بلاگنئون

عزيز سانگي: هڪ اداڪار جيڪو وساريو ويو آهي

عزيز سانگي، اصل نالو وزير علي سانگي، سنڌ جي فن جي آسمان تي چمڪندڙ اهو تارو آهي، جنهن پنهنجي خداداد صلاحيتن سان اداڪاري، هدايتڪاري ۽ لکڻ جي ميدانن ۾ هڪ منفرد مقام حاصل ڪيو. 7 جون 1970ع تي لاڙڪاڻي جي تاريخي شهر ۾ جنم وٺندڙ عزيز سانگي، نه صرف هڪ فنڪار آهي، پر هو سنڌ جي ثقافت ۽ فن جو سچو ترجمان آهي. هن پنهنجي فن سان سنڌي ماڻهن جي دلين ۾ هڪ خاص جاءِ والاري آهي. سندس تعليم، جنهن ۾ هن ماسٽرز جي ڊگري حاصل ڪئي، سندس سوچ ۽ سمجھه کي وڌيڪ وسيع ڪيو، پر سندس حقيقي چاهه ننڍپڻ کان ئي اداڪاري هئي. هن پنهنجي فني سفر جي شروعات ان زماني جي اسٽيج ڊرامن کان ڪئي، جيڪي تفريح جو هڪ اهم ذريعو هئا. سندس پهريون اسٽيج ڊرامو ‘عشق ته منهنجو’ هو، جنهن ۾ سندس فطري اداڪاري ڏسي ماڻهو حيران ٿي ويا. ان کانپوءِ هن مسلسل محنت ڪئي ۽ اٽڪل 30 کان وڌيڪ اسٽيج ڊرامن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو، جن ۾ ‘عاشقي’، ‘دهشتگرد’، ‘ڪرائي جا قاتل’، ‘ڪوبرا’، ‘ڪارو نانگ’، ‘ڪاريهر جو موت’، ‘جذبات’ ۽ ‘جنون’ جهڙا مشهور ڊراما شامل آهن. انهن ڊرامن ۾ سندس هر ڪردار جيئرو جاڳندو نظر آيو ۽ هن پنهنجي ورسٽائل اداڪاري سان هر قسم جي ڪردار کي بخوبي نڀايو.

اسٽيج جي دنيا ۾ پنهنجو نالو روشن ڪرڻ کان پوءِ عزيز سانگي ٽيليويزن جي اسڪرين تي به جلوه گر ٿيو. پي ٽي وي جي ڊرامن ‘ڇوٽڪارو’ ۽ ‘وفائن کانپوءِ’ ۾ سندس اداڪاري کي تمام گهڻو ساراهيو ويو. ان کانپوءِ هن ڪي ٽي اين جي ڊرامن ۾ به پنهنجي فن جا جوهر ڏيکاريا. ‘تپش’، ‘وڪوڙيل وجود’ ۽ ‘پٿر دنيا’ جهڙن ڊرامن ۾ سندس ڪم اڄ به ياد ڪيو وڃي ٿو. خاص طور تي ‘پٿر دنيا’ ڊرامي ۾ سندس ڪردار ‘خانو خر دماغ’ هڪ اهڙو ڪردار هو، جنهن کيس سنڌ جي گهر گهر ۾ مشهور ڪري ڇڏيو. هن ڪردار ۾ سندس مزاحيه انداز ۽ منفرد ڊائلاگ ڊليوري اڄ به ماڻهن جي ذهنن ۾ محفوظ آهي.

عزيز سانگي صرف هڪ باصلاحيت اداڪار ئي نه آهي، پر هن لکڻ جي ميدان ۾ به پنهنجي صلاحيتن جو ڌاڪو ڄمايو آهي. هن ڪي ٽي اين جي ڪجهه سولو ڊرامن جا اسڪرپٽ به لکيا آهن، جن ۾ ‘ڪٽنب’، ‘وهم’ ۽ ‘ڀروسو’ جهڙا ڊراما تاريخ جو اهم حصو آهن. انهن ڊرامن جي ڪهاڻين ۾ سنڌي معاشري جي عڪاسي ۽ انساني جذبن جي ترجماني ڏسي سندس لکڻ جي صلاحيتن جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.

