ايڊيٽوريلنئون

پاڪستان ۾ ورچوئل اثاثن کي ريگيوليٽ ڪرڻ لاءِ پاليسي فريم ورڪ تيار

انسان پنهنجي تهذيبي سفر ۾ ڪيتريون ئي شيون ايجاد ڪيون آهن، جنهن ۾ ڏي وٺ جي لاءِ پهرين ته شين جي بدلي شيون ڏيئي ۽ وٺي ڪاروبار ڪري پنهنجون ضرورتون پوريون ڪيون وينديون هيون، ان کانپوءِ انسان ڪرنسي ايجاد ڪئي، جنهن ۾ سون ۽ چانديءَ جا سڪا سڀني کان اهم هوندا هئا، پر وقت سان گڏوگڏ سون ۽ چانديءَ جي جاءِ تي ٻين ڌاتن ورتي. هينئر دنيا هڪ نئين دور ۾ داخل ٿي چڪي آهي. ٽيڪنالاجي اسان کي ورچوئل ڪرنسي واري پاسي وٺي وڃي رهي آهي، جنهن ۾ ڪرنسي جي منٽنگ وڏن وڏن ڪمپيوٽرن تي ٿئي ٿي جنهن جي لاءِ خاص ڪوڊنگ استعمال ڪئي وڃي ٿي ۽ ان ۾ ڪرنسي جا يونٽ خريد ۽ فروخت ڪري سگهجن ٿا. هيءَ اها ڪرنسي آهي جنهن کي توهان هٿ سان ڇهي نٿا سگهو، پر اها ڪرنسي تمام گهڻي سگهاري ڪرنسي جي طور تي آن لائين توهان وٽ موجود رهي ٿي، توهان ان جا مالڪ هجو ٿا ۽ ان جو استعمال ڪري توهان دنيا ۾ ڪابه شيءِ خريد ڪري سگهو ٿا. ان ڪرنسي جي باري ۾ اڃان وڌيڪ معلومات وقت سان گڏوگڏ عام ماڻهن تائين پهچندي رهندي، پر اها هڪ خوشيءَ جي خبر آهي ته پاڪستان جهڙي ملڪ ورچوئل اثاثن کي ضابطي هيٺ هلائڻ لاءِ پنهنجي پهرين مڪمل پاليسي جو فريم ورڪ تيار ڪري ورتو آهي، جيڪو بين الاقوامي مالياتي تحفظ جي اصولن مطابق هجڻ ۽ ذميدار ڊجيٽل نواڻ کي هٿي ڏيارڻ جي لاءِ هڪ اهم قدم آهي. وفاقي تحقيقاتي ايجنسي (ايف آءِ اي) جي ترجمان پريس رليز ۾ چيو آهي ته هي فريم ورڪ نيشنل ورڪنگ گروپ تيار ڪيو آهي، جيڪو جنوري 2024ع ۾ وزارت خزانا جي نگرانيءَ هيٺ تشڪيل ڏنو ويو هو، جنهن جي سربراهي وفاقي تحقيقاتي ايجنسي ڪندي آهي ۽ هن ۾ اسٽيٽ بينڪ، سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان (ايس اِي سي پي)، فنانشل مانيٽرنگ يونٽ آف پاڪستان (ايف ايم يو)، ايف بي آر، نيڪٽا ۽ وزارت آءِ. ٽي، سرڪاري ۽ خانگي شعبن کان علاوه قومي اسٽيڪ هولڊرن جا سينئر آفيسر پڻ شامل آهن. پاليسي جي ڊرافٽنگ ۾ شامل ڊائريڪٽر ايف آءِ اي سميرا اعظم چيو ته “پاڪستان ڊجيٽل فنانس کي ڪهڙي نظر سان ڏسي ٿو ان ۾ هيءَ هڪ مثالي تبديلي آهي ۽ اسان کليل اکين سان مستقبل کي ڀاڪر پائڻ وڃي رهيا آهيون.”

