بلاگنئون

ثقافت بدلجندڙ رجحانن جو نالو آهي

ثقافت سماجي زندگي جي اڪثر غير معمولي پهلوئن جي هڪ وڏي، پر مسلسل تبديلين وارين شين ۽ روين ڏانهن اشارو ڪري ٿي. سماجيات جي ماهرن مطابق ثقافت سماجي قدرن، مذهبي ۽ اوائلي سماجي عقيدن، ريتن رسمن، ٻولي جي ترتيب، رابطن جي رجحانن ۽ زندگيءَ جي روزمره جي عملن ۽ روين تي مشتمل هوندي آهي. ثقافت ”اسٽيٽڪ“ (بيهڪ يا جمود) جو شڪار ناهي، ايستائين جو جيئن ماڻهن ۾ قد بت، رنگ نسل، ٻولين جي ”ايووليوشن“ (تبديلي) ممڪن آهي، تيئن ثقافت به ممڪن آهي ته تبديل ٿيندي رهي. ماڻهن جا رويا به ثقافت جا اهڃاڻ آهن، جيڪي تبديلي ۽ نواڻ جا شڪار ٿيندا رهن ٿا. لهجا ۽ طبيعتون به ثقافت جي ذمري ۽ ذيلي حصن جو اڻٽر باب آهن، جيڪي عام ماڻهو گڏيل طور تي گڏجي سڏجي ڪندا رهن ٿا ۽ انهن ثقافتن کي مجموعي طور تي عام ماڻهو سماجن اندر پاڻ کي بيان يا پيش ڪرڻ لاءِ استعمال ڪندو رهي ٿو. ثقافت ۾ اهي مادي ۽ غير مادي شيون به شامل آهن، جيڪي ان گروهه يا سماج لاءِ عام آهن، جيڪي استعمال ٿين ٿيون.

ثقافت سماجي ڍانچي ۽ معاشي پهلوئن کان ڪجھ الڳ ٿلڳ هجي ٿي، پر اها انهن سان جڙيل ضرور هجي ٿي. معاشرن کي مادي ۽ غير مادي ثقافتن جي مسلسل ڄاڻ به ڏئي ٿي. عام ثقافتن ۾ جيڪي شيون شامل آهن، انهن ۾ علائقائي روايتون، مذهبي ۽ اوائلي عقيدا، تاريخي تجربا، جنگيون ۽ فساد به شامل آهن، جن سان معاشرن جي جڙت شامل آهي. ثقافت سماجياتي علمن اندر سڀ کان وڌيڪ اهم تصورن مان هڪ تصور يا لاڳيتو پلجندڙ خيال پڻ آهي، ڇاڪاڻ ته سماجيات جي ماهرن ان خيال کي تسليم ڪيو آهي، اهو تصور اسان جي سماجي زندگي ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. اهو ضروري آهي ته سماجي رشتن کي ترتيب ڏيڻ جي لاءِ سماجي نظامن، ضابطن کي برقرار رکڻ جي لاءِ ۽ انهن تصورن کي چئلينج ڪرڻ جي لاءِ يا اهو طئي ڪرڻ جي لاءِ ته اسان سماج ۾ ڪيئن رهون ڪهون ٿا، اسان جي رهائشي اندازن کي سمجهڻ، پرکڻ ۽ سماج ۾ اسان جي روزمره جي عملن ۽ تجربن کي ترتيب ڏيڻ جي لاءِ ثقافتي علم ضروي آهن، ڇو ته معاشرو به انهن ٻنهي غير مادي ۽ مادي شين جو امتزاج هجي ٿو.

سماجيات جا ماهر ثقافت جي غير مادي پهلوئن کي ڪجھ هيئن بيان ڪن ٿا ته معاشي قدر، عقيدا، ٻوليون، رابطا ۽ عمل جيڪي عام طور تي ماڻهن جي هڪ گروھ ۾ ورهايل ونڊيل آهن، تن جي عملن جي وسعت، انهن جي مطلق ڄاڻ، عام احساس، مفروضا ۽ اميدون به مشتمل آهن. اهو پڻ آهي ته معاشي قاعدا، ضابطا، قانون ۽ اخلاقيات جيڪي سماج کي سنڀاليندا آهن، اهي لفظ جيڪي اسان روز مره زندگيءَ ۾ استعمال ڪندا آهيون، سي اسان ڪيئن ڳالهايون، پڙهون، ٻُڌون ۽ لکون ٿا، جنهن کي سماجيات جا ماهر ”ٻولي“ چون ٿا. علامتون جيڪي اسين استعمال ڪندا آهيون، سي خيال ۽ تصور اسان جي ثقافت کي پڻ ظاهر ڪن ٿا (جهڙوڪ ٽريفڪ جون نشانيون ۽ ايموجيز، بل بورڊ، دڪان جا سائن بورڊ، گاڏين جون پليٽون وغيره وغيره.)

ڪلچر پڻ اهو به آهي ته جيڪو اسان ڪيون ٿا يا ڪيئن ڪندا آهيون، مثال طور: ٿيٽر، ڊراما، ناچ، گانا، رانديون، روزگار پورهيا، علمن جي پڙهائي وغيره وغيره. اهي سڀ عمل ٻڌائين ٿا ته اسان انهن ۾ ڪيئن، ڪٿي ۽ ڪيترا سمايل آهيون. اسان ڪيئن هلون چلون ٿا، اٿون ويهون ڪيئن ٿا، پنهنجي جسم کي ڪيئن سينگاري هلون ٿا، ٻين سان لهه وچڙ ۾ ڪيئن اچون ٿا. اها ڳالھ ڏسندڙن تي منحصر ڪري ٿي ته اسان ڪيئن پايون، پَهريُون ۽ هلون ٿا. اهو به آهي ته اسان ٻين جي وچ ۾ نسلي، طبقاتي ۽ جنسياتي سڃاڻپ کي ڪيئن منفرد ڪري بيان ڪيون ٿا. ثقافت ۾ اهي اجتماعي عمل پڻ شامل آهن، جن ۾ اسين حصو وٺندا آهيون، جهڙوڪ: مذهبي تقريبون، عام مذهبي ڏڻ ۽ روز جا جشن ۽ راندين ۾ شرڪت ڪرڻ وغيره. مثال طور: جديد رانديون ڪلچر جو حصو بڻجي ويون آهن ۽ پراڻي دور جون رانديون هاڻي شهرن ۽ پڪن ڳوٺن مان گم يا مورڳو ئي غائب ٿي رهيون آهن، جن ۾ ڪوڏي ڪوڏي، ملھ، ونجھ وٽي، اِٽي ڏَڪر، يا ٻيون رانديون جيڪي 50 يا 60 واري ڏهاڪي تائين مروج هيون، جن ۾ نوَ ٽِڻِ، ڪوڏيين راند، چدن واري راند وغيره وغيره. ٽيلي ميڊيا ۽ موبائيل جي نه اچڻ تائين اهي رانديون رچايون وينديون هيون، جيڪي ثقافت جو حصو هيون، سي هاڻي ناهن يا مورڳو اسان جو نئون نسل انهن کان واقف به نه هوندو. ائين ثقافت رڳو ڪپڙن پائڻ جو نالو به ناهي، يا سال ۾ هڪ دفعو ڪپڙا پائي پنهنجي سڃاڻپ ڪرائجي، باقي ڏينهن انگريز بڻجي گهمجي، ان مان صاف ظاهر آهي ته اسان ڪلچر (ثقافت) جون ٻيون شيون وساري ويٺا آهيون، جيڪي هاڻي اڻ لڀ آهن ۽ انهن جي ڪا اهميت ناهي رهي. هاڻي ائين به آهي ته رڳو ٽوپي، اجرڪ پايو ۽ ثقافت کي عيد واري ڏڻ وانگي ملهايو ۽ باقي ٻيون ثقافتي گهرجون ڀلي پوريون نه ڪيو ته به خير آهي. ائين ٻوليون، ثقافتون ۽ تمدن جا هڙئي رنگ سنڀالي يا سينگاري پڏائي سگهجن ٿا، پر هڪ ٻي حقيقت کان به انڪار ناهي ته هن ڪيپٽيلزم (سرمائيداراڻا) دور ۾ ٻولين سان گڏ راندين ۽ هنرن جي ثقافت کي بچائڻ به هڪ چئلينج بڻجي ويو آهي، جنهن تي وري وري سوچڻ گهرجي.

