ليکڪ: يووال نوح ھراري
اوائلي دور ۾ انسان وڏن قبيلن سان تعلق رکندا هئا، پر تنهن هوندي به اسان کي ڄاڻ آهي ته اهي سڄو وقت ڪٽنب سان گڏ نه رهندا هئا. وڏي ميڙ جي لاءِ کاڌو گڏ ڪرڻ ڏاڍو ڪٺن عمل هو، تنهنڪري قبيلا ننڍين ننڍين ٽولين ۾ ورهائجي ويا ۽ مختلف ماڳن تي کاڌي جي جستجو ۾ نڪري ويندا هئا. ان جو اهو مقصد ٿيو ته هر قبيلو ڪيترن ئي ٽولين جو ٺهيل هو؛ هڪ قبيلو سئو ماڻهن تي مشتمل هو ته ٻيو قبيلو وري ڏهن ماڻهن تي مشتمل هوندو هو. ماڻهو گهڻو ڪري، پنهنجو ڳچ عرصو پنهنجي ننڍي ٽوليءَ سان گڏجي گذاريندا هئا ۽ ڳڀي ٽُڪر جي کوج ۾ هڪ ماڳ کان ٻئي ماڳ تائين ڦِرندا رهندا هئا. خاص موقعن تي هڪ قبيلي جون سڀئي ٽوليون اچي هڪ جاءِ تي ڳاهٽ ٿينديون هيون. مثال طور: جيڪڏهن ڪنهن خاص ماڻهوءَ جو قضيو ٿيندو هو ته هر ماڻهو سندس آخري رسمن ۾ شامل ٿيندو هو. انهن کي جڏهن اجگر جانورن جو شڪار ڪرڻو هوندو هو، سگهارن دشمنن کي مات ڏيڻي هوندي هئي يا اهم موقعن تي ريتون رسمون ادا ڪرڻيون هونديون هيون ته هوند اهي سڀئي يڪمشت ٿي ويندا هئا، پر ائين به ٿيندو هو، جو ماڻهن جي اڪثريت کي ٽوليءَ کان ٻاهر رهندي، مهينن جا مهينا ٿي ويندا هئا، جو اهي هڪٻئي جو مُنهن ڏسڻ لاءِ به سِڪندا هئا. ٽوليءَ ۾ سڀ فرد هڪٻئي کي چڱيءَ طرح سڃاڻندا هئا. اهي هميشه مِٽن مائٽن ۽ دوستن دَڙن جي گهيري ۽ چهچٽي ۾ هوندا هئا. اهي جهنگن ۾ گڏجي ويندا هئا، اهي گڏجي کاڌي جو انتظام ڪندا هئا ۽ اهي ڪئمپن جي آسپاس ويهي هڪٻئي کي ڪهاڻيون ٻُڌائيندا هئا. ڪن ماڻهن لاءِ ان قسم جون تفريحون دل وٽان هونديون هيون، ته ڪي وري اڪيلائپ جا هيراڪ هئا. اڄڪلھه جي خانابدوش قبيلن ۾ به اهي ساڳيون روايتون پسي سگهجن ٿيون. ٽوليءَ کي ڪو هڪ سگهارو سَرواڻ ڪونه هوندو هو، جو انهن جي رهنمائي ڪري سگهي. جڏهن فيصلن وٺڻ جو وقت ايندو هو، تڏھن “جيڏا وات اوتريون ڳالهيون” واري ڪار هوندي هئي. هرڪو پنھنجون پنهنجون ڳالهيون سُڻائيندو هو. جن ماڻهن کي اهي ڳالهيون نه وڻنديون هيون، اهي ماٺ ميٺ ۾ اتان هليا ويندا هئا. اڄ جيڪڏهن ڪو آمر ڊڪٽيٽر بڻجي ٿو ته اتان جي ماڻهن جي لاءِ پنهنجو وطن ڇڏي وڃڻ اوکو ۽ جوکم وارو ڪم آهي. اسان اڄ جي آثار قديمه ۽ خانا بدوشن جي مشاهدي مان پٿر جي دور جي زندگيءَ بابت ڇا ٿا ڄاڻي سگهون؟ اڄ خانا بدوشن جون ٽوليون هڪ ئي وقت هڪ جاءِ تي ٽِڪي نٿيون سگهن ۽ پٿر جي دور جون ٽوليون کاڌي جي تلاش ۾ هيڏانهن هوڏانهن پيون ڦرنديون هيون. اهي انسان درياهن ۾ مڇيءَ جي موجودگي جي صورت ۾ درياهن ڏانهن رخ ڪندا هئا. انجير جي موسم ۾، انجير جي ڳولا ۾ اهي ٻيلن ۾ ويندا هئا. هو پنهنجي علائقي ۾ هيڏانهن هوڏانهن گُھمريون ۽ گُهتون هڻندا هئا، جو اهو علائقو سندن گهر هو. گهر