ڏکڻ ايشيا جي تاريخ رڳو سرحدن جي ورهاست يا سياسي فيصلا ڪرڻ جو نالو نه، پر اها دلين جي دوري ۽ ويجهڙائپ جي ڪهاڻي به آهي. پاڪستان ۽ بنگلاديش جو رشتو به اهڙو ئي پيچيده، جذباتي ۽ تاريخي لاهن چاڙهن سان ڀرپور رهيو آهي. هڪ وقت هو جڏهن ٻئي هڪ ئي ملڪ جا ٻه بازو هئا؛ پوءِ اختلاف، بي اعتمادي ۽ 1971ع جي سانحي ٻنهي کي جدا ڪري ڇڏيو، پر تاريخ جا وهڪرا سدائين هڪ جهڙا ناهن رهندا ۽ وقت سان گڏ حالتون، مفاد ۽ سوچون بدلجنديون رھن ٿيون.
1947ع ۾ جڏهن پاڪستان ٻن حصن تي ٻڌل رياست طور وجود ۾ آيو ته مشرقي پاڪستان (هاڻوڪو بنگلاديش) ۽ مغربي پاڪستان ھڪ ملڪ ھوندي به ٻنهي حصن جي وچ ۾ هزارين ميلن جو فاصلو هو، ٻولي، ثقافت ۽ سياسي ضرورتون به الڳ هيون. شروعاتي سالن ۾ انتظامي بي ترتيبي، معاشي شڪايتون ۽ نمائندگيءَ جا مسئلا آهستي آهستي بيچينيءَ ۾ تبديل ٿيا. 1971ع جي جنگ ۽ سياستدانن جي سياسي بحران ۽ انڊيا جي مسلسل مداخلت سبب نتيجو آخرڪار بنگلاديش جي قيام تي ختم ٿيو ۽ اھو ھڪ اهڙو موڙ ھو، جنهن ٻنهي قومن جي لاڳاپن تي گهرا اثر مرتب ڪيا. ٻنهي ملڪن جي الڳ ٿيڻ کانپوءِ سالن تائين ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ بي اعتمادي، جذباتي فاصلو ۽ سياسي سرد مهري غالب رهي ۽ بنگلاديش ھميشه ڀارت کي پاڪستان تي ترجيح ڏيندو رھيو!
پاڪستان ويجهي ماضيءَ ۾ سفارتي محاذ تي جيڪي ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن، سي يقين کان به مٿانهيون لڳن ٿيون ۽ جن جو اعتراف دنيا جي معتبر اخبارن ۽ تجزيه نگارن پڻ ڪيو آهي ۽ اهي ڪاميابيون اتفاقي نه هيون، پر گڏيل حڪمتِ عملي، ڏاهپ ۽ سوچي سمجهي کنيل قدمن جو نتيجو هيون، پر منهنجي خيال ۾ انهن سڀني مان وڏي ڪاميابي بنگلاديش کي ويجهو آڻڻ آھي. ھن قصي جي شروعات تازو ڪرڪيٽ جي ميدان ۾ ھڪ عجيب صورتحال کانپوءِ پيدا ٿي جڏهن بنگلاديش جي رانديگر مستفيض الرحمان کي آءِ پي ايل مان ڪڍيو ويو ۽ سبب اهو ڄاڻايو ويو ته ڀارت ۾ ڪجهه انتهاپسند هندو اڳواڻن ڌمڪيون ڏنيون آھن ته اھي کيس آءِ پي ايل ۾کيڏڻ نه ڏيندا! ياد رھي ته ڀارت اڃان تائين شيخ حسينه واجد جي اقتدار وڃائڻ جو صدمو ناھي سهي سگهيو جيڪا مڪمل طور ڀارت نواز هئي، پر بنگلاديش جي عوام سندس حڪومت ختم ڪري ڇڏي ۽ ڀارت کيس پنهنجي ملڪ ۾ پناهه ڏني آهي.
ھاڻي جيڪڏهن ڀارت ٿوري به دور انديشي ڏيکاري ها ۽ مستقبل جي صورتحال کي سمجهي ها ته شايد حسينه واجد کي پنهنجي ملڪ ۾ ڪڏهن به پناهه نه ڏئي ها ڇو ته ان سان ان جا بنگلاديش جي موجوده حڪومت سان تعلقات خراب ٿيڻ جو انديشو ھو ۽ ٻيو ته حسينه واجد ڪنهن به يورپي ملڪ ۾ پناهه وٺي سگهي پئي، پر ڀارت پنهنجي انا ۽ غرور جو شڪار ٿي پنهنجي پير تي پاڻ ڪھاڙو ھنيو! بهرحال جڏهن ڀارت جي انتھا پسند گروھن ڌمڪيون ڏئي مستفيض الرحمان کي آءِ پي ايل مان ڪڍڻ جو چيو ۽ ڀارت به انهن اڳيان جھڪي ان رانديگر کي ڀارت ۾ نه آڻڻ جو اعلان ڪيو ته ان تي بنگلاديش اهو موقف اختيار ڪيو ته جيڪڏهن اسان جو هڪ رانديگر ڀارت ۾ محفوظ ناهي ته پوءِ سڄي ٽيم ڪيئن محفوظ ٿي سگهي ٿي، انھيءَ ڪري انهن به ڀارت وڃي ميچ کيڏڻ کان انڪار ڪيو.
