بلاگنئون

پيپلز پارٽيءَ جو 10 نڪاتي پروگرام

اسان کي ان ڳالھه کان انڪار ناهي ته پ پ جي دور ۾ جيڪا ٿوري ٿَڪي ترقي ٿئي ٿي سا نظر نه ٿي اچي، هنن جي دور ۾ پگهاردار ۽ مزدور طبقي جي لاءِ هر دفعي چڱائي ئي چڱائي هوندي آهي، پر ڳالھه مرڪز جي ڪنٽرول جي آهي ته اهي جنهن به پارٽيءَ سان محبوبيت جو اظهار ٿا ڪن ته اهي انهن سان نڀائن نٿا. ماضيءَ ۾ اها ڳالھه هر سياسي پارٽي سان ڏٺي وئي آهي ته جيڪو جيترو به دادلو هجي، پر ان جي دال نٿي ڳري. اهي سياسي پارٽين وارا جيڪي واعدا ڪن ٿا انهن مان ڪنهن جو به واعدو وفا نٿو ٿئي. ڳالھه جي شروعات ڪريون ٿا ته اها ڳالھه اٿندي ئي پي ٽي آءِ جي تاريخ ورجائيندي جنهن ۾ هنن ڪروڙين نوڪرين جي ڳالھه ڪئي هئي، پر ويندي ويندي انهن ته سوئي گيس جي ملازمن کان وٺي اسٽيل مل جي ملازمن جا ترا ڪڍي ڇڏيا هئا. ان ڪري ته اها مرڪز جي پاليسي نه هئي جنهن جو پنهنجي منهن پي ٽي آءِ اعلان ڪري ويٺي، ان ڪري انهن جا اعلان ڇسا ۽ ٻُسا نڪتا، ڪو به ڪم ڪري نه سگهيا ۽ سکڻا ڏٽا ڏئي هليا ويا. ان ڪري ڳالھه مرڪز جي پاليسي سان ٻَڌي هلجي ته اهي ڇا ٿا چون يا اهي عوام جي ڀلي ۾ ڪيترا خوش آهن ۽ انهن جي دل سواءِ پنجاب جي ڪنهن ٻئي صوبي سان به ڌڙڪي ٿي يا نه.
ڳالھه اها به سمجهون ٿا ته هاڻي (گهڻي ڀاڱي) جيڪي به ادارا آهن اهي رياست جي ڪنٽرول ۾ ناهن يا ايندڙ ڪجھه سالن ۾ اهي سڀ جا سڀ ادارا خانگائجي ويندا، پوءِ انهن خانگايل اداران ۾ سرڪار جي دال نه ڳرندي. ان ڪري ته جيڪي به انٽرپرونيوئرز هوندا آهن اهي گهڻي ڀاڱي پنجابي هوندا آهن، اهي ايگزيڪيوٽو ڪلاس جي نوڪرين ۾ رڳو پنهنجا پنجابي خاص پنجاب مان گهرائي يا ٻاهرين ملڪن مان آڻي نوڪري تي رکندا آهن، پوءِ اسان جهڙن قومن جي نوجوانن جو ڇا ٿيندو؟ ڇو ته اهي ادارا جڏهن سرڪار جا آهن ئي نه ته اهي ڪري ڇا سگهندا. اها ڳالھه به مڃون ٿا ته پ پ وارن گهٽ کان گهٽ اجرت جي ڳالھه هر دور ۾ ڏاڍي ڀلي ڪئي آهي، پر ڳالھه ته ان کان به مٿي جي آهي جنهن ۾ انهن سياسي پارٽين جو وس نٿو هلي ۽ ڪري به ڪجھه نٿا سگهن. پوءِ ڳالھه اها ڪجي جيڪا پوري ڪري سگهجي. بلاول جي اڳواڻي جي اها ڳالھه مڃون ٿا ته هن 16 مهينن ۾ جيترا ڀلا ڪم وفاقي وزارت ۾ ڪيا ايترا شايد ڪير ڪري به سگهي. هن شخص ٻاهرين ملڪن سان ناتا بهتر ڪيا، هن انهن دورن جي دوران اهي سڀ مفاهمتون ۽ مزاحمتون به ڪيون جن جي ڪري هي عارضي سرڪار ڪجھه ڪرڻ جي سگھه ساري ٿي، جيڪا ڳالهھ ڪاڪڙ صاحب به مڃي ٿو، پر ڳالھه ته پارٽي ليول تي ڪرڻ جي آهي جيڪا سموري ڳالھه وري مرڪز تي وڃي ٿي پئي، جنهن ۾ غريب عوام وري آسري ۾ رهجي ٿو وڃي.
