بلاگنئون حڪومتي سطح تي ٻوڏ کان بچڻ جا اڻپورا انتظام ۽ دربدر ٿيندڙ عوام September 10, 2025 Zahida Abro ٻوڏ متعلق وڏڙن کان ٻڌل ڳالهين کان علاوه رڪارڊ ڪيل انگن اکرن مان معلوم ٿئي ٿو ته اسان 1948 کان ٻوڏ جون تباهڪاريون ڏسندا پيا اچون. ڪيترا ته اڃان تائين اهو سوال ٿا پڇن ته اسان ڪھڙو ڏوھ ڪيو آهي؟ جو ڪڏهن طوفان، ڪڏهن برساتون ته ڪڏهن ٻوڏن جا وهڪرا اسان کي تباھ ڪري رهيا آهن!انهن جو سوال بنيادي سطح جو آهي جنھن کي مختصر انداز ۾ سمجهڻ جي ڪوشش ڪجي ته اهوئي چوڻ ڪافي ٿيندو ته ٻوڏ هڪ قدرتي آفت آهي جنهن ۾ پاڻي پنهنجي عام حدن کان نڪري وڃي ٿو ۽ زمين جي وڏين ايراضين کي ڍڪي ڇڏيندو آهي، اهي سڀ ڳالهيون اسان پڙهي آيا آهيون ته جڏهن گهڻو ۽ تيز مِينهن وسندو آهي ته زمين پاڻي جذب نه ڪري سگهندي آهي، جنهن سبب پاڻي وهڻ شروع ڪري ٿو ۽ ٻوڏ اچي ٿي ۽ دريائن، نالن يا واهن ۾ پاڻي جي سطح وڌي وڃي ٿي ته اهي پنھنجي ڪنارن کان ٻاهر وهڻ لڳن ٿا ٻيو ته گرميءَ جي موسم ۾ جڏهن جبلن تي پيل برف تيزيءَ سان ڳري ٿي ته اهو پاڻي دريائن ۾ وڌي ويندو آهي ۽ ٻوڏ جو سبب بڻجي سگهي ٿو يا وري ڊيم يا بند ڀڄي پون يا ٽيڪنيڪل طور ناڪام ٿي وڃي ته هڪ وڏي مقدار ۾ پاڻي اوچتو ٻاهر نڪري اچي ٿو، جيڪو تباهي آڻي سگهي ٿو. حقيقت اها آهي ته پاڻيءَ جون پنهنجون قدرتي ۽ فطري گذرگاهون هزارن سالن کان آهن، جن کي هو ڪڏهن تبديل ڪندي هڪ رستي کان ٻئي رستي تي مڙي ويندو آهي. آباديءَ جي وڌڻ جي ڪري انسان به مجبور آهي جو اهو پاڻيءَ جي گذرگاهن جي مٿان پنهنجون بستيون ٺاهي آباد ٿي ويٺو آهي. ان ۾ اسان جي حڪومتن جو به ڏوهه آهي جو اهي اهڙين بستين کي بنا ڪنهن پلاننگ جي وڌڻ ۽ ويجهڻ ڏين ٿيون. پوءِ جڏهن گهڻي برسات ٿئي ٿي، دريائن ۾ پاڻي ٻوڏ آڻي ٿو ته پوءِ پاڻي شهرن ۾ گهڙي اچي ٿو ۽ اربن فلڊنگ جي صورتحال پيدا ٿئي ٿي. اهڙي صورتحال ۾ اسين حڪومت جي مٿان وڌيڪ ذميداري وجهنداسين جن کي 2010ع کان وٺي 2025ع تائين مون سون جي برساتن جي پاڻيءَ ۾ واڌ کي مئنيج ڪرڻ جي صلاحيت پيدا نه ٿي سگهي آهي ۽ برساتن دورن شهرن ۾ نيڪال جو نظام صحيح نه هجڻ ڪري به مينھن جو پاڻي گڏ ٿي ٻوڏ جي صورت اختيار ڪندو آهي. جهڙو تازو ڪراچيءَ ۾ ٿيو، پر هن وقت اها صورتحال پوري سنڌ جي آهي. تازو 2025 جون کان جاري ٿيل مون سون ۾ سخت برساتن سبب اوچتو پاڻيءَ جا تيز وھڪرا ٻوڏ جي صورت اختيار ڪري ويا. تيز ايندڙ وھڪرن ڀارت ۽ پاڪستان جي پنجاب جي علائقي ۾ تباهي مچائي ڇڏي آهي. اھڙي صورتحال ۾ ڏيڍ لک کان وڌيڪ ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي. پنجاب ۾ ڇهن ضلعن ۾ آرمي