مادي ثقافت غير مادي پهلوئن تي به اثر انداز ٿئي ٿي. مثال طور: هڪ بهترين دستاويزي فلم (مادي ڪلچر جو هڪ پاسو) ماڻهن جي رويي ۽ عقيدن کي تبديل ڪري سگهي ٿي (يعني غير مادي ثقافت مٽائي سگهي ٿي). اهو ئي سبب آهي ته ثقافتي مصنوعات جديد نمونن جي پيروي ڪندي رهي ٿي. موسيقي، فلم، ٽيليويزن ۽ آرٽ جي لحاظ کان اڳ ۾ ڇا هو ۽ هاڻي ڇا آهي، گليمر ڪيتريون شيون تبديل ڪري ڇڏيون آهن ۽ انهن جي قدرن، عقيدن ۽ اميدن کي غير مادي شيون متاثر ڪن ٿيون، جيڪي انهن سان لهه وچڙ ڪن ٿيون، جيڪي پوءِ وري اضافي ثقافتي شين جي پيداوار تي اثر انداز ٿين ٿيون. ان ڪري اهو ثقافت سماجيات جي ماهرن لاءِ انتهائي اهم آهي، ڇاڪاڻ ته اهي رويا سماجي نظم ۽ ضبط جي وڌندڙ رجحانن جي پيداوار ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. سماجي عمل هڪ مسلسل استحڪام ڏانهن به اشارو ڪن ٿا، قاعدن ۽ معيارن جي اجتماعي معاهدي جي بنياد تي جيڪي معاونت ڪرڻ ۾ انتهائي مددگار ثابت ٿين ٿا، اهي سڀ تصور هڪ سماجي سطح تي اجتماعي ۽ انفرادي طور تي ڪم ڪرڻ ۾ مددگار هجن ٿا ۽ گڏجي امن ۽ هم آهنگي سان رهڻ جي اجازت ڏين ٿا. ان ڪري سماجيات جي ماهرن لاءِ سماجي نظم ۽ ضبط جا سٺا ۽ خراب نتيجا به آهن.