بجلي جا ادارا سڀ جا سڀ خانگايا ويندا جنهن ۾ هن اسٽيٽ جي پلاننگ ۾ اهو آهي ته بجلي جي پيداوار وارا ادارا الڳ هوندا جنهن ۾ ڄامشورو پاور پروجيڪٽ کان وٺي ملڪ سڀ جا سڀ بجلي جا پيداواري ادارا خانگايا ويندا، جنهن ۾ داسو پاور پروجيڪٽ به شامل ڪجي جن جي توسيع چائنا جي حوالي ڪري ڇڏي اٿن. ان ڪري هن رياست جي لاءِ هاڻي آساني ٿي پئي آهي ته اهي بجلي جي پيداواري اداران کي خانگائي به ٽيڪس ڪمائيندا ته ڊسٽريبوشن جا ادارا هنن کي الڳ ٽيڪس ڪمائي ڏيندا ۽ صارف الڳ ٽيڪس ڏيندو. پوءِ اهي ادارا جڏهن سرڪار وٽ آهن ئي نه ته انهن جي مفت بجلي ڪيئن ۽ ڪڏهن ملندي؟ اها ڳالھه به پي ٽي آءِ وارن جي ڳالھه وانگي نه بيٺي ڇو ته پي ٽي آءِ وارن جي ڪا ڳالھه ثابت نه بيٺي، ڇو ته انهن جيڪي به واعدا وچن ڪيا هئا اهي ڪري نه سگهيا. ان ڪري اسان ته دعاڳو آهيون ته شل اهڙي سرڪار اچي جيڪا اهي سڀ شيون ممڪن ڪري ڏئي، ڇو جو ڪنهن به سرڪار ۾ اها همت ناهي هوندي ته اهي پيٽرول جا ريٽ گهٽ ٿيڻ سان ڪو پرائيس ڪنٽرول به ڪري سگهن، پر ايندڙ حڪومت جي متِ ۾ شل اها ڳالھه به ويهي ته ان پيٽرول جي گهٽ ريٽ جو فائدو ڪنهن صورت عوام کي به ملي ۽ اهي سڀ ڳالهيون ڪيئن به ڪري ممڪن ڪري، پوءِ ڪهڙي به سرڪار اچي يا ڪير به اچي. اهو به چئجي ته هاڻي نواز شريف ملڪ جا مسئلا حل ڪندو يا حل ڪري سگهي ٿو، ڇو ته اهي ڳالهيون رڳو چوڻ جون آهن ڪرڻ ڪير به نٿو ڄاڻي. نواز شريف وارا به پي ٽي آءِ جي دور ۾ لنڊن ۾ ويهي ڀڀڪيون هڻندا هئا ته اهي پيٽرول، ڊيزل ۽ ڊالر جون قيمتون گھٽ ڪري ڏيکاريندا ۽ شهباز سرڪار آئي ته اچڻ سان ئي ڪپڙن وڪڻڻ جي ڳالھه ڪري ويٺي ۽ ويندي ويندي عوام کي ڦري فقير ڪري هلي وئي. پوءِ هاڻي انهن تي يقين ڪيئن ڪيون جو اها ڳالھه ته ڪلهوڪي آهي. وري هاڻي ٿا چون ته سڀ ڪجھه نواز شريف صحيح ڪندو، پر ڪير ڪجھه به نٿو ڪري سگهي. پوءِ شابس وري به هن عارضي سرڪار کي آهي جنهن پنهنجي همت يا سچائي سان جيڪي ڪجھه ڪري سگهيا آهن ڪن ٿا پيا جنهن ۾ پيٽرول ۽ ڊالر جون قيمتون گهٽائڻ ۽ اسمگلنگ تي ڪنٽرول ڪرڻ به وڏي ڳالھه آهي.
تعليم جا خواب سڀ ڏيکاري ويا آهن جنهن ۾ سڀ کان وڏي ڊاڙ ته عمران خان هڻي ويو هو، جنهن اچڻ سان ئي چيو هو ته هڪ جهڙو نصاب آڻينداسين. پر جڏهن ڪرسي تي پهتو ته خبر پيس ته اهي ڳالهيون سڀ ڪرڻ جون آهن، ڪير عمل نٿو ڪرائي سگهي. ڪير به مفت تعليم نٿو ڏياري سگهي. ڇو ته اي ليول، او ليول، ميٽرڪ سسٽم، سرڪاري ۽ غير سرڪاري اسڪولن جا نصاب، ڪيمبرج سسٽم، مختلف ميڊيم، قسمين قسمين تعليمي بورڊ، جنهن ۾ فارين بورڊن کان شروع ٿين ٿا ته خانگي تعليمي بورڊن تائين ڳالھه ٿي پڄي. ڪٿي ساليانو امتحاني سسٽم آهي ته ڪٿي سيميسٽر ڪٿي ٽرم وائيز امتحان ورتا ٿا وڃن. وري مذهبي مدرسن جا ڪورس جي لکون ته مٿو ئي چڪرائجي وڃي، جو اهي سمجهڻ به وڏي فلسفي جا ڳالھه آهي. ان ڪري تعليم رڳو مفت ٿئي يا ڪنهن صورت ٿئي پئي جنهن ۾ ڪهڙو به ڪورس هجي، ڪهڙو به نصاب هجي يا ڪهڙو به نظام هجي پر ٿئي. ان ڪري اهي سڀ ڳالهيون ڪنهن وڏي انقلاب جي نينڍ هونديون آهن، ڇو ته نظام ۽ نصاب ٻه وڏا وڏا تعليمي سُٽ آهن، جيڪي غريب غربي جي سمجھه کان چڙهيل آهن، پر رڳو پرائمري کان پي ايڇ ڊي تائين انڌي منڊي سرڪاري تعليم مفت ٿي پئي ته به ڀلو، پوءِ اهي نظام ۽ نصاب پيا ائين هلندا جيئن هلن پيا، ان ڪري بلاول جي ڳالھه ته ڀلي آهي پر الله ڪري ٿي پئي.