هدايتڪاري جي ميدان ۾ به عزيز سانگي ڪنهن کان پوئتي نه رهيو آهي. هن ڪيترن ئي ڪامياب ڊرامن جي هدايتڪاري ڪئي آهي، جن ۾ ‘لکيو منجهه نراڙ’، ‘منگتو’، ‘ڳاڙها گلاب’، ‘چڻنگ’ ۽ ‘ويري ته به واهرو’ جهڙا ڊراما شامل آهن. سندس هدايتڪاري ۾ ڪهاڻي جي گرفت، ڪردارن جي چونڊ ۽ فني پهلوئن تي خاص ڌيان ڏنو ويندو هو، جنهن ڪري سندس هر ڊرامو ناظرين کي پنهنجي سحر ۾ جڪڙي رکندو هو. هن مختلف سنڌي چئنلن جي ڪيترن ئي ڊرامن ۾ اداڪاري ۽ هدايتڪاري جا فرض سرانجام ڏنا ۽ پنهنجي فن سان سنڌ جي عوام کي مسلسل تفريح فراهم ڪندو رهيو آهي.

فن جي دنيا ۾ سندس بي لوث خدمتن جي اعتراف طور، 2017ع ۾ کيس آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻي جو صدر چونڊيو ويو. اهو سندس فن ۽ شخصيت تي عوام جي اعتماد جو مظاهرو هو، پر افسوس جو 2019ع ۾ هڪ اهڙو واقعو پيش آيو، جنهن سندس زندگي کي هڪ نئون رخ ڏئي ڇڏيو. هڪ پلاٽ جي جهيڙي تان سانگي برادري جي وچ ۾ ٿيل تڪرار ۾ ٻه قيمتي جانيون ضايع ٿيون ۽ ان جو ڪيس هن نامياري فنڪار تي داخل ڪيو ويو.

اڄ ست سال گذرڻ باوجود عزيز سانگي جهڙو باصلاحيت اداڪار ۽ ڊائريڪٽر ڪجهه وقت کان منظر عام کان پري آهي. ڪنهن به بااثر شخص يا ثقافتي اداري طرفان سندس ڪا خاص سار نه لڌي وئي آهي. اهو ڏسي افسوس ٿئي ٿو ته اسان پنهنجن فنڪارن کي ڪيئن وساري ويهندا آهيون ۽ مشڪل وقت ۾ کين ڪيئن اڪيلو ڇڏي ڏيندا آهيون، جنهن شخص پنهنجي زندگي سنڌ جي فن ۽ ثقافت جي خدمت ۾ گذاري، اڄ اهو شخص ڪجهه مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيو آهي.

اهو هڪ سوال آهي جيڪو اسان سڀني کي پنهنجي ضمير کان پڇڻ گهرجي ته ڇا اسان پنهنجن فنڪارن کي اهوئي صلو ڏيندا آهيون؟ ڇا اسان جي ثقافتي ادارن ۽ حڪومت جي اها ذميواري ناهي ته اهڙن باصلاحيت ماڻهن جي سار  لهن ۽ کين هر ممڪن مدد فراهم ڪن؟

عزيز سانگي نه صرف هڪ فرد جو نالو آهي، پر اهو سنڌ جي فن جو هڪ اهڙو باب آهي، جنهن کي وساريو نٿو وڃي. اسان کي اميد آهي ته کيس جلد انصاف ملندو ۽ هو وري به پنهنجي فن سان اسان جي زندگين ۾ روشني ۽ خوشي ڀريندو. اهو وقت آهي ته اسان پنهنجي فنڪارن جي قدرداني ڪريون ۽ انهن کي اهو احساس ڏياريون ته اهي اڪيلا نه آهن ۽ سندن فن ۽ خدمتون اڄ به اسان جي دلين ۾ زنده آهن.