نئون

گٽر جي پاڻي جو سانگهڙ ڪئنال ۾ ڇوڙ

سنڌ اندر خراب پاڻي واري صورتحال تي سپريم ڪورٽ پاران جوڙيل واٽر ڪميشن جي سربراهه جسٽس مسلم پاران سانگهڙ ڪئنال ۾ گٽر جي پاڻي جي ڇوڙ کي بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو. هن اهڙو فيصلو ٽنڊو آدم، شهدادپور، سانگهڙ ۽ مختلف واٽر اسڪيمن تي دوري دوران ڏنو. هن شهدادپور ۾ دوري دوران واٽر اسڪيم جو مرمتي ڪم به ڏٺو جنهن کي جون 2011 ۾ مڪمل ٿيڻو هو پر فنڊن جي گهٽتائي ۽ ڪجهه ٻين سببن جي ڪري اهو ڪم مڪمل ٿي نه سگهيو. جنهن بعد هن لاڳاپيل اختيارين کي حڪم ڏنو ته رهيل ڪمن کي ڇهن مهينن ۾ مڪمل ڪيو وڃي ۽ اها اسڪيم 2018 ڊسمبر تائين عملي طور تي شروع ڪئي وڃي. ٽنڊو آدم ۾ هن واٽر سپلاءِ اسڪيم نمبر چار جو دورو ڪيو ۽ ان جي صفائي جو حڪم به ڏنو. سانگهڙ ۾ واٽر سپلاءِ انسٽاليشن واري جڳهه جي دوري دوران هن ڏٺو ته واٽر سپلاءِ جي جاءِ تي غير قانوني قبضا، ڀڳل ڀت، مٽيءَ جا دڙا، جنگلي گاهه ۽ واٽر سپلاءِ لائين ۽ گٽر جون مليل لائينون ڏٺيون. ان موقعي تي سانگهڙ ميونسپل جو ڪوبه اهلڪار موجود نه هو. معلوم ڪرڻ تي ٻڌايو ويو ته ميونسپل جو چيئرمين هن وقت جيل ۾ هڪ ڪيس اندر سزا ڪاٽي رهيو آهي ۽ هن جا معاملات اڪائونٽس آفيسر ۽ آفيسر سپرنٽينڊنٽس ڏسي رهيو آهي. هن معاملي تي ڳالهائيندي جسٽس مسلم هاني چيو ته شايد ان معاملي جي چونڊيل نمائندن کي خبر به نه هوندي ساڳئي وقت هن حڪم جاري ڪيو ته هن اسڪيم جي صفائي ڪرائي وڃي، ٽٽل ڀت جي اڏاوت جو ڪم ڪرايو وڃي، گٽر جي لائين ۽ واٽر سپلاءِ لائين کي الڳ ڪيو وڃي.