عمران خان دور ۾ اها ڳالھه ڏاڍي ڏکائيندي هئي ته هن جيڪي به صحت ڪارڊ هلايا، جيڪي به آءِ ٽي پروجيڪٽ هلايا ۽ جيڪي به بس پروجيڪٽ هلايا اهي سڀ جا سڀ يا ته پنجاب ۾ هئا يا اهي ڪي پي جي نظر ٿي ويا. جڏهن به سڳوري کان اها ڳالھه پڇي ويندي هئي ته جناب هڪ ئي جواب ڏيندو هو ته سنڌ صوبو اسان جو ناهي، ان ڪري اهي ڪو به ڪم سنڌ صوبي ۾ نه ڪندا. 27 آگسٽ 2020 ۾ ٿيل بارشن ۾ 1300 ارب رپين جا ڪراچيءَ جي لاءِ سکڻا اعلان ڪري وري واپس نه آيو تان جو جيل هليو ويو ۽ انهن بارشن ۾ سکر کي هٿ لائي موٽي هليو ويو هو. بهرحال، اسان عوام جون پ پ وارن مان لک اميدون آهن ته اهي انهن پارٽين جي ڀيٽ ۾ مڙئي ڪجھه ترقياتي ڪم ڪن ٿا روشن خيال آهن، ائين به ناهي ته هي ملڪ هاڻي سنگاپور ٿي ويندو يا پيرس ۽ لنڊن کي پوئتي ڇڏي ويندو، پر لائف انڊيڪس ڪجھه بهتر ٿئي ته به ڀلو آهي.
اها ڳالھه به سامهون آهي ته سنڌ جا ڪيترائي علائقا 2022 جي بارشن ۾ لڙهي ويا، ماڻهن فليش فلڊ جا عذاب ڏٺا، ماڻهن جا مال متاع لڙهي هليا ويا، جيڪي ماڻهو ڪووڊ جهڙي وبا جا ڌڪ جهلي مس سڌا ٿيا هئا اهي وري عذابن جي ور چڙهي ويا، پر اميد آهي ته اهي هاڻي بلاول جي اڳواڻي ۾ من ڪي سک جا ساھ کڻن. هاڻي انهن غريب ماڻهن کي هاري ۽ مزدور ڪارڊ ڏنا وڃن، انهن ماڻهن کي فري راشن ڪارڊ ڏنا وڃن، انهن ماڻهن کي هاڻي فري صحت ڪارڊ ڏنا وڃن، پر مصيبت اها به آهي ته اهي سڀ ڳالهيون جيڪي هاڻي سڀ اڳواڻ هڪٻئي کي پوئتي ڇڏڻ ۽ اليڪشن کٽڻ جي لاءِ ڪن ٿا اهي سڀاڻي ساڀيان به ڪن. ان ڪري هتان جا نوجوان جيڪي پڙهي روزگار جي لاءِ در در ڌڪا ٿا کائين انهن کي مهل سان نوڪريون ملن، نوان نوان صنعتي زون جوڙيا وڃن ته جيئن انهن سڀني ڳالهين ٿيڻ سان زندگيءَ جون بهارون اچن ۽ معاشي ۽ معاشرتي ترقي ممڪن ٿئي. ڇو ته مرڪز وٽ رڳو اسان جهڙين قومن جي لاءِ استحصالي اسڪيمون آهن جنهن ۾ بحريا ٽائون کان وٺي، ڪمانڊر سوسائٽين کان وٺي، اي ايس ايف سوسائٽين تائين ۽ هاڻي 54 هزار ايڪڙ زمينون پنجابي انويسٽرن جي نالي ڪيون اٿن جنهن سان وري اهو ٿيندو جو صنعتي انقلاب جي نالي هن قوم کي ڦري ناڙ ڪندا، پر پ پ مان اهي سڀ اميدون واڳي سگهجن ٿيون ته اهي انهن مسئلن جو ڪو پائيدار حل ڪڍندا ته جيئن پنجاب جهڙي نه صحيح ان جي اڌ جيتري ترقي به ممڪن ٿي پوي.