پاڪستانخاصنئوننيو‍‍ز

وزير اعظم آمريڪا جي دوري تي روانا

وزير اعظم عمران خان، آرمي چيف ۽ آءِ ايس آءِ جي چيف سان گڏ ڪاله رات ساڍي ٽي بجي آمريڪاجي ٽن ڏينهن جي دوري تي روانو ٿي ويو. ٽئي ڄڻا اڄ رات آمريڪا پهچندا ۽ پاڪستان هائوس ۾ قيام ڪندا. 21 جولاءِ تي وزير اعظم ، ورلڊ بينڪ جي صدر سان ملاقات ڪندو. جنهن بعد وزير اعظم، آمريڪا ۾ موجود پاڪستانين ۽ ڪاروباري شخصيتن جي آجياڻي ۾ شرڪت ڪندو جڏهن ته وزير اعظم ۽ آمريڪاجي صدر وچ ۾ ون آن ون ملاقات 22 جولاءِ تي ٿيندي. جڏهن ته ٻنهي ڄڻن جي وفدن وچ ۾ ملاقاتون به ٿيندينون ان کان علاوه وزير اعظم 23 جولاءِ تي آمريڪا جي ٽي وي چينل کي هڪ خصوصي انٽرويو ڏيڻ سان گڏ انسٽيٽيوٽ آف پيس ۾ تقريب سان به خطاب ڪندو. جنهن کانپوءِ وزير اعظم 23 جولاءِ تي پنهنجي وفد سان پاڪستان لاءِ روانو ٿيندو.