زنده قومون هميشه پنهنجي قديم ورثي جي حفاظت ڪنديون آهن، آڳاٽي شين جي سنڀال سان گڏ پراڻين جاين کي اصلوڪي حيثيت ۽ اصلوڪي نموني ۾ برقرار رکي، زنده قومون شاهدي ڏينديون آهن ته اسان ڪيترا نه مهذب آهيون ۽ پنهنجي تاريخ کي محفوظ بنائڻ لاءِ ڪيترا نه اُپاءُ وٺي رهيا آهيون. شڪارپور منهنجو جنم ڀومي شهر آهي، جيڪو مختلف روايتن موجب چئن صدين جي تاريخ تي مشتمل آهي. انهن چئن صدين ۾ هن شهر جو الائجي ڇا ڇا وڃائي چُڪو آهي. مان جڏهن پنهنجي شهر جي اٺن دروازن جو چڪر هڻان ٿو ته قديم جايون ۽ تاريخي ماڳ پنهنجي اصلوڪي روپ ۾ موجود نٿا ملن، پر پنهنجي موجوده حالت ۾ اسان جو ڌيان پاڻ ڏانهن ضرور ڪرائين ٿا ته اسان توجهه جي طلب ڪري رهيا آهيون. اسان ڏانهن رحم واري نظر ڪئي وڃي ۽ اسان کي محفوظ بڻايو وڃي. ساڳي حالت شڪارپور ۾ نصب ٿيل مختلف جاين، مسجدن، ماڳن ۽ مڪانن ۾ تاريخي ڪتبن جي به آهي، مختلف دورن جي تاريخ کي پنهنجو پاڻ نروار ڪرڻ وارا هي ڪتبا گهڻي ڀاڱي ڀَڄي ۽ ڀُري پيا آهن ته ڪي وري ٽٽي پيا آهن، ڪي ڪتبا مڪمل ختم ته ٿي ويا، پر ڪنهن جي به رحم واري نگاهه ۾ اچي نه سگهيا. موجوده دور ۾ ته ڪتبن جي روايت گهڻي ڀاڱي ختم ٿي چُڪي آهي، نه ڪي قطعه نا وري ڪي حقيقتون لکي ڪتبا ٺهرائي نصب ڪرايا وڃن ٿا، نه وري پراڻن لڳل ڪتبن کي محفوظ بڻايو وڃي ٿو. حالانڪه اها روايت شڪارپور ۾ ايتري پراڻي آهي جيتري خود شڪارپور پراڻي آهي. مون قديم کان قديم ڪتبا شڪارپور ۾ ڏسي اهو اندازو لڳايو آهي ته قديم قومن جيان پنهنجي تاريخ ۽ تذڪري کي محفوظ ڪرڻ جو شڪارپور ۾ به ايترو ئي رواج عام هو جيترو دنيا جي ٻين ملڪن ۾ آهي. ان روايت کي دفن ڪرڻ جو ذميوار ڪير آهي؟ سا خبر ته نه آهي، پر ان عمل سان تاريخ کي محفوظ ڪرڻ ۽ پوين کي ورثي جي سنڀال ۽ روايت تي ثابت قدم رهڻ واري روايت تان هٽائڻ جو نقصان کنيو ويو آهي. تاريخي ڪتابن موجب، پوءِ کڻي اِها حقيقت نه به هجي، پر لکيو ويو آهي ته شڪارپور اهو شهر آهي جنهن جي قيام جو سال پڻ هڪ ڪتبي تي موجود تحرير تان ابجد جي صورت ۾ وٺي ڪري ظاهر ڪيو ويو آهي، اهڙي اهم ۽ تاريخي شهر ۾ تاريخي ڪتبن جي لاوارثي افسوس جو اظهار ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏي ٿي.