مادي ثقافت انهن شين مان ٺهيل آهي جيڪي انسان ٺاهي ۽ استعمال ڪن ٿا. ثقافت جي هن پاسي ۾ مختلف قسمن جون شيون شامل آهن، مثال طور: عمارتون، ٽيڪنالاجي وارا اوزار (موبائيلون، ڪمپيوٽر، ليپ ٽاپ، ٽي وي ايل اي ڊي ۽ ايل سي ڊي) مختلف ڊوائيسز، ڪپڙا، فلمون، موسيقي، راڳ رنگ، ادب ۽ آرٽ وغيره وغيره، اهي سڀ مادي ثقافت جا حصا آهن، جيڪي گهڻي ڀاڱي گلوبلائيزيشن جي ڪري هڪ ٿي ويا آهن. مثال طور: راندين جي ڳالھ ڪيون، ڪپڙن پهرڻ جي ڳالھ ڪيون، جدت جي ڳالھ ڪيون، ٽيڪنالاجي جي طوفانن ۽ ڀارتي ۽ مغربي ميڊيائن جي يلغار جي ڳالھ ڪيون ته اهي سڀ آهستي آهستي ان گلوبل وليج واري ذمري ۾ هڪ ٿي ويون آهن، پر ڪجھ شيون جن جي عصبيت ۽ اصليت نٿي مٽائي سگهجي، ان ۾ خطو، ڊي اين اي، ٻوليون، واپاري، بازاري ۽ سماجي رويا وغيره وغيره، پر سماجيات جا ماهر ثقافت جي انهن ٻن پاسن کي ڏسن ٿا، جن ۾ مادي ۽ غير مادي شيون اچن ٿيون، ڇو ته اهي ٻئي هڪٻئي سان گهڻي ويجهڙائپ سان ڳنڍيل آهن. مادي ثقافت ڪلچر جي غير مادي پهلوئن مان نڪرندي آهي ۽ هڪ مخصوص شڪل اختيار ڪندي ويندي آهي. ٻين لفظن ۾ جيڪي انساني قدر، مذهبي ۽ انساني ايمان، رويا ۽ شيون يا جن جي باري ۾ اسان ڄاڻون ٿا ۽ جيڪو اسان روز مره جي زندگيءَ ۾ گڏ ڪندا وتندا آهيون، انهن شين تي اهي غير مادي شيون گهڻي ڀاڱي اثر انداز ٿينديون وينديون آهن، جيڪي اسان وري ٺاهي جوڙي رکندا يا استعمال ۾ آڻيندا ويندا آهيون. بهرحال، اهو مادي ۽ غير مادي ثقافت جي وچ ۾ هڪطرفي تعلق ناهي.

فرانسيسي سماجيات جي ڪلاسيڪل ماهر ”ايميل ڊرڪيم“ جي نظريي ۾ ثقافت جا مادي ۽ غير مادي پهلو ٻئي ان ڪري اهم آهن ته اهي سماج کي گڏ ڪن ٿا. قدر، عقيدا، اخلاقيات، ٻوليون، رابطا ۽ روز جا عمل جيڪي اسان گڏيل طور تي ڪيون ٿا، اهي اسان کي هڪ گڏيل مقصد ۽ هڪ اهم اجتماعي سڃاڻپ فراهم ڪن ٿا. ”ڊرڪيم“ پنهنجي تحقيق ذريعي اهو ظاهر ڪيو آهي ته جڏهن ماڻهو انهن مڙني عملن ۾ حصو وٺڻ لاءِ گڏ ٿين ٿا ۽ جڏهن اهي رسمون نڀائي هڪ ثقافت جي تصديق ڪن ٿا (جنهن ۾ اهي گڏيل آهن) ۽ ائين ڪرڻ سان اهي سماجي رشتن کي مضبوط ڪن ٿا ۽ انهن کي پاڻ ۾ جڙيل رکن ٿا. اڄ سماجيات جا ماهر ڏسن ٿا ته اهي اهم سماجي لقاءَ ناهن رهيا، رڳو مذهبي رسمن ۽ جشنن جهڙوڪ: شاديون ۽ هولي جا ميلا ان ڳالھ جا حامي آهن ته ثقافت مذهبن جي ريتن کان ڪجھ پري آهي. اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ ڊانس پروگرام ۽ موسيقي جي سکيا جن ۾ وڏي تعداد والدين پڻ شريڪ ٿين ٿا يا ٽيليويزن جي پروگرامن ۾ ماڻهن جي شرڪت، راندين جي ميدانن مثال طور: ڪرڪيٽ، والي بال، فٽ بال، هاڪي، رگبي يا ٻيون ڪيتريون ئي اولمپڪ رانديون جيڪي ملڪن جون ثقافتي رانديون ناهن، پر اولمپڪ مقابلن جي رجحانن انهن کي ثقافت جو اڻٽر حصو بڻائي ڇڏيو آهي.