جو مطلب پٿر جي بناوت يا ڪو ڳوٺ نه ھو، پر ان جو مطلب اهو علائقو جو جبلن، ماٿرين، ٻيلن ۽ ندين سان ڀريل هوندو هو. توهان کي هڪ گهر کان ٻئي گهر تائين پهچڻ ۾ هڪ منٽ کان به گهٽ وقت لڳي ٿو، پر جي توهان ڪنهن وڏي محل ۾ به رهندا هجو، ته جيڪر اوهان کي پنج منٽن کان وڌيڪ عرصو نه لڳندو، پر اسان جي پٿر جي عهد جي وڏڙن کي گهر جي هڪ ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين پهچڻ ۾ به ذري گهٽ هڪ هفتو لڳي ويندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن مخصوص جڳھه تي جھجھي کاڌي جي صورت ۾ هڪ ٽولِي يا گھڻيون ٽوليون مهينن جا مهينا يا ويندي سڄو سال اتي پنهنجو ٽڪاڻو ڪنديون هيون. اهي ٽوليون گهڻو ڪري ڍنڍن ۽ ندين جي ويجهو رهنديون هيون، جتي مڇيون ۽ سِپون جام ٿينديون هيون ۽ چوڌاري پکين جي آمد هوندي هئي. ان طرح ممڪن آهي ته ڪن انسانن ڪٿي مستقل ڳوٺ ٻڌو هجي. ڪن موقعن تي کاڌي جي اڻهوند سبب ٽولِي تقسيم ٿي ويندي هئي. نتيجي ۾ ڪجھه ماڻهو قديم گهرن ۾ ئي رهندا هئا ۽ ڪجهه وري انهن کي الوداع ڪري نئون ماڳ مڪان وسائيندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن ته اهڙا به موقعا ايندا هئا، جو سڄي ٽوليءَ کي پنهنجي گهر وارو علائقو ڇڏڻو پوندو هو. ائين سڀ ڪجهه قدرتي تباهڪارين جي صورت ۾ ممڪن ٿيندو هو. شايد وڏي ڏڪار، ندين ۽ وڻن جي سوڪهڙي ۽ بک سبب ماڻهو لڏپلاڻ ڪندا هئا. کاڌي جي تلاش ۾ ٽولين کي پري پري تائين دور دراز علائقن تائين وڃڻو پوندو هو. اهڙي نموني اسان جا وڏڙا آهستي آهستي سڄي دنيا ۾ پکڙجي ويا.
ماڻهن جو مشغلو روزانو مختلف شين کي گڏ ڪرڻ هوندو هو. اهي ٻوٽن جي مختلف قسمن کي گڏ ڪندا هئا ۽ ذائقيدار جيتن ۽ ڪِيئَن کي پڪڙيندا هئا. اهي اوزار ۽ جهوپڙين ٺاهڻ جي لاءِ پٿر، ڪاٺ ۽ بانس گڏ ڪندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن اهي گڏجي، وڏن ۽ خطرناڪ جانورن جو شڪار ڪندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن ته انهن خانا بدوش لوڪن جي ننڍڙن ٻارڙن کي جهنگلن ۾ رلندي ڦرندي بصر يا گجرون هٿ لڳي وينديون هيون. اهي حرڪتي ٻار وڻن تي چڙهي، پکين جي آکيرن مان انهن جا بيدا چوري ڪندا هئا يا اهي بانس مان مڇي مارڻ جا لڪڙ تيار ڪندا هئا. اسان جا وڏڙا گهڻو ڪري شڪار بجاءِ شيون گڏ ڪرڻ ۾ رُڌل هوندا هئا. انهن نه صرف کاڌو، پٿر ۽ ڪاٺ گڏ ڪيو، پر انهن علم پڻ گڏ ڪيو. اهي اسڪول نه ويندا هئا ۽ نه ئي ڪتاب پڙهي سگهندا هئا، پر اهي هميشه نئين شيءِ سکڻ جي جستجو ۾ هوندا هئا. مختلف شين بابت جيڪر هُو سکيا حاصل نه ڪن ها ته شايد هُو گهڻو جياپو حاصل ڪري نه سگهن ها. پهريان ته هنن کي پنهنجي علائقي بابت ڄاڻ رکڻي پئي. جيڪڏهن انهن کي پاڻيءَ بابت پتو نه