زنده قومون هميشه پنهنجي قديم ورثي جي حفاظت ڪنديون آهن، آڳاٽي شين جي سنڀال سان گڏ پراڻين جاين کي اصلوڪي حيثيت ۽ اصلوڪي نموني ۾ برقرار رکي، زنده قومون شاهدي ڏينديون آهن ته اسان ڪيترا نه مهذب آهيون ۽ پنهنجي تاريخ کي محفوظ بنائڻ لاءِ ڪيترا نه اُپاءُ وٺي رهيا آهيون. شڪارپور منهنجو جنم ڀومي شهر آهي، جيڪو مختلف روايتن موجب چئن صدين جي تاريخ تي مشتمل آهي. انهن چئن صدين ۾ هن شهر جو الائجي ڇا ڇا وڃائي چُڪو آهي. مان جڏهن پنهنجي شهر جي اٺن دروازن جو چڪر هڻان ٿو ته قديم جايون ۽ تاريخي ماڳ پنهنجي اصلوڪي روپ ۾ موجود نٿا ملن، پر پنهنجي موجوده حالت ۾ اسان جو ڌيان پاڻ ڏانهن ضرور ڪرائين ٿا ته اسان توجهه جي طلب ڪري رهيا آهيون. اسان ڏانهن رحم واري نظر ڪئي وڃي ۽ اسان کي محفوظ بڻايو وڃي. ساڳي حالت شڪارپور ۾ نصب ٿيل مختلف جاين، مسجدن، ماڳن ۽ مڪانن ۾ تاريخي ڪتبن جي به آهي، مختلف دورن جي تاريخ کي پنهنجو پاڻ نروار ڪرڻ وارا هي ڪتبا گهڻي ڀاڱي ڀَڄي ۽ ڀُري پيا آهن ته ڪي وري ٽٽي پيا آهن، ڪي ڪتبا مڪمل ختم ته ٿي ويا، پر ڪنهن جي به رحم واري نگاهه ۾ اچي نه سگهيا. موجوده دور ۾ ته ڪتبن جي روايت گهڻي ڀاڱي ختم ٿي چُڪي آهي، نه ڪي قطعه نا وري ڪي حقيقتون لکي ڪتبا ٺهرائي نصب ڪرايا وڃن ٿا، نه وري پراڻن لڳل ڪتبن کي محفوظ بڻايو وڃي ٿو. حالانڪه اها روايت شڪارپور ۾ ايتري پراڻي آهي جيتري خود شڪارپور پراڻي آهي. مون قديم کان قديم ڪتبا شڪارپور ۾ ڏسي اهو اندازو لڳايو آهي ته قديم قومن جيان پنهنجي تاريخ ۽ تذڪري کي محفوظ ڪرڻ جو شڪارپور ۾ به ايترو ئي رواج عام هو جيترو دنيا جي ٻين ملڪن ۾ آهي. ان روايت کي دفن ڪرڻ جو ذميوار ڪير آهي؟ سا خبر ته نه آهي، پر ان عمل سان تاريخ کي محفوظ ڪرڻ ۽ پوين کي ورثي جي سنڀال ۽ روايت تي ثابت قدم رهڻ واري روايت تان هٽائڻ جو نقصان کنيو ويو آهي. تاريخي ڪتابن موجب، پوءِ کڻي اِها حقيقت نه به هجي، پر لکيو ويو آهي ته شڪارپور اهو شهر آهي جنهن جي قيام جو سال پڻ هڪ ڪتبي تي موجود تحرير تان ابجد جي صورت ۾ وٺي ڪري ظاهر ڪيو ويو آهي، اهڙي اهم ۽ تاريخي شهر ۾ تاريخي ڪتبن جي لاوارثي افسوس جو اظهار ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏي ٿي.
