خاصنئون

 نواز شريف جي “چوڌري شگر ملز” ڪيس ۾ ضمانت منظور

ڪالهه لاهور هاءِ ڪورٽ شهباز شريف جي درخواست تي نواز شريف جي چوڌري شگر ملز ڪيس ۾ ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي بعد فيصلو ٻڌائيندي عدالت نواز شريف کي هڪ aڪروڙ جون ٻه زر ضمانتون جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو. جڏهن ته العزيزيه ڪيس ۾ سزا معطل ٿيڻ تائين نواز شريف آزاد نه ٿي سگهندو. واضح رهي ته نواز شريف العزيزيه ڪيس ۾ 7 سالن جي سزا ڀوڳي رهيو آهي.