ڪتاب تي تبصرونئون

ڪتاب تي تبصرو: آئون پڻ پنهون پاڻ

”آئون پڻ پنهون پاڻ“ ڪهاڻيڪاره سردار خاتون جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي. ڪهاڻين جا موضوع هر گهر جي ڪهاڻي وارا آهن، ڪو نئون  موضوع ناهي، ڪهاڻين جي اظهار جو فن بيانيي وارو آهي، ڪردار پاڻ ڳالهائڻ بجاءِ ليکڪ جي زباني اڳتي وڌن ٿا. ڪهاڻين جا سمورا ڪردار وجودي بحران سان ڀريل آهن، گهريلو ۽ سماجي روين جو اظھار تمام گهڻو ملي ٿو. ڪٿي ڪٿي ساڳين لفظن جو استعمال ڪافي نظر اچي ٿو، مثال طور: ذو معنيٰ لفظ جو بار بار استعمال ڪيو ويو آهي. ڪتاب نسائي اک جي مشاهدي يا نظر سان لکيل آهي، جنهن ۾ مظلوم عورتن جي ترجماني ڪئي وئي آهي. ڪتاب نسائي جذبن، احساسن ۽ سوچ جو هڪ نمونو چئي سگهجي ٿو. ڪتاب ۾ ڪٿي نسائي منفي ڪردار جي ڪا جهلڪ به ڏيکارڻ جي  ڪوشش  نٿي ڏسجي، ڪتاب مڪمل طور نسائي بنياد تي لکيل آهي. حالانڪ سماج ۾ ظلم رڳو صنفي بنياد تي ناهي ٿيندو، هن سماج ۾ ڪافي مرد به عورتن جي زيادتين جو شڪار بڻيل آهن، جن عورتن کي پنهنجي مردن آزادي ڏني تن انهن پنهنجي مردن سان بيوفائي ڪئي ايتري تائين جو جن مردن گهر زالن جي نالي ڪيا تن کي گهر نيڪالي ڏني وئي. ڪتاب ۾ طلاق، ملڪيت مان نياڻي جو  حصو ڦٻائڻ ۽ ان ۾ ماءُ جو به برابر شريڪ هجڻ جهڙي مسئلي تي ڪا ڪهاڻي نٿي ملي، جيڪو نسائي توڙي مرداڻي حوالي سان اهم معاملو آهي. ٻيو نسائي ادب جي حوالي سان اهم نقطو سمجهڻ کپي ته سماج ۾ عورت تي پابنديون مڙهيل مرد طرفان ذاتي طور نه، پر سماجي جبر طور مڙهيل آهن جن سان نه رڳو عورت جي آزاديءَ متاثر ٿئي ٿي، پر ساڳي وقت ان کي هڪ تحفظ فراهم ڪيو وڃي ٿو، جيڪو يورپ جي آزاد سماج ۾ ميسر ناهي. سنڌي سماج ۾ آزاد عورتن سان پيش ايندڙ واقعن، سلوڪ جو پڻ ذڪر ٿيڻ کپي. مرداڻي سماج کي جتي ننديو وڃي ٿو يا عورت جي حوالي سان خراب چيو وڃي ٿو اتي هن سماج ۾ مرد طرفان عورتن کي مليل تحفظ، ترجيح، عزت، سلوڪ کي به ڏسڻ گهرجي. اسان جي سماج ۾ قانوني تحفظ کان وڌيڪ مرد جو تحفظ اهميت رکي ٿو. جيڪو عورتن کي ميراث ۾ ملندو اچي ٿو. دارالامان ۾ عورت کي مليل قانوني تحفظ ڪافي ناهي، جنهن جون شڪايتون عام ٻڌجن ٿيون.

ڪتاب ۾ پسند جي پرڻي جي حمايت ڏسجي ٿي، پر ان سان گڏ گهران ڀڄي شادي ڪرڻ  يا والدين جي مرضي خلاف شادي جي سوالن تي نسائي ادب کان جواب گهربل آهن

ڪهاڻين ۾ مڪالمي جو استعمال تمام گهٽ آهي، هر ڪهاڻي ٻڌائي وڃي ٿي، جيئن ڪهاڻيڪار بيان ڪري ٿو. ڪهاڻين جا ڪردار جامد سٺا يا خراب آهن، انهن ۾ ڪا ارتقا ناهي.

ڪهاڻين جي ٻولي گهريلو آهي، ان ۾ ڪافي رواني ۽ تسلسل آهي. ٻوليءَ ۾ تشبيهن جي خوبصورت استعمال سان ڪهاڻين ۾ دلچسپي پيدا ٿي آهي. ڪهاڻين ۾ انگريزي جي لفظن جو استعمال ڪافي ڪيل ڏسجي ٿو. ڪٿي تشبيهه جو غلط استعمال به ملي ٿو، مثال “سسئي” نالي ڪهاڻي  ۾ ڇوڪري جي عمر يا ڪردار جي حساب سان  ان جي قد جي تشبيهه گوڏن سان ڏني وئي آهي، جيڪا ڳالھه مناسب نٿي لڳي، جيڪا ڇوڪري بازار ۾ اڪيلي وڃي ٿي ۽ دڪاندار جي نظرن کي به محسوس ڪري ٿي اها گوڏي جيتري نه ٿي سگهندي، ٻن سالن جي بي سمجهه ٻار گوڏن جيترو ٿيندي آهي.

مجموعي طور ڪهاڻيون انفرادي توڙي سماجي وجودي بحران جي اظهار جو بهترين نمونو آهن جن ۾ رواني تسلسل ۽ ڪهاڻي وارو فن ضرور آهي.

***