شڪارپور شهر ۾ موجود تاريخي ڪتبن جو تعارف ڪرائڻ لاءِ جڏهن قلم کڻان ٿو ته منهنجي سامهون شڪارپور ۾ لڳل مير معصوم بکري جو ڪتبو نظر اچي ٿو، جيڪو ڪڙي عطا محمد خان محلي جي اوڀر واري پاسي سيدن جي پاڙي ۾ هڪ بزرگ سيد اسماعيل شاهه جي مزار تي نصب ٿيل آهي. اٺن ورهين جي ننڍڙي عمر ۾، پنهنجي والد مرحوم “نقش” ناياب منگي سان گڏ 1998ع ۾ آئون پهريون ڀيرو اهو ڪتبو ڏسڻ ويو هئس ته اُتي موجود ڪجهه ماڻهن ٻڌايو هو ته “هي ڪتبو اسان کي مقبري جو فرش تعمير ڪرائڻ وقت مٽيءَ ۾ پوريل مليو، جنهن کي اسان صاف ڪري ڀت تي نصب ڪرايو آهي.” ڪتبي تي موجود سال 1009 هجري ڪتبي جي اهميت کي ظاهر ڪري رهيو آهي. تاريخي ڪتابن ۾ ڄاڻايل شڪارپور شهر جي وجود واري سال کان به اڳ واري هن ڪتبي لاءِ گمان ڪري سگهجي ٿو ته 1009 هجري ۾ مير معصوم بکري شڪارپور اچي سيد اسماعيل شاهه جيلاني جي مزار تي اهو ڪتبو نصب ڪرايو هجي. هي ڪتبو فارسي ٻوليءَ ۾ لکيل آهي ۽ ڪجهه هنڌن تان ٽٽل هئڻ ڪري صحيح پڙهڻ ۾ نٿو اچي. ڪتبي تي لکيل آهي ته:
ملک سخن ساخت اين منزل فردوس سرشت
تاريخش “بود آرا مکه خلق” نوشت
اکبر بادشاه شاهه غازي امير محمد معصوم
بن سيد صفائي، ترمذي بنا نمود سن 1009 هه
مير معصوم بکري واري ڪتبي شڪارپور جي تاريخ تي تحقيق ڪرڻ جو نئون رستو قائم ڪري ڏنو. علمي، ادبي ۽ شعوري دوستن جو رايو سامهون آيو ته شڪارپور پنهنجي قيام واري موجوده ڄاڻايل سال 1026 هجري کان به اڳ آباد هو، مگر ان حوالي سان اڃان به تحقيق ٿي رهي آهي.
مٿئين ڪتبي کانپوءِ منهنجي سامهون حاجي لطيف شاهه قادري رح جي مزار جي ڀرسان واري مسجد ۾ سيمينٽ وارو اڀريل لفظ “غوک” اچي ٿو، جنهن جو ابجد جي مطابق حساب ڪرڻ سان 1026 هجري سال نڪري ٿو. تنهن کي ئي شڪارپور جي قيام وارو سال چيو وڃي ٿو. تاريخ جي ڪتابن ۾ لکيل آهي ته اهو غوک لفظ فارسي جو آهي جنهن جي معنيٰ ڏيڏر آهي، پر ان کي فارسيءَ جو لفظ تسليم ڪرڻ جي لاءِ به ڪي ثبوت گهرجن. چيو وڃي ٿو ته اهو ڪتبو گهڻو وقت اڳ جڏهن ضايع ٿي ويو ته 1955ع ۾ ان ڪتبي جي جاءِ تي سيمينٽ سان غوک لفظ مسجد جي محراب مٿان لکرايو ويو جيڪو اڄ تائين لکيل آهي. تنهن کي وري ابجد جي حساب سان هن طرح ظاهر ڪيو ويو آهي:
غوک:غ 1000، و 6، ک 20 ٽوٽل 1026.
