ان وقت ٽن عورتن مون کي بيحد پيار ڏنو. انهن مان هڪ ڪرائي واري گهر جي مالڪ جي ڌيءَ هئي. مان جڏھن تحريڪ جي روزاني جي ڪمن ڪارين کان ٿڪجي ڪمري ۾ واپس اچي داخل ٿيندو ھئس ته مون کي کائڻ پيئڻ جي به پرواهہ نه ھوندي ھئي ۽ خالي پيٽ بستري تي ليٽي پوندو ھئس ته هوءَ ھڪ ڪاپي ۽ پين کڻي منهنجي ڪمري ۾ ايندي هئي.
“معاف ڪجو. هيٺ منهنجي ڀيڻ ۽ منهنجي ننڍي ڀاءُ جو ايترو ته گوڙ آهي، جو مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته مان خط ڪيئن لکان.” هوءَ پاڻ منهنجي ڊيسڪ تي ويهي خط لکڻ شروع ڪندي ھئي، ڪڏهن ڪڏهن هڪ ڪلاڪ کان مٿي ويٺي ھوندي ھئي.
ڪيترو نه بهتر ٿئي ھا، جو مان اتي ئي ستو پيو ھجان ھا ۽ بيخبريءَ جو بهانو ڪريان ھا، پر ان ڇوڪريءَ جي چهري مان اھو صاف نظر ايندو ھو ته هوءَ مون سان ڳالهائڻ چاهي ٿي ۽ جيتوڻيڪ مان هڪ لفظ به ڳالهائڻ نه پئي چاھيو، مان ائين ظاھر ڪندو ھئس، ڄڻ ته مان ڪنهن مجبوري مان ائين ڪري رھيو ھجان. مان پنهنجي پيٽ تي جهڪندو ھئس ۽ سگريٽ ڇڪڻ شروع ڪندو ھئس، “مان ٻڌو آهي ته ڪجهه ماڻهو پنهنجي محبوبائن جي لکيل خطن کي ساڙي پنهنجي وھنجڻ جو پاڻي گرم ڪندا آھن.”
“ڪيڏو عجيب آھي!… ۽ اهو پڪ سان تون ئي ھوندين.”
“واقعي ۾، مان ساڳي طرح کير اُٻاري پيئندو ھئس.”
“ڇوڪريءَ لاءِ ڪيڏي نه اعزاز واري ڳالهه آهي! آئنده تون منهنجا خط استعمال ڪجانءِ!”
جيڪر ھوءَ تڪڙو ئي ھلي وڃي ھا. خط، واقعي! اهو ڪيترو نه چٽو بهانو ھو. مون کي پڪ آهي ته هوءَ الف ب جا اکر، يا هفتي جا ڏينهن يا وري مهينن جا نالا لکي رهي هئي.
“مون کي ڏيکاريو ته توھان ڇا لکيو آهي،” مان پڇيو، جيتوڻيڪ مان ان کي ڏسڻ به ڪوبه پئي چاھيو.
مان هُن لاءِ هڪ اھم ڪم سوچيو. “توهان کي تڪليف ڏيڻ جي معافي ٿو گهران، پر ڇا توهان کي برو ته نه لڳندو، جيڪڏھن توھان دوائن جي دڪان تي وڃي، مون لاءِ ننڊ جون گوريون وٺي اچو؟ اصل ۾ مان تمام گهڻو ٿڪل آهيان. منهنجو منهن سڙي رھيو آھي، جنهن ڪري مون کي ننڊ ڪونه ٿي اچي. ۽ ھا… معاف ڪجو مون وٽ ان لاءِ پئسا به ڪونه آھن…”
“خير آھي، پئسن جي لاءِ پريشان نه ٿي.”
هوءَ خوشيءَ مان اٿي بيٺي. مون کي چڱيءَ طرح خبر هئي ته ڪنهن به عورت کي جيڪڏھن ڪوبه ڪم چئبو آھي ته ھوءَ ڪاوڙ ناھي ڪندي، پر ان جي برعڪس عورتون خوش ٿينديون آھن ته ڪنهن مرد کين ڪو ڪم چيو آھي.
ٻي جيڪا ڇوڪري مون ۾ دلچسپي وٺندي ھئي، سا ھڪ “ڪامريڊ” ھئي ۽ ھوءَ ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج جي شاگردياڻي هئي. تحريڪ ۾ منهنجي سرگرمين جي مجبوريءَ سبب ھن سان ملڻو پوندو ھو، پر مون کي ھن سان ملڻ سٺو نه لڳندو ھو. پوري ڏينهن جا ڪم ڪار ختم ڪري، هوءَ ڏاڍي بيچينيءَ سان منهنجي پٺيان لڳندي هئي. هوءَ مون کي تحفا خريد ڪري ڏيندي ھئي، ھوءَ بظاهر ھي لفظ چئي، اھي تحفا ڏيندي ھئي، “اميد آھي ته توھان مون کي پنهنجي سڳي ڀيڻ وانگر سمجهندا.”
