نئون

نواز شريف پارٽي صدارت کان به نااهل قرار

سپريم ڪورٽ، اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي حڪمران جماعت مسلم ليگ (ن) جي صدارت کان نااهل قرار ڏئي ڇڏيو. چيف جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بينچ انتخابي اصلاحات ايڪٽ 2017 متعلق 13 آئيني درخواستن جي سماعت ڪئي وئي. اليڪشن ايڪٽ 203 پارٽي سربراهه متعلق آهي، جنهن کي پيپلز پارٽي، جماعت اسلامي، تحريڪ انصاف، عوامي مسلم ليگ سميت ٻين اپوزيشن جماعتن پاران چئلينج ڪيو ويو هو. انتخابي اصلاحات ايڪٽ 2017 متعلق ڪيس تي پنج صفحن جو فيصلو چيف جسٽس ثاقب نثار پاران پڙهي ٻڌايو ويو. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته طاقت جو سرچشمو الله آهي آئين جو آرٽيڪل 17 سياسي جماعت ٺاهڻ جو حق ڏئي ٿو. آئين ۽ قانوني شرطون لکيل آهن. سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته پارليامينٽ ۾ نمائندگي رکڻ واري سياسي جماعت جي سربراهه جو پارليامينٽ ۾ موجود رڪنن جي معاملن ۾ مرڪزي ڪردار هوندو آهي. ان لاءِ پارٽي سربراهه جو شق 62، 63 تي پورو لهڻ ضروري آهي. نواز شريف جي بطور پارٽي صدر ڪيل سڀني فيصلن کي غير قانوني قرار ڏنو ويو آهي. جنهن لاءِ سينيٽ ۾ ڏنل اميدوارن جي نامزدگي جون ٽيڪيٽون به شامل آهن. سپريم ڪورٽ پاران فيصلي ۾ اليڪشن ڪميشن کي (ن) ليگ جي پارٽي صدر طور ميان نواز شريف جو نالو هٽائڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو آهي.