شڪارپور ۾ٽيون اهم ۽ تاريخي ڪتبو سيد منوچهر شاهه جي مزار تي لڳل آهي. سندس آخري آرامگاهه جيڪب آباد ڏانهن ويندڙ رستي تي موجود اڄ به عام و خاص جي زيارت جو مرڪز آهي. هي بزرگ ٻارهين صديءَ هجريءَ ڌاري ايران کان شڪارپور ۾ آيو هو. سندس باري ۾ ڪابه معلومات اڄ تائين ڪنهن جي به سامهون اچي نه سگهي آهي. ها البته ايترو چئي سگهجي ٿو ته سالن کان وٺي ماڻهن جي واتان سندس نالو منچر شاهه غازي ٻڌو وڃي ٿو. ماڻهن جو گهڻو اعتقاد ويٺل آهي. جمعي رات ۽ جمعي جي ڏينهن سندس مزار تي عوام جو هجوم نظر اچي ٿو. مزار جي اولهندي ديوار تي هڪ نيرو ڪاشيءَ جو ڪتبو اڄ به لڳل نظر اچي ٿو. اهو ڪتبو ڪنهن هڻايو؟ ۽ ڪتبي تي ڄاڻايل سال ڇا جو آهي؟ تنهن لاءِ پڻ تاريخ جا ڪتاب ۽ مزار جو انتظام سنڀاليندڙ خاموش آهن. ڪتبي تي صاف لکيل آهي ته:
در آثار نبي مقبول سيد منچر شاه سن 1147 هه
رحمت الله ڪاشيگر هالا.
شڪارپور ۾ سيد شاهه حسين بخاري ۽ سيد مجتبيٰ شاهه بخاري جون مزارون (شاهه حسين محلي ۾) سندن گهرڀاتين سميت موجود آهن، جن متعلق ٻڌايو پيو وڃي ته “هي ٻئي بزرگ ڀائر علم ۽ عرفان جي بلندي تي پهتل هئا ۽ پنهنجي دور جا نيڪ صالح ٻانها ٿي گذريا آهن. ٻارهين صديءَ ۾ ٻاهران کان آيل بخاري سادات آهن”. سندس متعلق اڄ تائين ڪنهن کي به ڪا خاص ڄاڻ حاصل نه آهي. سندن آخري آرامگاهه جي ٻاهرين دروازي مٿان هڪ ڪاشيءَ جو فارسي ۾ لکيل ڪتبو لڳل هوندو هو، 1996ع ۾ ان جاءِ تي ساڳئي ڪتبي جي فارسي قطعه تاريخ کي اُڪر ڪرائي لکرايو ويو آهي.
بيانجا نگاه بزرگان بادب شام پگاه اگر تو داري مشکل بخوان بخوش اخلاص زيارتست بزرگان کفار تست گناه درود و فاتحه اخلاص تربت بخاري شاه حسين از جهان رفت چون در بهشت بتاريخ آن پير کامل حسين
يکي مجتبيٰ شاه عرفان بگو دگر سيد بوالفضايل حسين سن 1162 هه.
مٿين ڪتبن کانپوءِ منهنجي نظر ۾ هڪ اهم فارسي ڪتبو نواب ابراهيم خان نورزئي مسجد ۾ لڳل آهي. هن مسجد جي پيڙهه 1174 هجريءَ ۾ رکي وئي، جڏهن ته ڪتبو 1176 هجري ۾ نصب ڪرايو ويو. مسجد گهڻو عرصو بند رهڻ ڪري يا سنڀال نه ٿيڻ ڪري نقصان هيٺ آئي، جنهن ديوار ۾ ڪتبو لڳل هو سا پڻ ڪِري پوڻ سبب ڪتبي کي به نقصان پهتو ۽ ڪتبي جا ڪجهه حصا مڪمل ختم ٿي ويا. 270 سال پراڻو ڪتبو اڄ به مسجد ۾ نصب ٿيل آهي ۽ ان تي ڪجهه هن طرح لکيل آهي:
يور آن دستور…….. غفار خان
مسجد جامع بناکرد…….. مومنان
من مني بيتا بهر او ايزدي کريم ميکند قصه بنا نيک و موضيتيج
در جنان سال تاريخ بناءَ او بگفتا هاتم
باني مسجد بين نواب ابراهم خان يا رب اين نواب را
کامياب بحث ياور عمر افزون بر عدالت جاودان. 1176 هه.
