يونيورسٽي جي فنڊن مان ڪٽوتي ڪئي ويندي، ايڇ اي سي سنڌ جو چيف
هائر ايڊيوڪيشن ڪميشن سنڌ جي چيف چيو آهي ته اسان يونيورسٽي جي فنڊن ۾ ڪٽوتي ڪرڻ وارا آهيون. جنهن کانپوءِ يونيورسٽين کي انهن جي مالي معاملات کي هلائڻ لاءِ گهڻيون مشڪلاتون پيش اچي وينديون. هن سان يونيورسٽي کي تمام گهڻي مشڪلات کي منهن ڏيڻو پوندو ڇاڪاڻ ته تمام ڇاڪاڻ ته انهن يونيورسٽين جو ٻيو ڪو به آمدني جو ذريعو ڪونهي. اهي صرف حڪومت تي ئي ڀاڙين ٿيون. هي ڳالهيون هائر ايجوڪيشن جي چيئرمين ڊاڪٽر عاصم حسين جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي جي هڪ پروگرام ۾ ڪيون. هن وڌيڪ چيو ته يونيورسٽين کي پنهنجا نوان آمدني جا ذريعا ڳولهڻ گهرجن جيئن سڄي دنيا ۾ ٻيون يونيورسٽيون ڪنديون رهنديون آهن.