مان سندس ان عادت تي بيزاريءَ مان جواب ڏيندي چوندو ھئس، “ھا مان ائين ئي سمجهان ٿو.” ۽ مجبوريءَ مان ٿورو کلندو ھئس. مان ھن جي ڪاوڙجي وڃڻ کان ڊڄندو ھئس. منهنجو صرف اهو مقصد ھوندو ھو ته ڪنهن به طرح ھن مان جان ڇڏايان. نتيجي ۾، مان اڪثر وقت ان بدصورت ۽ اڻوڻندڙ ڇوڪريءَ سان ناچ ڪرڻ ۾ گذاريو. مان کيس منهنجي لاءِ تحفا خريد ڪرڻ ڏيندو ھئس. (اهي بلڪل اجايا ۽ بيڪار ھوندا هئا ۽ مان اڪثر ڪري اھي تحفا پوسٽ مين يا وري دڪاندار کي ڏئي ڇڏيندو ھئس). جنهن وقت مان ھن سان گڏ ھوندو ھئس ته خوش نظر اچڻ جي ڪوشش ڪندو ھئس ۽ کيس پنهنجن ڀوڳن سان کلائيندو ھئس. ھڪ دفعي اونهاري ۾ شام جي وقت کيس وڃڻ لاءِ زور ڀريندي، مان ھن کي ان وقت چمي ڏني، جنهن وقت اسان گهٽيءَ جي هڪ اونداهيءَ واري جاءِ تي پهتاسين. هوءَ بي قابو ٿي، شهوت جي سبب جوش ۾ اچي وئي. ھن هڪ ٽئڪسيءَ کي روڪيو ۽ مون کي ھڪ ننڍڙي ڪمري ۾ وٺي وئي، جيڪو تحريڪ وارن ھڪ آفيس بلڊنگ ۾ لڪ ڇپ ۾ ڪرائي تي ورتو ھو، جتي اسان پوري رات، شديد جنوني حالت ۾ گذاري. “ڪيتري نه الڳ قسم جي ڀيڻ آهي،” مان پنهنجي منهن ڪاوڙ مان ٿورو مسڪرائي چيو.
حالتون اهڙيون هيون، جو مون وٽ گهر جي مالڪ جي ڌيءَ يا هن “ڪامريڊ” ڇوڪريءَ کان جان ڇڏائڻ جو ڪو رستو نه هو. هر روز اسان جي هڪ ٻئي سان ملاقات ٿي ويندي ھئي. مان انهن کي دوکو ڏئي نه پئي سگهيس، ڇاڪاڻ ته مون سان ماضي ۾ مختلف عورتون جو تعلق رھيو آھي. ان کان اڳ جو مون کي پتو پئي ته ڇا ٿي رهيو آهي، مون کي پنهنجي دائمي بي يقينيءَ مجبور ڪيو ته مان انهن ٻنهي وٽ پاڻ وڻائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪريان. ائين لڳندو هو، ڄڻ ته منهنجي مٿان انهن جو ڪو احسان ھجي، جنهن جي ٻوجهه ھيٺان مان دٻيل ھجان.
ان ئي عرصي دوران مان گنزا جي ڪنهن ھڪ ڪيفي ۾ ڪم ڪندڙ ويٽريس جي رحم دليءَ جو فائدو وٺڻ لڳس. صرف هڪ ئي ملاقات کانپوءِ مان هن جي احسانن جي ھيٺ ايترو ته دٻجي ويس، جو پريشاني ۽ اجائي ڊپ مون کي مفلوج ڪري ڇڏيو. ان وقت تائين، هوريڪي جي مدد کانسواءِ ئي ٽرام۾ سوار ٿيڻ يا ڪبوڪي ٿيئٽر يا ڪنهن ڪيفي ۾ وڃڻ جي ھمت اچي وئي ھئي. مون کي اندر ۾ انسانن تي اعتماد ۽ سندن پر تشدد روين تي اڳ جيترو ئي شڪ ھو، پر ٻاھران، آھستي آھستي ماڻهن سان سگهو ئي ملڻ جو فن سکي ورتو هو. پر نہ، اهو سچ ناهي، مان جيءُ جهوريندڙ مرڪن، شڪست جي مذاقن جي بنا، ڪڏهن به ڪنهن شخص سان ملي نه سگهيو آهيان. مان حيرانگيءَ جي دوران يا وري ھلڪي ڦلڪي گفتگو وقت، ھٻڪي ڳالهائڻ جو ھنر سکي ورتو ھو. ڇا اهو تحريڪ جي بنياد تي منهنجي سرگرمين جو نتيجو ھو؟ يا عورتن جي يا وري شراب جي سبب ھو؟ شايد ان جو اصل سبب پئسي جي تنگي ھو، جنهن ڪري ھن ھنر ۾ مهارت ٿي وئي.