حضرت حاجي فقير الله علوي رح افغانستان کان 1150 هجري ڌاري شڪارپور ۾ هجرت ڪري آيو ۽ هتي اسلام جي تبليغ کان علاوه علمي ۽ ادبي ڪم ۾ مصروف ٿي ويو. سندس شمار ان وقت جي ولين ۾ ٿئي ٿو. سندس ڪرامتن ۽ خدمتن جا واقعا اڄ تائين ٻڌڻ ۾ ايندا آهن. سندس وفات 1195 هجري ۾ ٿي. سندن آخري آرامگاهه هاٿي در اندران علوي محلي ۾ واقع آهي. اتي پڻ اولهه واري ديوار تي سندس وفات کانپوءِ جو لکيل هڪ ڪتبو نشان ٿيل ملي ٿو. هي ڪتبو سيد محمد وفا لکوي جو لکيل آهي:
ولي و غوث خدا حاجي فقير الله،
شده به خلد مربع نشين الي ابد،
“وفا” شب و تاريخ و وقت و سال وصال،
بگو سويم صفر نصف ليلته الاحد. 1195 هجري.
خواجه نظام الدين سرهندي پشاوري به هجرت ڪري شڪارپور ۾ آيل بزرگ آهي، جنهن جو وڏو ڀاءُ خواجه محي الدين ڪرامت جو صاحب هو ۽ سنڌ جا حاڪم مير سندس عقيدتمند هئا. تنهن صاحب حيدرآباد ۾ وفات ڪئي ته سندس ڀاءُ خواجه نظام الدين کي ميرن قدر ڪندي زمين عطا ڪئي ۽ شڪارپور ۾ رهايو. شڪارپور ۾ رهندي خواجه نظام الدين علمي ۽ ادبي طور تي پاڻ مڃرايو. جڏهن سندس وفات ٿي ته سندس مريد محمد صالح وزيرآبادي قطع تاريخ لکي، جيڪا لکي در تي خواجه نظام الدين سرهندي جي مزار تي ڪتبي جي صورت ۾ لڳل آهي.
صبح شنبه به هفد هم رجب گفت خلد آشيان نظام الدين
“صالحا” سال رحلتش به شمار بود قطب جهان نظام الدين. 1273 هه.
شڪارپور ۾ سيد عبدالغفور شاهه جي مزار تان ٻه اهم ۽ تاريخي ڪتبا اڄ کان پنجويهه ورهيه اڳ جڏهن مون ڏٺا ته ٽٽل ڦٽل ۽ خسته حالت ۾ هئا. تن ڏينهن ۾ ئي اندازو لڳايو ويو هو ته هي ڪتبا ٻاهر ڪڍيا ويا ته مڪمل ختم ٿي ويندا. مون کي خبر ناهي ته اڄ ڪتبن جي حالت ڇا آهي؟ ها مگر 11 جون 2000ع تي نوٽ ڪيل هنن ڪتبن جي تحرير ڪجهه هن طرح هئي.
ڪتبو 1:
ياالله
بتخلص طوطي
تواريخ هذه تصنيف طره بار خان
سيد عبدالغفور شاهجهان- کوس رحلت زده بحکم منان
شاه علي نصب خجسته خصال- روح اوکرد آشيان بجنان
روز شب بود باخدا اخود يار- در سخا داشت همچو حاتم شان
داد ماتم هريکي کهه مه- ليک بيهتر بود سکوت لسان
يوم پنجسته بود شب جمعه- کرد تسلم جان بحق سبحان
سال تاريخ ش از غريب نواز- از رجب هفدهم وصال ش دان
طوطي صبر کن بمرضي حق- که نه ماند جهان نه نام نشان. 1276 هجري.