خاصنئون

 آزادي مارچ حڪومت ۽ مخالف ڌر وچ ۾ ڳالهيون بنا ڪنهن نتيجي جي ختم

حڪومت ۽ مخالف ڌر وچ ۾ آزادي مارچ جي حوالي سان ٿيندڙ ڳالهين جي ٻئين دور جو به نتيجو نه نڪتو. جڏهن ته مخالف ڌر ڊي چوڪ تي ڌرڻي جي ڳالهه تان هٽي وئي ۽ آزادي مارچ کي جناح ايوينيو آڻڻ جي اجازت گهري ورتي. جنهن تي حڪومت جي ڪميٽيءَ وزيراعظم سان مشاورت لاءِ چئي ڇڏيو آهي. ملاقات جي آخر ۾ ٻنهي ڪميٽين هڪ پريس ڪانفرنس ڪئي جنهن ۾ پرويز خٽڪ چيو ته ملاقات سٺي ماحول ۾ ٿي آهي. ٻئي طرف خبرن موجب ملاقات ۾ وزيراعظم جي استعيفيٰ بابت ڪابه ڳالهه نه ٿي آهي. جڏهن ته مخالف ڌر صرف ڌرڻي جي مقام تي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي، جنهن جي جواب ۾ حڪومتي ڪميٽي چيو ته عدالت جي حڪم مطابق ڊي چوڪ تي ڌرڻو نٿو ڏئي سگهجي، پريڊ گرائونڊ ۾ احتجاج جي اجازت ڏيئي سگهجي ٿي.