مان جتي به ھوندو ھئس ڊپ لڳندو ھو. مان سمجهيو پئي ته ڇا ان مسلسل ڊڄ جي احساس کي ختم ڪرڻ جو بهترين طريقو اھو نه آھي ته مان پاڻ کي ڪنهن وڏي ڪيفي جي دنيا ۾ وڃائي ڇڏيان، جتي شرابين، ويٽريس ۽ درٻانن جي ھجوم سان ٽڪرائبو رھان. مان اھيو سوچي، هڪ ڏينهن اڪيلو ئي گينزا جي هڪ ڪيفي ڏانهن ھليو ويس. مون وٽ فقط ڏهہ يِن هئا. مان مسڪرائيندي ان ميزبان عورت کي چيو، جيڪا منهنجي ڀرسان ويٺي هئي، “مون وٽ فقط ڏهہ يِن آهن. مان توھان کي اڳواٽ ئي ٻڌايان ٿو.”
“توهان کي پريشان ٿيڻ جي ڪا ضرورت ناهي.” هن ڪنزائي لهجي ۾ ڳالهايو. اها منهنجي لاءِ عجيب ڳالهہ هئي ته هن منهنجي پريشانيءَ کي چند لفظن سان ختم ڪري ڇڏيو. اهو صرف ان ڪري نه هو، ڇو ته مان ھاڻي پئسن جي کوٽ جي پريشاني کان آزاد ٿي ويو ھئس. مان ائين محسوس ڪيو ته سندس ويجهو ھجڻ ئي سڀني پريشانين جو حل ھو.
مان شراب پيتو. هن مون کي ڪونه ڊيڄاريو ۽ مان هن سان مسخريءَ واريون حرڪتون ڪرڻ ضروري نه سمجهيو. مان خاموشيءَ سان شراب پيتو، ان خاموشي ۽ اداسي کي لڪائڻ جي به ضرورت نه ھئي ۽ اھا منهنجي حقيقي فطرت هئي.
هن منهنجي سامهون ٽيبل تي مختلف قسم جا کاڌا رکيا. “ڇا توهان کي اھي پسند آهن؟” مان ڪنڌ لوڏي ھا ڪئي. “صرف شراب؟ مان به سُرڪ ڀرينديس.”
سرءَ جي سرد رات هئي. مان گينزا جي پٺئين پاسي هڪ سشيءَ اسٽال وٽ سُنيڪو جو انتظار ڪري رهيو هئس ۽ ھوءَ پنهنجو ڪم پورو ڪري واپس اچڻي ھئي. (جيستائين مون کي ياد آهي ته اھو سندس نالو هو، منهنجي يادگيري ايتري اڻ چٽي آھي، جو پڪ ڪونه اٿم. مان ته ان شخص وانگر آهيان، جيڪو ڪنهن جو نالو به وساري سگهي ٿو. ايتري تائين جو ان عورت جو به نالو وساري سگهي ٿو، جنهن سان هن خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ھجي.) جيڪا سُشي مان کائي رهيو هئس، ان باري ۾ ٻڌائڻ جهڙي ڪا خاص ڳالهہ نه آھي. جيئن ته مو ن کان هن ڇوڪريءَ جو ئي نالو ئي وسري چڪو آهي ته مون کي اهو ڪيئن ياد ھوندو ته سشيءَ جو ذائقو ڪيترو خراب هو؟ ۽ مون کي چڱي نموني ياد آھي ته ان پوڙهي شخص جي مٿي جا وار صفا ننڍا ھئا، هن جو چهرو نانگ وانگر هو. سشي ٺاھڻ وقت پنهنجي مٿي کي ھيڏانهن ھوڏانهن موڙا ڏئي رھيو ھو ۽ ائين تاثر ڏئي رھيو ھو، ڄڻ ته ھو ڪو وڏو ڪاريگر ھجي. مون سان ٻه ٽي ڀيرا ائين ٿيو آهي ته مون کي ٽرام تي هڪ ڏٺل وائٺل چهرو نظر اچي رهيو هو ۽ سوچي رھيو ھئس ته اھو ڪير ٿو ٿي سگهي. پهريان ته ائين لڳو، ڄڻ ته سامهون وارو شخص سشي اسٽال وارو پوڙهو شخص هجي. هاڻي، جيئن ته ان ڇوڪريءَ جو نالو ۽ سندس چهرو به منهنجي دماغ تان لهي ويو آهي ته پوءِ مون لاءِ ان پوڙهي ماڻهوءَ جو چهرو ياد ڪري، ان کي ٺيڪ نموني پينٽ ڪري سگهڻ، يقينن ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته سشي ڪيتري نه بري هئي ۽ ان مون کي ڪيترو نه ڊيڄاريو ۽ پريشان ڪيو ھو. مون کي اھا ڳالهه به ٻڌائڻ گهرجي ته مون کي جڏھن به سشيءَ جي مشهور ريسٽورانٽ ۾ ڪو وٺي ويندو آهي ته مان نه ايتري کائيندو آھيان نه ئي مون کي اھا وڻندي آھي.
