار، بارود، راشن ۽ بجلي جي اڻ هوند ٿئي ٿي ته اهي قانون جي آڏو پيش پوڻ ۾ دير نٿا ڪن.
سنڌ حڪومت جي وزير داخلا ضياءُ الحسن لنجار به ڪچي جي علائقي ۽ سامونڊي پٽيءَ ۾ ٻوڏ واري صورتحال کي پيش نظر رکندي ڌاڙيلن کي قانون آڏو هٿيار ڦٽا ڪرڻ لاءِ چيو آهي. قانون واري وزير ۽ وزير داخلا ضياءُ الحسن لنجار جي صدارت هيٺ ڪچي جي مانيٽرنگ ڪميٽي جو پهريون اعليٰ سطحي اجلاس اٺين تاريخ تي منعقد ٿيو، جنهن ۾ ڪچي جي علائقي جي صورتحال سميت جاري ڌاڙيلن خلاف آپريشنن جا تفصيل ۽ حڪومتي حڪمت عملي تي غور ڪيو ويو.
اجلاس کي اي آءِ جي آپريشن سنڌ زبير نظير شيخ ڪچي جي علائقي ۾ امن امان جي صورتحال ۽ آپريشنن جي حوالي سان دستياب ۽ گهربل وسيلن بابت بريفنگ ڏني. هن چيو ته ڌاڙيلن خلاف ڪامياب آپريشن ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته پوليس کي جديد هٿيارن ۽ ٽيڪنالاجيءَ سان ليس ڪيو وڃي. ان کان علاوه پوليس کي محفوظ گاڏيون ڏنيون وڃن، جيڪي حڪومت کي پوليس کي جلد کان جلد مهيا ڪرڻ گهرجن.
وزير داخلا جو چوڻ هو ته جيڪڏهن ڌاڙيل پرامن طور پنهنجا هٿيار حڪومت جي آڏو ڦٽو ڪن ٿا ته کين مشروط طريقي سان اهو ڪم ڪرڻو پوندو. جيڪڏهن انهن کي هٿيار ڦٽا ڪرڻا آهن ته اهي قانون جو سهارو وٺن، ڇو ته سنڌ پوليس گذريل ستن مهينن کان ڪچي ۾ ڪامياب آپريشن ڪري رهي آهي. بهرحال اها هڪ سٺي ڳالهه ٿيندي ته ڌاڙيلن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ بغير ڪنهن رتوڇاڻ جي آندو وڃي ۽ پوءِ انهن جي ريهيبيليٽيشن ڪري جيڪڏهن انهن کي ٻيهر هڪ بهتر زندگي گذارڻ جو آغاز ڪرڻ لاءِ موقعو فراهم ڪيو وڃي ته تمام سٺي ڳالهه آهي، پر ان جي لاءِ ضروري آهي ته جن ڌاڙيلن تمام وڏا ڏوهه ڪيا آهن انهن کي قانون تحت سزائون ڏنيون وڃن ۽ انهن کانپوءِ انهن کي بحال ڪرڻ جي لاءِ ڪو پروگرام ٺاهيو وڃي ته جيئن معاشري ۾ پکڙيل خوف ۽ حراس واري صورتحال گهٽ ٿي سگهي.
ڪچي جو ڌاڙيل هن وقت اسان جي سڄي سماج جي اعصابن مٿان طاري آهي، ان ڪري ضروري آهي ته انهن جي گروهن کي ٽوڙيو وڃي، انهن جي اندر قبائلي تڪرارن جو ڪو حل ڪڍي انهن کي هڪ نارمل زندگيءَ ڏانهن وڌڻ جو موقعو ڏنو وڃي. جيڪڏهن کين معاشي مدد جي ضرورت آهي ته اها به حڪومت جو فرض آهي ته انهن کي زمينن جا ڪجهه ٽڪرا ڏئي پنهنجي معاشي حالت کي بهتر ڪرڻ جي لاءِ امداد ڏئي انهن سان معاهدا ڪري ته اهي اڳتي جي لاءِ قانون مطابق پنهنجي زندگي گذاريندا. جيڪڏهن ايئن ٿي وڃي ته پوءِ اها ٻوڏ خوش آئند چئبي.