نئون

تحريڪ انصاف جي مقا بلي ۾ مسلم ليگ ن ۽ پيپلز پارٽي متحد

چونڊ جي نتيجن ٻن مخالف جماعتن کي ملائي ڇڏيو آهي. مسلم ليگ ن ۽ پيپلز پارٽي پاران اي آرڊي طرز جي اپوزيشن ٺاهڻ لاءِ تيار ٿي ويون آهن. جنهن لاءِ ٻنهي جماعتن جي اڳواڻن وچ ۾ ملاقات به ٿي آهي. شهباز شريف ۽ آصف زرداري  وچ ۾ ملاقات اسپيڪر اياز صادق  جي گهر ۾ ٿي. هن ملاقات ۾ شريڪ ٻنهي پارٽين جي اڳواڻن جو چوڻ هيو ته 2018 جي چونڊن ۾ اسان جي مينڊيٽ کي چورايو ويو آهي. ۽ ٻئي جماعتون چونڊن کي مسترد ڪن ٿيون. ملاقات ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته ٻئي جماعتون حڪومت کي ڏکيو وقت ڏيڻ لاءِ گڏجي اي آرڊي جهڙي اپوزيشن جو ڪردار ادا ڪنديون. هن موقعي تي پيپلز پارٽي پاران ميڊيا کي ٻڌايو ويو ته پيپلز پارٽي ، متحدا مجلس عمل پاران چونڊن خلاف احتجاج جي سڏ جي حمايت نه ٿي ڪري ۽ پيپلز پارٽي پاران مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪري ان کي احتجاج ختم ڪرڻ جي لاءِ به چيو ويو آهي.شيري رحمان چيو آهي ته هن قسم جي احتجاج سان تحريڪ انصاف کي واڪ اوور جو موقعو ملندو.۽ کيس فاعدو رسندو. واضح رهي ته هن وقت تحريڪ انصاف کي حڪومت ٺاهڻ لاءِ واضح اڪثريت آهي تنهن هوندي به هن کي اڃان وڌيڪ سيٽن جي ضرورت آهي.