عبدالماجد ڀرڳڙي سنڌي ڪمپيوٽنگ جو باني لاڙڪاڻي جي ننڍڙي ڳوٺ غلام نبي ڀرڳڙيءَ ۾ 8 فيبروري 1948ع ۾ عبدالغفور ڀرڳڙيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم لاڙڪاڻي مان ۽ بي. اي (آنرز) سنڌ يونيورسٽيءَ مان پاس ڪرڻ کانپوءِ 1973ع ۾ لاڙڪاڻي مان ايل. ايل. بي جي ڊگري حاصل ڪيائين. 1972ع ۾ سي ايس ايس جو امتحان پاس ڪري انڪم ٽئڪس کاتي ۾ خدمتون سرانجام ڏنائين. ان دوران پڙهائيءَ کي جاري رکندي 1985ع ۾ آمريڪا جي يونيورسٽي آف ايري زونا ٽوسان مان ايم. بي. اي جو امتحان پاس ڪيائين ۽ اهڙيءَ طرح انڪم ٽيڪس کاتي ۾ 2000ع تائين ڪم ڪندو رهيو. کيس سنڌي ٻولي، ان جي ادب ۽ شاعريءَ سان چاهه هو، تنهنڪري سندس ڪوشش هئي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ دنيا جي ٻين ترقي يافته ٻولين جيان نئين دور جي ٽيڪنالاجي جو ڀرپور استعمال ٿئي ته جيئن هو ان لحاظ کان پٺتي نه رهجي وڃي. 1987ع ۾ ڊيسڪ ٽاپ ڇپائيءَ جي ڪم ۾ دلچسپي جي ڪري ذاتي ڪمپيوٽر (ايپل مئڪنٽاش) ۽ ليزر پرنٽر خريد ڪيائين. تيستائين پرسنل ڪمپيوٽر تي سنڌي جو استعمال ممڪن نه هو. سندس خواهش هئي ته سنڌي سافٽ ويئر جوڙي وڃي، نيٺ سخت محنت کانپوءِ 1988 جي شروعات ۾ هو ’مئڪنٽاش‘ ڪمپيوٽر تي سنڌيءَ جو پروگرام ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو جنهن جي نتيجي ۾ پهريون ڀيرو پرسنل ڪمپيوٽر تي سنڌي جو استعمال ممڪن بڻيو. اهڙيءَ ريت هن 1988 جي اوائل ۾ سنڌي ڪمپيوٽنگ جو بنياد وڌو جنهن کانپوءِ سنڌي اخبارون، رسالا، ڪتاب وغيره ڪمپيوٽر ذريعي ڪمپوز ٿيڻ لڳا ۽ سنڌي اشاعتي دنيا ۾ هڪ انقلاب آيو.
1990ع ۾ هو پاڪستان ڇڏي آمريڪا هليو ويو. ڪنهن به ٻوليءَ جي ڪمپيوٽر تي استعمال لاءِ بنيادي ضرورت ان ٻوليءَ جو ڪوڊ پيج (character set approved for computer use) هوندو آهي ۽ سنڌي لاءِ ڪوبه طئي شده اسٽينڊرڊ ڪوڊ پيج نه هو. انهيءَ ڪري سنڌي جي ڪمپيوٽر تي استعمال جو جيڪو حل ۽ طريقيڪار ڪڍيو ويو هو تنهن ۾ عربي ۽ فارسي واري ڪوڊ پيج کي ڪنهن طريقي سان سنڌي لاءِ قابل استعمال بڻايو ويو هو. نوي واري ڏهاڪي ۾ دنيا جي سڀني ٻولين لاءِ هڪ مشترڪه ڪوڊ پيج ٺاهڻ جون ڪوششون ٿيڻ لڳيون ته جيئن دنيا جي مختلف ٻولين جي ڪمپيوٽر تي ترويج ۾ آساني ٿئي. اهڙي ريت يونيڪوڊ ڪنسورشم جو بنياد پيو جنهن هڪ يونيورسل يا عالمگير ڪوڊ پيج جوڙيو ۽ ڪمپيوٽر جي دنيا ۾ ان جي ترويج جون ڪوششون ٿيڻ لڳيون. يونيڪوڊ يا يونيورسل ڪوڊ پيج ۾ دنيا جي ٻين ٻولين سان گڏ سنڌي جو ڪئريڪٽر سيٽ، يعني سنڌي ٻوليءَ جا حرف به شامل هئا. 1999 تائين يونيڪوڊ ڪمپيوٽر جي مختلف آپريٽنگ سسٽم جو حصو بڻجڻ شروع ٿي ويو هو ۽ مائيڪرو سافٽ ۽ ايپل وارن طرفان به ان جي ترويج جي آڌار تي دنيا جي مختلف ٻولين کي سپورٽ ملڻ لڳي. ان نئين پيش رفت جي ڪري پهريون ڀيرو اهو امڪان پيدا ٿيو ته سنڌيءَ جو هڪ ٻوليءَ جي حيثيت ۾، ڪنهن معياري ڪوڊ پيج جي آڌار تي ڪمپيوٽر تي استعمال ٿي سگھي ۽ انٽرنيٽ ۽ ورلڊ وائيڊ ويب تي دنيا جا سڀ سنڌي پنهنجي ٻوليءَ جو استعمال ايئن ڪري سگھن جيئن ٻين ترقي يافته ٻولين جو ٿئي پيو. هيل تائين سنڌيءَ جو ڪمپيوٽر تي استعمال گھڻي ڀاڱي اشاعتي يا ڇپائي جي ڪمن تائين محدود هو ۽ اسٽينڊرڊ ۽ مروج ڪوڊ پيج نه هجڻ جي ڪري سنڌيءَ کي عالمي سطح تي رابطي يا ڪميونيڪيشن لاءِ استعمال ڪرڻ ممڪن نه هو.