متعين ڪئي وئي آهي. اسان 1948 کان ايندڙ ٻوڏن جو جائزو وٺنداسين ته اها ڳالھ پڌري پٽ نظر ايندي ته هن وقت حڪومت اڳواٽ انتظام ڪرڻ ۾ ناڪام ثابت ٿي آهي. ان سلسلي ۾ ورتل انگن اکرن جو جائزو وٺنداسين ته سنڌ ۾ 1948 کان 1995 تائين رڪارڊ موجب، پاڪستان سميت سنڌ ۾ تقريبن 20 وڏيون ٻوڏون ڄاڻايل سالن دوران آيون جھڙوڪ 1950، 1955، 1956، 1957، 1959، 1973، 1975، 1976، 1978، 1988، 1992، 1994، ۽ 1995 ۾ پيش آيا انهن مان 1973 جي ٻوڏ پنجاب ۽ سنڌ ۾ سنگين تباهي ڪئي هزارين ماڻهن جي لڏپلاڻ ٿي، زراعت جو وڏو نقصان ٿيو. 1992 دوران سنڌ ۽ بلوچستان ۾ وڏي برسات ۽ دريائن جي اُڀار سبب ڪيترا علائقا ٻڏي ويا. مڃجي ٿو ته ماضيءَ جي ٻوڏن وقت ملڪ جي ٻين صوبن ۾ به نقصان ٿيو هو، پر نقصان ۾ سنڌ وڏي حصي ۾ شامل رهي آهي. خاص طور تي 1973، 1988 ۽ 1992 دوران 1973 ۽ 1976 جي تباهي ڪندڙ ٻوڏن بعد، پاڪستان حڪومت کي محسوس ٿيو ته ملڪ ۾ موثر انتظام جي ضرورت آهي. تنهن ڪري 1977 ۾ فيڊرل فلڊ ڪميشن قائم ڪئي وئي، جيڪا سڄي ملڪ ۾ ٻوڏ بچاءُ جي روڪٿام لاءِ ذميوار رهي .ان کان علاوه حڪومت ۽ بين الاقوامي تنظيمون گڏجي موسمي خطري کي وڌيڪ سمجهڻ ۽ پاليسي ٺاهڻ لاءِ ڪم ڪرڻ لڳيون، پر عمل ٿي نه سگهيو، جنھن ڪري 1950 کان 1995 دوران، سنڌ ۾ ڪيترو ئي نقصان ٿيو جن زمينون ٻوڙي ڇڏيون. هزارين ماڻهون پنهنجون زندگيون وڃائي ويٺا ۽ ڳوٺ متاثر ٿيا. ان بعد سنڌ حڪومت اکيون پٽيون. 1977 ۾ فيڊرل فلڊ ڪميشن قائم ٿيڻ سان مرڪزي سطح تي ٻوڏ انتظام شروع ٿيو. ان کان علاوه، بئراجن جهڙا ڍانچا تيار ڪيا ويا. جاچ بعد معلوم ٿئي ٿو ته ٻوڏن دوران سرڪار وٽ هيل جيان ڳالهيون وڏيون، پر بچاءُ جا انتظام ناقص هئا. پاڻي آيو، فصل، ڳوٺ، ماڻهو لڙهندا رهيا، حڪومت صرف انگن اکرن جي ڳالهه ڪندي رهي.1973، 1988،1992 جي ٻوڏن بعد رپورٽون ته آيون، پر منصوبابنديءَ سان ڪڏهن ڪم نه ٿيو جيڪو فقط فلڊ انڪواري رپورٽس جون فائيلون جمع ٿيڻ وڏو ڪم سمجهو ٿي ويو. اهوئي سبب آهي جو ايندڙ ٻوڏن تباهي نه، پر ترقياتي ادارن لاءِ هڪ پراجيڪٽ طور سامهون ايندا رهيا آهن. عوام روئندو رهي، تصويرون اينديون وڃن ۽ ڊونر اڪائونٽ ڀرجي ويندا. اها ڪارڪردگي جيڪا اخبارن جي رڪارڊ تان معلوم ٿئي ٿي، ڇو جو ٻوڏن کي به هاڻ ترقياتي پراجيڪٽ وانگر ڏٺو وڃي ٿو.2010 ۽ 2022 جهڙين تباهين بعد به سنڌ جهڙا علائقا ساڳين حالتن ۾ رهيا انهن حالتن کي ڏسي ڪنهن چيو ته “پوءِ اسان هيترن سالن گذري وڃڻ بعد ڇا سکيو آهي؟ جيڪڏهن حڪومتي اهلڪار فقط فوٽو ڪڍرائي ٻوڏ کي دستاويزي فلم ڪري پيش ڪندا ته نتيجا ساڳيا ئي رهندا. Post Views: 154