جواب: منھنجو ننڍپڻ به بانبڙا پائيندي ، کيڏندي گذريو ، آئون ماءُ پيءُ جو اڪيلو پٽ ھئڻ ڪري والدين مون سان بيحد پيار ڪندا ھئا ۽ ھو پڙھائي جي مامري ۾ خاص ڪري والد محترم مون تي سختي ڪندو ھو ، مان B.A تائين پڙھي سگھيو آھيان ، جيئن ته منھنجو محترم والد به شاعر ھو ھن جو ادبي ورثو اڄ به مون وٽ آھي ، بابا احمد علي اداسي بلوچ جي نالي سان لکندو هو جنهن جي شاعريءَ ۽ ان جا خريد ڪيل ڪتاب پڙھي به مون کي لکڻ جو شوق ٿيو