وزيراعظم مهمند ڊيم جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو
وزيراعظم عمران خان مهمند ڊيم جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو هن تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته ڊيم ٺاهڻ عدالت جو ڪم نه آهي. ڇاڪاڻ ته اسان جي حڪومت نااهل هئي ان لاءِ سپريم ڪورٽ کي ڊيم ٺاهڻ جو فيصلو ڪرڻو پيو. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته ملڪ اندر امن هوندو ته سيڙپڪاري ايندي ۽ سيڙپڪاري سان بيروزگاري ۾ گهٽتائي ٿيندي. مهمند ڊيم مان 8 هزار ميگا واٽ بجلي تيار ڪئي ويندي ۽ 17 هزار ايڪڙ ايراضي کي پوک لاءِ پاڻي ملندو. مهمند ڊيم تي 291 ارب رپيا خرچ ٿيندا. جنهن مان 11 ارب رپيا چندي ذريعي جمع ڪيا ويا آهن ۽ باقي 280 ارب رپيا حڪومت پنهنجي وسيلن مان ادا ڪندي. واضح رهي ته مهمند ڊيم پشاور جي اتر ۾ 37 ڪلو ميٽرن جي فاصلي تي تعمير ٿيندو.