سُنيڪو هڪ ڪمري ۾ رهندي هئي، جيڪو هن هڪ واڍي جي گهر جي ٻي منزل تي ڪرائي تي ورتو ھو. مان فرش تي ليٽي چانهه پيئي رھيو هئس، پنهنجي ڳل کي هڪ هٿ سان ائين زور ڏئي ويٺو ھئس، ڄڻ ته مون کي ڏندن ۾ شديد سور ھجي. مان پنهنجي ھميشه واري اداسيءَ کي لڪائڻ جي ڪوشش نه ڪئي. عجيب ڳالهه آهي، پر مون کي ائين پئي لڳو ته هوءَ منهنجي ائين سُتي رھڻ کي پسند ڪندي ھجي. هن اھو تاثر ڏنو، ڄڻ ته ھوءَ بلڪل اڪيلي بيٺي ھجي. هڪ برفاني طوفان هن جي چوڌاري گُهلي رھيو ھجي ۽ اھو رڳو سڪل پن تيزيءَ سان ڇاڻي رھيو ھجي.
جيئن اسان ويٺاسين ته هن مون کي ٻڌايو ته هوءَ مون کان ٻه سال وڏي آھي ۽ هيروشيما کان ھتي آئي هئي. “خبر اٿئي، منهنجي شادي ٿيل آھي ۽ ھو هيروشيما ۾ حجامڪو ڪم ڪندو هو، پر گذريل سال جي آخر ۾ اسان ٽوڪيو ھليا وياسين. منهنجي مڙس کي ٽوڪيو ۾ ڪو ڍنگ جو ڪم ملي نه سگهيو. ھڪ ٻي ڳالهه ته هن کي ڪنهن شخص سان ٺڳي ڪرڻ سبب گرفتار ڪيو ويو ۽ هاڻي هو جيل ۾ آهي. مان هر روز جيل ويندي رھي آهيان، پر سڀاڻي کان نه ويندس.” هوءَ ڳالهائيندي رھي، پر عورتون جڏهن به پنهنجي باري ۾ ڳالهائينديون آھن ته مان انهن ۾ دلچسپي وٺي نه سگهندو آھيان. شايد ان ڪري جو عورتون ڪهاڻي ٻڌائڻ ۾ بيوقوفي کان ڪم وٺنديون آھن (اهو ان ڪري ھوندو آهي، جو ھو ڳالهه ٻڌائڻ وقت غلط واقعن ۽ جاين تي وڌيڪ زور ڀرينديون آھن.) بهرحال، مان سندن ڳالهه ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري ڇڏيندو آھيان.
“مون کي ڏک ٿيندو آھي.”