هجي ها، اهي اُڃ مري وڃن ها. انهن کي اها خبر نه هجي ها ته کاڌو ڪٿان ملندو، اھي بُک مري وڃن ها. جيڪڏهن انهن کي گهري اونداهي جهنگ ۾ هلڻ جي ڄاڻ نه هجي ها، اهي نتيجي ۾ ڪري پون ها ۽ پنهنجي ڄنگھه ڀڃائي ويهن ها. انهن ساڳين جهنگن ۽ پهاڙن تان گهڙي گهڙي گذرڻ ڪري، اهي هر موسم، هر وڻ ۽ پهاڙ کان ايترو واقف ٿي ويا هئا، جو اهي شيون کين پراڻن دوستن جيان لڳڻ لڳيون هيون. اسان جيئن اڌ رات جو پائخاني واري جڳھه، ڪٻٽ جي خاني يا فرج کي آسانيءَ سان ڳولهي لهون ٿا، ائين خانا بدوش لوڪ پُربهار ٿڌڙي هوا کي محسوس ڪري سگهندا هئا ۽ اخروٽ جي وڏي وڻ ۽ نوڪدار پٿريلي پهاڙ کي اونداھيءَ ۾ به ڳولهي لهندا هئا. انهن کي سندن چوڌاري موجود ٻوٽن ۽ جانورن بابت سٺي ڄاڻ هئي. انهن کي خبر هئي ته کنڀيون ڪهڙيءَ جڳھه تي ٿينديون ۽ اهي توهان کي کنڀين جي قسمن جي فرق بابت به سٺو سمجهائي سگهن ها. مثال طور: ڪهڙي کنڀي لذيذ هئي، جا کائي سگهجي ها، ڪهڙي کنڀي زهريلي هئي، جنهن کي کائڻ سان اوهان مري سگهيا پئي ۽ ڪهڙي کنڀي طبي طور علاج واسطي استعمال ڪري پئي سگهجي. انهن کي موسمن جي ڀلي ڀت ڄاڻ هئي. مثال طور: پکين جي بيدا لاهڻ جي مُند بابت کين خبر هئي ۽ کين اهو به پتو هوندو هو ته اهي پکي آنا لاهڻ لاءِ آکيرن جي چونڊ ڪهڙين ڪهڙين جاين تي ڪندا هئا. انهن کي رِڇن جي ٺڪاڻن جي پڻ خبر هوندي هئي، کين اهو به پتو هوندو هو ته جيڪر ڪو وڏو رڇ پويان پئجي وڃي ته ان مان ڪيئن جند ڇڏائي سگهجي ها. خانا بدوش شين کي ٺاهڻ ۾ ماهر هوندا هئا. اسان کي جڏهن ڪنهن چاقو، جوتن جي جوڙي يا دوا جي ضرورت پوي ٿي، اسان اسٽور تي وڃون ٿا ۽ انهن کي خريد ڪريون ٿا. اسان کي ان بابت ڪو به خيال نه آهي ته اهي شيون ڪنهن ۽ ڪيئن ٺاهيون. ٿي سگهي ته اهي شيون اسان وٽ دنيا جي ڪنهن ٻئي ڇيڙي کان آيون هجن. پٿر جي دور ۾ هر ڪو پنهنجي ضرورت آهر شيون ٺاهيندو هو. چاقو ٺاهڻ لاءِ انهن کي مختلف پٿر گڏ ڪرڻا پوندا هئا. انهن پٿرن مان بهترين پٿرن کي گهڙي، نوڪدار بڻائي، انهن کي استعمال لائق بڻايو ويندو هو. جديد انسان کي پٿر تراشڻ ۽ ان مان چاقو ٺاهڻ ۾ ڪيترائي ڪلاڪ لڳي سگهن ٿا، جڏهن ته پٿر جي انسان جي لاءِ اهو منٽن جو ڪم هوندو هو. قديم آثارن جي ماهرن کي قديم جاين جي کوٽائيءَ دوران چُلهن مان ڪيتريون ئي دلچسپ دريافتون مليون. انهن کي باھه جا آثار، ٽُٽُل پٿر ۽ ٻيون ڪيتريون ئي شيون مليون. ائين ڀلا ڇو هو؟ ان جو جواب اهو آهي ته نوجوان باھه جي ويجهو ويهندا هئا، اهي چاقو ٺاهڻ ۾ ماهر هئا ۽ انهن کان پٿر غلطيءَ مان قسمتي ٽُٽُندا هئا. جڏهن ته ٻارڙا گهڻو ڪري پري ويهندا هئا ۽ اهي اڃان ان آرٽ کي سکڻ جي مرحلي ۾ هوندا هئا، تنهنڪري انهن کان کوڙ سارا پٿر ٽُٽُي پوندا هئا. جانورن، ٻوٽن ۽ پٿرن بابت انهن خانا بدوشن ائين علم حاصل ڪيو. انهن پنهنجي جسمن بابت ۽ انهن جي استعمال بابت پڻ سکيو. اهي اسان جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ٻُڌي، ڏسي ۽ چُرپر ڪري سگهندا هئا. اُهي جڏهن رات جو جهنگ ۾ هلندا هئا، تڏهن نانگ بلائن ۽ ٻين جيت جانورن جا آواز سُڻي ۽ محسوس ڪري سگهندا هئا. اهي وڻن ۾ ميون، ماکيءَ جي مانارن ۽ پَنن جي وچ ۾ لڪيل پکين جي آکيرن کي ڳولهي لهندا هئا. اهي هوا جي سڳنڌ مان ٽائيگر يا هرڻي جي اچڻ بابت ٻڌائي سگهندا هئا. اهي مِٺن ۽ زهَريلن ميون جي سڃاڻپ ڪري سگهندا هئا. هر پٿر انهن سان ڇهاءُ جي ٻوليءَ ۾ ڳالهائيندو هو. اهي شڪار جي تلاش ۾ پَير پَير ۾ ڏئي هلندا هئا ۽ ڊوڙڻ ۾ به صفا تيز هوندا هئا. مجموعي طور خانا بدوشن کي گھڻين شين بابت سٺي ڄاڻ هئي. انفرادي فردن جي ڀيٽ ۾ سماج ڪُلي طور گهڻي ڄاڻ رکي ٿو. اسان کي اجتماعي طور ڪارن، ڪمپيوٽرن ۽ خلائي گاڏين ٺاهڻ بابت ڄاڻ آهي، پر انفرادي طور اسان کي گهٽ ڄاڻ آهي. ڇا توهان اڪيلا ڪار، ڪمپيوٽر يا خلائي گاڏي ٺاهي سگهو ٿا؟ ويندي ڪارخانن ۾ جتي هي شيون ٺهن ٿيون، اتي به هر شخص صرف ننڍي ذري پرزي ٺاھڻ جي ڄاڻ رکي ٿو. ڪنهن ماڻهوءَ کي ٽائر ٺاھڻ واري مشين هلائڻ اچي ٿي، پر اهو ضروري نه آهي ته اهو ساڳيو ماڻهو انجڻ، اسٽيئرنگ ويل، يا بتيون ٺاهڻ ڄاڻندو هجي. سڀني شعبن ۾ ائين آهي. جهاز اڏائڻ يا تاريخ تي ڪتاب لکڻ بابت توهان ڇا ٿا ڄاڻو؟ توهان کي ڪنهن هڪ اڌ شيءِ بابت ته ڄاڻ هوندي، پر هڪ ئي وقت اوهان کي گھڻين شين کي ڄاڻڻ لاءِ ٻين ماڻهن جي مدد جي ضرورت پوندي. جن ماڻهن تاريخ تي ڪتاب لکيا، انهن کي تاريخ جي وڏي ڄاڻ هئي، تنهنڪري انهن کي تاريخدان چيو ويندو آهي، پر انهن کي پنهنجي کاڌو ٺاهڻ، ڪپڙا سبڻ يا پنهنجي گهر ٺاهڻ بابت گهٽ عِلم هوندو آهي. اهي ڪتاب لکن ٿا ۽ ماڻهو اهي ڪتاب خريد ڪن ٿا. اهڙي طرح تاريخدان پئسا ڪمائين ٿا. ان کانپوءِ تاريخدان ٻين ماڻهن کي ڪجھه پئسا ڏئي، انهن کان اٽو، لٽو ۽ اجهو خريد ڪن ٿا. توهان جيڪڏهن تاريخدان کي اڪيلو ڪنهن جهنگ ۾ ڇڏي ايندا ته عين ممڪن آهي ته هُو بک يا ٽائيگر جو شڪار ٿي ويندو. ڇاڪاڻ ته تاريخ تي ڪتاب اوهان کي جهنگ ۾ نٿو بچائي سگهي.
پٿر جي دور ۾، اهي خانا بدوش جن کي سندن آسپاس بابت سٺي ڄاڻ هئي، اهي اڪثر ڪري سٺي زندگي جيئندا هئا. اڄ جي ڀيٽ ۾ انهن کي گهٽ ڪم ڪرڻو پوندو هو. مثال طور: اسان جي دور جي ڪارخاني جي مزدور جو سڄو ڏينهن اهڙي نموني گذري ٿو، جو هو صبح جو ستين وڳي گهر کي ڇڏيندي، پنڌ يا ڀريل بس ۾ سفر ڪندي، گند سان ڀريل گهٽين مان گذرندي، هڪ وڏي گوڙ شور واري ڪارخاني ۾ داخل ٿئي ٿو. جتي هُو ڏهن ڪلاڪن جي لاءِ مشين کي هلائي ٿو، ساڳي شيءِ کي گهڙي گهڙي ڪندي، شام جو ستين وڳي بس کي پڪڙي ٿو يا پنڌ کي ڇِڪي ٿو. ان کان علاوه کيس گهر جا ڪم ڪار الڳ ڪرڻا پون ٿا. ويھه هزار سال اڳ، خانا بدوش پنهنجي دوستن سان گڏجي، صبح جو اٺ وڳي ڌاري، پنهنجي ڪئمپ کي ڇڏيندا هئا. اهي ويجهن ٻيلن ۽ چراگاهن مان گذرندي، ٻير چونڊيندي، وڻن تي ميوات لاءِ چڙهندي، زمين مان پاڙن کي کوٽيندي، مڇين کي پڪڙيندي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ٽائيگرز کان بچڻ لاءِ ڊوڙون پائيندا ۽ هيڏانهن هوڏانهن رُلندا رهندا هئا. منجهند جو اهي واپس پنهنجي ڪئمپ تي پهچندا هئا. انهن جو سڄو ڏينهن ائين گذرندو هو. ذهين ۽ ڀلوڙ خانه بدوش ٽن چئن ڪلاڪن ۾ پنهنجي لاءِ ۽ ڪٽنب لاءِ سڄي ڏينهن جو کاڌو هٿ ڪري وٺندا هئا. مانجهاندي کانپوءِ انهن وٽ ڌوئڻ لاءِ ٿانءَ ٿپا، زمين کي صاف ڪرڻ، ڪپڙا سُڪائڻ ۽ بِل پيارڻ جهڙا خفا نه هوندا هئا. انهن وٽ ڪچهري ڪرڻ، ڪَهاڻيون ٻُڌائڻ، ٻارن سان رانديون کيڏڻ ۽ دوستن سان گُهمڻ ڦِرڻ لاءِ وڏو وقت هوندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ٽائيگرز خانه بدوشن تي حملو ڪري، انهن کي کائي ڇڏيندا هئا يا کين نانگ بلائون ڪکي وٺنديون هيون، پر سندن واسطو اڄ جيان ڪار جي حادثن يا صنعتي گدلاڻ سان نه پوندو هو. خانه بدوش ڪارخانن ۾ ڪم ڪندڙ اڄ جي جديد مزدورن جي ڀيٽ ۾ اڪثر ڪري بهترين کاڌو کائيندا هئا ۽ اهي بيمارين ۽ بک جو گَهٽِ شڪار ٿيندا هئا. قديم آثارن جي ماهرن دريافت جي صورت ۾ خانه بدوشن جي هڏائين پڃرن جو جڏهن اِڀياس ڪيو، تڏهن انهن ڏٺو ته اهي ڪيتريون ئي مختلف شيون کائڻ ڪري جانٺا جوان ۽ صحتمند هئا. هو هڪ ڏينهن ۾، ناشتي ۾ بَيرِيءَ جو ميوو ۽ کُنڀيون کائيندا هئا، ان کانپوءِ مانجهاندي لاءِ ميوات، جيت جڻيا ۽ ڪُمي کائيندا هئا ۽ آخر ۾ رات جي مانيءَ ۾ جھنگلي بصرن سان ڀُڳل سَها کائيندا هئا. ٻئي ڏينهن انهن جي ناشتي ۾ مڇي، مانجهاندي ۾ اکروٽ ۽ بيدا ۽ رات جي کاڌي ۾ اَڻ کُٽ انجير کائيندا هئا. ڇاڪاڻ جو اهي ڪيتريون ئي انيڪ شيون کائيندا هئا، ان ڪري کين گهربل وِٽامن ۽ معدنيات ملي ويندي هئي. جيڪڏهن گهربل وٽامن اکروٽن مان حاصل ٿي نه سگهندي هئي ته اُها وري کُنڀين يا ڪوڏ نِما جيتن مان ملي ويندي هئي. انهن جو دارومدار ڪنهن هڪ کاڌي تي نه هوندو هو، ان ڪري کين مشڪل سان بُک لڳندي هئي. بعد ۾ انسانن جڏهن پوکِي ڪرڻ شروع ڪئي، انهن پنهنجو سڄو ڌيان هڪ ئي قسم جي فصل اُپائڻ تي لڳايو. ڇا توهان ڪڏهن ڪڻڪ جي زمين، پٽاٽن جي زمين يا چانورن جي زمين ڏٺي آهي؟ ڪڻڪ جي زمين ۾ صرف ڪڻڪ، پٽاٽن جي زمين ۾ صرف پٽاٽا ۽ چانورن جي زمين ۾ صرف چانور پوکڻ سان هارين کي انهن جي سار سنڀال ڪرڻ ۾ سهنجائي ته ضرور ٿي، پر انهن جي کاڌي پيتي جون شيون يا نمونا محدود ٿي ويا. مثال: هنن صرف چانورن جي اپت ڪئي ته هاڻ هنن کي ناشتي، مانجهاندي ۽ رات جي ماني ۾ صرف چانور ئي کائڻا ٿي پيا. ڪڏھن ڪڏھن بيمارين سبب چانورن جو فصل سڙي ناس ٿيڻ جي صورت ۾ انهن وٽ کائڻ لاءِ ڪجھه به نه بچندو هو. ان قسم جون آفتون عام هيون، تنهنڪري هاري هميشه آفاقي جي خطري ۾ هوندا هئا. خانه بدوش محفوظ ضرور هوندا هئا. بيمارين سبب هڪ ئي علائقي جا سڀ جھنگلي بصر يا سَها ختم ٿيڻ جي صورت ۾ خانه بدوش ڏُکيا ضرور ٿيندا هئا، پر انهن وٽ حاصل ڪرڻ يا شڪار جي لاءِ ٻيون کوڙ ساريون شيون هونديون هيون. جيڪڏهن هڪ سال جھنگلي بصرن سان ڀُڳل سَهو کائڻ لاءِ نه مليو ته اها برابر دُکدائِڪ ڳالھ هئي، پر ان جي پُورائي لاءِ مڇيون ۽ بيرِي ميوو جھجھي تعداد ۾ هٿ ڪندا هئا. خانه بدوش صحتمند ان ڪري نه هوندا هئا ته اهي مختلف شيون کائيندا هئا، پر ان دور ۾ بيماريون ۽ وبائون تمام گهٽ هيون. اڄ اسان جن وِچندڙ بيمارين مثال: سِمال پوڪس، ميزلس ۽ نزلو وغيره بابت ڄاڻون ٿا، اهي جانورن کان اسان ڏي منتقل ٿيون. نزلو ڪُڪڙين، بَدڪن ۽ ٻين پکين مان پکڙجي ٿو، ميزلس، ٽي بي وغيره اصل ۾ ڳئون، ٻڪرين ۽ ٻين جانورن مان انسانن ڏانهن منتقل ٿيون. ڪورونا وائرس ڪووڊ-19 ممڪن آهي ته چمڙن مان پکڙيو هجي. اسان اڄ ڳتيل ڳوٺن ۽ وڏن شهرن ۾ رهون ٿا، جيڪڏهن ڪنهن هڪ به ماڻھوءَ کي نئون ڪو وائرس ڪُڪڙ يا چمڙي مان لڳي ٿو، اهو تيزيءَ سان هزارين ماڻهن ۾ پکڙجي ويندو. قديم خانه بدوشن جو تعلق جانورن سان گهٽ هوندو هو. اها حقيقت آهي ته اهي جانورن جو شڪار ڪندا هئا، پر اهي انهن کي واڙن ۾ نه واڙيندا هئا، نه ئي ڪو بازارن ۾ انهن کي کپائيندا هئا. ڪنهن به انسان وٽ ڪڪڙين جو پِڃرو يا ٻڪرين جو ڌڻ نه هوندو هو. خانه بدوش ننڍڙين ٽولِين ۾ رهندا هئا، جيڪي هيڏانهن هوڏانهن ڦِرنديون رهنديون هيون. هاڻ جي ڪنهن ماڻهوءَ کي ڪنهن جانور مان بيماري لڳندي هئي، اها صرف ان هڪ ماڻهو يا ان جي ٽوليءَ تائين محدود هوندي هئي، اها ٻين ٽولين ڏانهن منتقل ٿي نه سگهندي هئي. ته ڇا پوءِ پٿر وارو دور انتھائي ڀلو دور هو؟ جيڪڏهن توهان وٽ “ٽائيم مشين” هجي ۽ ماضيءَ ڏانهن جتي به چاهيو، وڃي سگهو، ڇا توهان جي منزل “پٿر وارو دور” هوندي؟ توهان مان ڪجھه ماڻهو ته ضرور وڃڻ چاهيندا. اهي انهن ڏينهن بابت خواب ڏسن ٿا، جڏهن اسان جهنگن ۽ برپٽن ۾ آزاديءَ سان گهمي ڦري سگهندا هئاسين، تير ۽ ڪمان سان کيڏڻ جو نالو “اسڪول” هو ۽ ٻيلن ۾ گهمڻ ڦرڻ کي “ڪم” چوندا هئاسين، پر پٿر جي دور جي خانه بدوشن جي ڪنهن ٽوليءَ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ٽائيم مشين ۾ سوار ٿي، بٽڻ دٻائڻ کان اڳ اسان کي انهن جي زندگيءَ جي اونداهي ۽ لهواري پاسي هڪ نِهار