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ھتي معاملا آسانيءَ سان حل ٿي سگھيا پئي يعني آءِ سي سي، بنگلاديش جي تحفظات کي نظر ۾ رکي ۽ ماضيءَ جي فيصلن کي سامهون آڻي، بنگلاديش جا ميچ سريلنڪا يا ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ منتقل ڪري سگهي پئي، پر ڀارت جي ضد ۽ ميڊيا جي دٻاءُ سبب آءِ سي سي جي ڀارتي چيئرمين ٻن اي ميلن کانپوءِ بنگلاديش کي ٽورنامينٽ مان ئي ٻاهر ڪرائي ڇڏيو ۽ اسڪاٽ لينڊ کي ورلڊ ڪپ کيڏڻ جي دعوت ڏني وئي.
هاڻي ھتان کان ان معاملي ۾ پاڪستان جي انٽري شروع ٿي، بظاهر پاڪستان جو هن معاملي سان ڪوبه سڌو واسطو نه هو، پر ماضيءَ ۾ ڀارت کان ڪيترائي ڌڪ کائڻ بعد اهو مناسب وقت هو ته ھاڻي جواب ڏنو وڃي. پاڪستان اوچتو ئي اعلان ڪيو ته هو ورلڊ ڪپ ته کيڏندو، پر ڀارت خلاف پنهنجو شيڊيول ميچ نه کيڏندو. بظاهر اها معمولي ڳالهه لڳي ٿي ته هڪ ملڪ ٻه پوائنٽس وڃائي رهيو آهي، پر حقيقت ۾ معاملو ايترو سادو نه هو. پاڪستان کي خبر هئي ته آءِ سي سي جي آمدنيءَ جو وڏو حصو پاڪستان ۽ ڀارت جي ميچن تي دارو مدار رکي ٿو. تنهنڪري اهو ميچ نه کيڏڻ جو اعلان آءِ سي سي لاءِ وڏي پريشاني جو سبب بڻجي سگهي ٿو ۽ پوءِ دنيا ڏٺو ته پاڪستان جي ان فيصلي سان ڪرڪيٽ جي دنيا ۾ ڄڻ ته زلزلو اچي ويو، ڪافي عالمي رانديگرن پاڪستان جي ان فيصلي جي حمايت ڪئي ۽ جيڪي ڀارتي مبصر چئي رھيا هئا ته پاڪستان کي به بنگلاديش وانگر ٻاهر ڪڍي ڇڏيو يا ان تي به پابنديون هنيون وڃن يا ڏنڊ هنيو وڃي، انهن جي وات کي تڏهن لگام اچي ويو جڏهن آءِ سي سي پاڪستان کي مڃائڻ لاءِ پنهنجو ھڪ وفد اسلام آباد موڪليو. مٿان وري سريلنڪا جي صدر پڻ شھباز شريف کي فون ڪال ڪري عرض ڪيو ته اگر پاڪستان انڊيا سان پنهنجي ميچ نه کيڏڻ واري فيصلي تي نظر ثاني ڪندو ته اسان ان جا ٿورائتا رھنداسين!
بهرحال پاڪستان آءِ سي سي جي وفد اڳيان جيڪي شرط رکيا، اھي سڀئي بنگلاديش جي حق ۾ آهن. پاڪستان پنهنجي لاءِ ڪجهه به نه گهريو آهي. ان سان گڏ پاڪستان بنگلاديش جي ڪرڪيٽ بورڊ جي سربراهه کي به پاڪستان گهرايو ۽ کيس آءِ سي سي جي وفد اڳيان باعزت حيثيت سان ويهاريو، جتي بنگلاديش جون شرطون مڃرايون ويون، ۽ آءِ سي سي طرفان ان کي مسقبل قريب ۾ وڏو فائدو ڏيڻ جو به واعدو ڪيو ويو.
هاڻي سوال اهو آهي ته ان ميچ نه کيڏڻ واري فيصلي مان پاڪستان کي ڇا حاصل ٿيو ۽ بنگلاديش کي ڪهڙو پيغام ڏنو ويو؟ جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته پاڪستان جو ميچ نه کيڏڻ جو اھو اعلان پنهنجي مالي فائدي لاءِ نه، پر بنگلاديش سان يڪجهتي ۽ ڊگهي مدي وارن مقصدن لاءِ هو ۽ جيڪڏهن ٿورو غور ڪبو ته پيغام صاف ۽ واضح نظر ايندو ته ڀارت بنگلاديش کي معمولي ۽ غير اھم سمجهي ورلڊ ڪپ مان ٻاهر ڪري ڇڏيو، جنهن سان بنگلاديش جا ڀارت خلاف جذبا وڌيڪ مجروح ٿيا ۽ وري جڏهن پاڪستان کيس عزت ڏني ۽ آءِ سي سي اڳيان برابري واري حيثيت سان بيهاريو ته ان سان بنگلاديش پاڪستان جي وڌيڪ ويجهو اچي ويو ۽ ھاڻي بنگلاديش حڪومت پاڪستان جي اها محبت ڪڏهن به وساري نٿي سگهي ۽ ٻيو ته بنگلاديش جي عوام جا پاڪستان سان سٺا جذبا وڌيڪ مضبوط ٿي ويندا ۽ اھو ھڪ اھڙو ڊگهي مدي وارو فائدو آھي جيڪو ڪرڪيٽ جي بظاهر هڪ معمولي فيصلي ذريعي حاصل ڪيو ويو آھي.