2000 ۾ نئين صدي جي آغاز ۾ عبدالماجد ڀرڳڙي انهيءَ سلسلي ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌي زبان کي معياري حيثيت ۾ ڪمپيوٽر تي رائج ڪرڻ لاءِ جاکوڙ ڪئي. هن سنڌيءَ لاءِ پهريون يونيڪوڊ فانٽ جوڙيو، مائيڪرو سافٽ وارن سان ذاتي حيثيت ۾ ملي کين ان تي آماده ڪيائين ته هو پنهنجي ونڊوز سسٽم ۾ سنڌي جي ٽيڪسٽ پروسيسنگ ممڪن بڻائين، انهن کان سنڌي لاءِ ڪيبورڊ فائل ترتيب ڏياريائين ۽ آخرڪار پاڻ هڪ سنڌي انسٽالر جوڙي، انٽرنيٽ تي هر عام سنڌي لاءِ بغير ڪنهن قيمت جي مهيا ڪيائين ته جيئن سنڌيءَ جو ڪمپيوٽر تي استعمال عام ٿئي. سنڌي زبان کي يونيڪوڊ ذريعي رائج ڪرڻ سندس اهو انقلابي قدم هو جنهن سان هن معياري سنڌي ڪمپيوٽنگ جو بنياد وڌو جنهن جي نتيجي ۾ ڪمپيوٽر، انٽرنيٽ ۽ ورلڊ وائيڊ ويب تي پهريون ڀيرو سنڌيءَ جو پنهنجي حيثيت ۾، هڪ ٻوليءَ جي حيثيت ۾، عالمي سطح تي استعمال شروع ٿيو. ان ذريعي سنڌيءَ ۾ اي ميلز موڪلڻ، سنڌي ويب سائيٽون جوڙڻ، سنڌيءَ ۾ ڪمپيوٽر ذريعي چيٽنگ ڪرڻ وغيره ممڪن ٿيون. اڳتي هلي، ونڊوز کان علاوه مئڪنٽاش ڪمپيوٽر تي به سنڌيءَ جي يونيڪوڊ ذريعي استعمال کي ممڪن بڻايائين ۽ ان لاءِ انسٽالر جوڙيائين جنهن وسيلي مئڪنٽاش تي به معياري سنڌي ڪمپيوٽنگ ممڪن ٿي. هن سنڌي معياري ڪمپيوٽنگ لاءِ جيڪي به TOOLS ياRESOURCES ٺاهيا، سي سڀ انٽرنيٽ تي سنڌين لاءِ مفت مهيا ڪيائين. سنڌي ڪمپيوٽنگ جي حوالي سان سندس www.bhurgri. com جي نالي سان ويب سائيٽ پڻ جوڙيل آهي، جنهن ۾ پهريون ڀيرو انٽرنيٽ تي قرآن پاڪ جو سنڌي ترجمو، شاهه جو رسالو، سچل جو سنڌي ڪلام شايع ڪيا ويا ۽ جتي ٻيو کوڙ سارو سنڌي مواد موجود آهي. هن مغرب يعني مراڪش ۽ الجزائر جي ويهين صديءَ جي اوائل جي مشهور صوفي بزرگ احمد بن مصطفى العلوي جي مناجات جو عربي مان انگريزي ۾ ترجمو به ڪيو آهي جيڪو شايع پڻ ڪرايائين ۽ اهو سندس ويب سائيٽ تي به موجود آهي.
ان کان علاوه 2002 ۾ آمريڪا جي يونيورسٽي آف اِلينُواءِ جي شعبي لسانيات جي پروفيسر جينيفر ڪول جي دعوت تي هو يونيورسٽي ويو ۽ سندن سنڌي ٻوليءَ جي آن لائين ڪورس جي سلسلي ۾ کين مدد فراهم ڪيائين. 2003 ۾ مائيڪرو سافٽ جي لاءِ عربي جي فانٽ جي پروگرامنگ به ڪيائين ۽ انهن لاءِ ”پاڪستاني ٻولين جي ڪمپيوٽر تي يونيڪوڊ ذريعي ترويج“ جي موضوع تي هڪ ٽيڪنيڪل ريسرچ پيپر به لکيائين جيڪو انهن مائيڪرو سافٽ ڊيويلپرز نيٽ ورڪ MSDN تي شايع ڪيو. اڄڪلهه هُو آمريڪا ۾ رهائش پذير آهي .