ضرور وجهڻ گهرجي. يقينن انهن جي زندگين ۾ لاها چاڙها ضرور هئا. پٿر جي دور جا ماڻهو جيتن مان ڏاڍو تنگ هوندا هئا. مڇر، مکيون ۽ ماڪوڙا وغيره ڇتي ڪاڙهي ۾ وڻ جي هيٺان آرام ڪرڻ نه ڏيندا هئا. تنهن وقت ڪي گهر گهاٽ ڪونه هوندا هئا، جو ماڻهو کڻي ڀِتين جي پويان ۽ ڇت جي هيٺان پناھه وٺي. انسان ان وقت نه صرف جيتن کان، پر شينھن، نانگ بلائن ۽ واڳن کان پڻ تنگ ۽ خوفزده ھوندا ھئا. اوهان جيڪڏهن ٽيليويزن تي يا چِڙيا گهر ۾ ٽائيگر ڏسندا ته پاڻ کي محفوظ سمجهندا، ڇاڪاڻ جو اهي ٽيليويزن جي اسڪرين يا پڃري مان ٻاهر نٿا اچي سگهن، پر جيڪڏهن سچ ۾ ٽائيگرز توهان جي پاڙي ۾ نُوس نُوس ڪن، ڇا توهان اسڪول جي لاءِ گهر کي ڇڏيندي يا ڪنهن دوست سان ملڻ لاءِ ويندي پاڻ کي محفوظ سمجهندو؟ خانه بدوشن سان موسم جو به مسئلو رهندو هو ۽ برسات ۾ ڏاڍا ڏکيا ٿيندا هئا. اهي سرديءَ ۾ يخ ٿڌا ۽ گرميءَ ۾ صفا گرم رهندا هئا. ۽ اهي سڄو ڏينهن هڪ غار ۾ پاڻ کي لِڪائي نه سگهندا هئا. جيڪڏهن اهي کاڌي جي تلاش ۾ نڪري نه سگهندا هئا يا کين کاڌو ملي نه سگهندو هو ته اهي بک ۾ پاھه ٿي ويندا هئا. ان کان علاوه حادثا به عام هئا. انهن خانه بدوشن وٽ ڪي به جديد اسپتالون ۽ دوائون ڪونه هونديون هيون. ڪڏهن ڪڏهن ته معمولي روڳ/ڦٽ به خطرناڪ صورت اختيار ڪري وٺندو هو.
ٻارن کي پڻ مختلف خطرا درپيش هوندا هئا. انهن جي جسماني نشونما لاءِ گهڻي کاڌي جي ضرورت هوندي هئي. ان کان علاوه هُو وڻن تي چڙهڻ جا ماهر نه هوندا هئا ۽ نه ئي خطرناڪ جانورن کي منهن ڏيڻ جي قابل هئا. هر روز نوان امتحان هوندا هئا. مثال: سومر جي ڏينهن نانگن کي ڏِسڻ جو امتحان هوندو هو. اڱاري جي ڏينهن گهاٽي جهنگ مان رستو ڳولي لهڻ جو امتحان هوندو هو. اربع جي ڏينهن ڪنهن جانور جو شڪار ڪرڻو هوندو هو. خميس جي ڏينهن برفاني نديءَ ۾ تَرڻو هوندو هو. جمع جي ڏينهن مِٺين ۽ زَهريلين کُنڀين جي فرق بابت ٻڌائڻو هوندو هو. ڇنڇر جي ڏينهن وڻ تي چڙهڻ جو امتحان هوندو هو ۽ آچر جي ڏينهن مکين جي ڏنگ کان پاڻ کي بچائي ماکي لاهڻي هوندي هئي. هفتي ۾ ڪو به وقفو نه هوندو هو. جيڪڏهن توهان انهن امتحانن مان ڪنهن هڪ ۾ به ناڪام ٿي وڃو ها ته توهان خراب گريڊ بجاءِ مري سگهيو پئي. ان حساب سان ڏسجي ته اسان جي دنيا ايتري دهشتناڪ نٿي لڳي. توهان جيڪڏهن ڪَارٽُون ڏسو ٿا يا پَرين جو ڪهاڻيون پڙهو ٿا، ممڪن آهي ته توهان انهن وڻن ۽ جانورن بابت ڄاڻي سگهو، جيڪي ڳالهائين ٿا. ننڍڙن ٻارڙن کي اهو يقين آهي ته اسان وڻن ۽ جانورن سان ڳالهائي سگهون ٿا. اهي ان خيال کي پڻ قبول ڪن ٿا ته اسان جي آسپاس ڪي جِن ۽ رُوح آهن ۽ اهي اسان جي جاسوسي ڪن ٿا. وڏڙا ان ڳالھه کي دلچسپ وِندر سمجهن ٿا. ٻارڙا جيئن ئي بالغ ٿين ٿا، انهن