پاليسي جي تجويز ٽيڪنيڪل ترقي ۽ قومي سلامتي جي گهرجن جي وچ ۾ تاريخي توازن قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿي، هيءَ پاليسي فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس ايف اي ٽي ايف جي سفارش نمبر 15 سان مڪمل طور تي ميل کائي ٿي. هن فريم ورڪ ٺاهڻ جي پٺيان هڪ اهم مقصد اهو آهي ته پاڪستان ۾ مني لانڊرنگ، دهشتگردي جي مالي معاونت ۽ مالياتي عدم استحڪام سان لاڳاپيل خطرن کي مستقبل ۾ ڪيئن روڪجي ۽ گڏوگڏ بلاڪ چين تي ٻڌل فنانس جي تبديلي جي صلاحيت کي استعمال ڪرڻ به آهي.

ورچوئل اثاثن جي لاءِ بل 2025ع ممڪن آهي ته جلد ئي اسيمبليءَ ۾ آندو وڃي ۽ ان کي پاس ڪيو وڃي، جنهن ۾ هڪ مڪمل قانوني فريم ورڪ تحت ڪرپٽو ڪرنسي، بلاڪ چين ٽيڪنالاجي ۽ ڊجيٽل رپئي جيڪو سينٽرل بينڪ ڊجيٽل ڪرنسي ڪوٺرائيندو جنهن کي پاڪستاني رپئي جي پٺڀرائي حاصل هوندي ۽ ان کي اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان ريگيوليٽ ڪندو. ان کان علاوه پاڪستان ۾ ورچوئل اثاثن جا زون به تعمير ڪيا ويندا، جتي ڪرپٽو ڪرنسي جو واپار، انهن جي مئنيجمينٽ ۽ آپريشن ٿيندا، جنهن ۾ اينٽي مني لانڊرنگ (اي ايم ايل) ۽ ڪائونٽر ٽيررسٽ فنانسنگ (سي ٽي ايف) کي به سختيءَ سان ريگيوليٽ ڪيو ويندو.

ڪرپٽو ڪائونسل (پي سي سي) مارچ 2025 ۾ آفيشنل لانچ ڪئي وئي. هن جو مقصد اهو هو ته پاڪستان ۾ ورچوئل ڪرنسي جي استعمال ۽ منٽنگ سان لاڳاپيل سڀني مسئلن ۽ ان جي قانوني ۽ غير قانوني استعمال مني لانڊرنگ ۽ مستقبل ۾ هن جي استعمال کي هڪ قانوني شڪل ڏيئي پنهنجي معاشي ڍانچي جو حصو بنائڻ آهي ته جيئن ورچوئل ڪرنسي کي قانوني طور تي سرمائيدار سيڙپڪاريءَ جي لاءِ استعمال ڪري سگهن. هن وقت اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان (ايس بي پي) شروعاتي طور تي تمام گهڻي باريڪبينيءَ سان ڊجيٽل اثاثن جي ريگيوليشن ڪرڻ لاءِ متحرڪ آهي. اسٽيٽ بينڪ ان ڳالهه کي ڪليئر ڪيو آهي ته ڪرپٽو ڪرنسي ليگل ٽينڊر ناهن ۽ نه ڪو ئي اٿورائيزڊ اينٽٽيز آهن ۽ نه ئي ان جي مٿان ڪا پابندي مڙهيل آهي. هن وقت اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان ان سڄي منظر نامي کي ڊجيٽل انوويشن ۽ سيٽلمينٽس ڊپارٽمينٽ جي ذريعي تيار ڪري رهي آهي ته جيئن مستقبل ۾ رياست پاڪستان، سيڙپڪار ۽ عام ماڻهو ان جو محفوظ استعمال ڪري سگهن ۽ ڪوبه شخص جيڪو ان جو استعمال ڪري ٿو اهو ڪنهن دوکي يا فراڊ جي هٿ ور نه چڙهي سگهي ۽ سڀني جو پئسو محفوظ رهي ۽ نئين ٽيڪنالاجي کي استعمال ڪرڻ وقت سندن پٺيان رياستي قانون پڻ موجود هجن.