پاڪستاننيو‍‍ز

پاڪستان جي نئين حڪومت سان بهتر تعلقات جي اميد آهي، ڀارت

ڀارت جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان  رويش ڪمار پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته پاڪستان جي نئين حڪومت سان بهتر تعلقات جي اميد رکون ٿا. هن چيو ته اميد آهي ته نئين حڪومت علائقي کي پر امن بڻائيندي. پرڏيهي وزير وڌيڪ چيو ته ڀارت پاڻ ترقي پسند ۽ خوشحال پاڪستان جو خواهان  آهي.۽ پاڪستان جي عوام چونڊن ذريعي جمهوريت تي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي. جيڪا هڪ خوشي جي ڳاله آهي. نئين حڪومت سان ٻنهي ملڪن جي بهترتعلقات جي اميد آهي.