کي ٻڌايو وڃي ٿو ته ڪي به جِن ۽ ڳالهائيندڙ وڻ ڪونه ٿين ٿا، اُن قِسم جي ڳالهين تي صرف ٻار ئي يقين رکندا آهن، پر لڳي ائين ٿو ته پٿر جي دور ۾ وڏڙن جو پڻ اهو اعتقاد هو ته وڻ ۽ جانور ڳالهائي سگهيا ٿي ۽ جِنن ۽ رُوحن جو پڻ وُجود هو. خانه بدوش جڏهن جهنگن مان گذرندا هئا، تڏهن اهي ٻُوڙن ۽ پَٿرن سان ڳالهائيندا هئا ۽ جانورن کان بچاءُ خاطر انهن کي مدد لاءِ پُڪاريندا هئا. اهي پکين جي لاتِين کي ڌيان سان ٻڌندا هئا. جڏهن ڪو ماڻهو بيمار ٿي پوندو هو يا ڪنهن حادثي جو شڪار ٿي ويندو هو، تڏهن اهي جِن تي الزام لڳائيندا هئا ۽ ڪنهن اڻڄاتي رُوح کان مدد ۽ صلاح لاءِ واجهائيندا هئا. اسان کي اُن بابت ڪيئن خبر پوي ٿي؟ يقينن، اسان کي ان بابت خبر نه آھي. ماڻهو ڇا ٿا ڪن، اهو سمجهڻ سولو آهي، بنسبت ماڻهو ڇا ٿا سوچين. مثال طور: اسان کي خبر آهي ته سنگهير جا ماڻهو وڏن هاٿين جو شڪار ڪندا هئا، ڇاڪاڻ جو اسان کي هاٿين جي ھڏن جو وڏو تعداد ائين ٻڌائي ٿو، پر سنگهير جي ماڻهن جو وڏن هاٿين بابت ڇا خيال هو؟ ڇا انهن مان ڪجھه سبزي خور هئا، جن جي نظر ۾ جانورن کي مارڻ غلط عمل هو؟ جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪاوڙيل هاٿي جي هٿان لتاڙجي مارجي ويندو هو ته ان بابت انهن جو ڇا چوڻ هوندو هو؟ ڇا انهن جو عقيدو هو تہ مري ويل ماڻهو بهشت ۾ ويندو يا پنر جنم وٺندو يا جِن/ديوَ جي صورت اختيار ڪندو يا مُرڳو ئي اونداھيءَ ۾ الوپ ٿي ويندو؟ انهن سوالن جا جواب ڏيڻ ڏاڍو اوکو ڪم آهي، ڇاڪاڻ جو اسان پٿر جي دور جي ماڻهن کان اهو نٿا پُڇي سگهون. اڄ جيڪڏهن اوهان کي مسلمانن جو عقيدو ڄاڻڻو آھي ته ڪنهن مسلمان کان پڇو يا پاڪ ڪتاب پڙهو. جيڪڏهن عيسائين جو عقيدو ڄاڻڻو آھي ته ڪنهن عيسائيءَ کان پڇو يا انجيل مقدس جو مطالعو ڪيو. جيڪڏهن ڪنهن هندوءَ جو عقيدو معلوم ڪرڻو آهي ته ڪنهن ھندوءَ کان پڇو يا ويدن جو مطالعو ڪيو. پٿر جي دور جا انسان نه مسلمان هئا، نه عيسائي هئا ۽ نه ئي هندو هئا ۽ نه ئي اهي ٿي پئي سگهيا، ڇاڪاڻ جو مذهبن جو ظهور ٽي ھزار سال کن اڳ ۾ ٿيو آهي. پاڪ ڪتاب کي پندرهن سئو سال، انجيل مقدس کي ٻه ھزار سال ۽ ويدن کي پنجويھه سئو سال ٿيا آهن. ويھه ھزار سال اڳ رهندڙ ماڻهو نه پڙهي سگهندا هئا ۽ نه ئي لکي سگهندا هئا، تنهنڪري اسان وٽ پٿر جي دور جا ڪي مُقَدس ڪتاب نه آهن. اسان کي انهن جي عقيدن بابت سنگهير جي قبرن، لاسڪاڪس جي غار مان مليل مُصوَرِين ۽ اسٽيڊل: شينهن جي ٻُوٿ واري انساني جي مُجسمن مان ڪجھه اشارا مليا آهن. دلچسپي جو عالم آهي، جو لاسڪاڪس جي غار ۾ ڪيترن ئي جانورن جون پينٽنگز ته ٺهيل آهن، پر ديوتائن جي مُصوَرِي نه ملي آھي. انهن جو شايد سگهارن ديوتائن تي اعتقاد نه هوندو هو.
***