مون کي پڪ آهي ته ھي هڪ جملو، جيڪو منهنجي ڪن ۾ چيو ويو، مون ۾ ھمدرديءَ جا ايترا جذبا پيدا ڪري سگهي ٿو، جيترو عورت جي زندگيءَ جي سڀ کان ڊگهو نهايت محنت سان بيان ڪيل احوال به بيان نٿو ڪري سگهي. مون کي ان ڳالهه تي بيحد حيرانگي ٿيندي آھي ته مان ڪڏهن به ڪنهن عورت کي پنهنجي ڳالهه آسان لفظن ۾ بيان ڪندي ناهي ٻڌو. ھن عورت به آسان لفظن ۾ نه چيو، “مان خوش ناھيان.” پر ھن جي بدن مان بي شمار لفظن جي صورت ۾ ڄڻ ته تڪليف جي ڪا خاموش لَهر وهي رهي هئي. جڏهن مان هن جي ڀرسان ستس ته ائين لڳو، ڄڻ ته منهنجو جسم سندس جسم جي لهرن ۾ ٻڏي ويو ھجي. ھن جي جسم جي اھا لهر منهنجي غم جي لهر سان ڪنهن ڪومايل پن وانگر ملي وئي ھجي، جيڪو ڪنهن تلاءُ جي گهرائيءَ ۾ ڪنهن پٿر ھيٺان پيو ھجي. ھاڻي مان پاڻ کي خوف ۽ بيچيني کان آزاد ڪري ڇڏيو هو.
اُهو اُن پرسڪون ننڊ واري احساس کان بلڪل الڳ هو، جيڪو مان اُنهن بيوقوف طوائفن جي ٻانهن ۾ سمهي محسوس ڪيو هو (هڪ ڳالهه آھي ته اھي طوائفون خوش مزاج ھونديون هيون). اھا رات جيڪا مان ان مجرم جي زال سان گذاري هئي، سا منهنجي لاءِ آزادي ۽ خوشيءَ جي رات هئي. (مان سمجهان ٿو ته ان جرئت منداڻي لفظ جو استعمال، بنا ڪنهن شڪ ۽ ھٻڪ جي انهن نوٽ بڪن ۾ ٻيهر ورجايو نه ويندو ھو.)
پر اها راحت صرف ھڪ رات جي ھئي. صبح جو، جڏهن مان سجاڳ ٿي بستري مان اٿيس، ته مان ھڪ ڀيرو ٻيهر هڪ مسخري جو خالي روپ بڻجي ويس. ڪمزور ماڻهو ته خوشيءَ کان به ڊڄي ويندا آھن. اهي پاڻ کي ڪپهه جهڙين نرم شين سان زخمي ڪري سگهن ٿا. ڪڏھن ڪڏھن، ھو خوشين ۽ مرڪن کان به مجروح ٿي پوندا آهن. ان کان اڳ جو مون کي ڪا تڪليف رسي ۽ پنهنجي چهري تي ڊپ جي چادر چاڙھي ڇڏيان، مان هن کان الڳ ٿيڻ لاءِ بي صبرو ٿي پيس، پر جڏهن ته حالتون پنهنجي جاءِ تي قائم رھيون.
چوندا آھن ته “جڏهن غربت دروازي کان داخل ٿيندي آھي ته محبت دريءَ مان ڀڙڪو ڏئي اڏامي ويندي آھي، پر ماڻهو عام طور تي ان ڳالهه کي ابتو سمجهندا آھن. ان جو مطلب اهو نه آهي ته جڏهن مرد جا کيسا خالي ٿي ويندا آھن ته عورتون کيس ڇڏي وينديون آھن، پر حقيقت ته هيءَ آهي ته جڏهن مرد جا پئسا ختم ٿي ويندا آھن ته هو پاڻ به دل شڪسته ٿي ويندو آھي. هو ڪنهن ڪم جو نه رهندو آھي. ھن جي منهن جي مرڪ گم ٿي ويندي آھي ۽ سندس رويو تمام گهڻو تلخ ٿي پوندو آھي. آخرڪار، ھو مايوس ٿي، پاڻ ئي عورت کي ڇڏي ڏيندو آهي. چوڻ جو مطلب ھي آهي ته جڏهن مرد اڌ چريو ٿي ويندو آھي، تڏهن رسي سان ٻڌل جانور وانگر ٿي پوندو آھي، جيڪو سٽون ڏئي ڏئي آخر ڪار رسو ڇنائي پاڻ کي عورت کان آزاد ڪرائي وجهندو آھي. توھان کي اها تشريح ڪنازوا ڊڪشنري ۾ ملي ويندي، نهايت افسوس جي ڳالهه آهي. مون لاءِ ته ان احساس کي سمجهڻ ڪو مشڪل ڪم نه آھي!”
مون کي سُنيڪو کي اهڙين احمقاڻي ڳالهين ذريعي کلائڻ ياد آهي. ان صبح مان بنا منهن ڌوئڻ جي، جلدي نڪرڻ پئي چاهيو، ڇو ته مون کي يقين هو ته اتي وڌيڪ ترسڻ اجايو به هو ۽ خطري کان خالي به نه ھو. پوءِ مان اها “محبت دريءَ مان اڏامي ويندي آھي.” واري بيڪار ڳالهه ڪري ڇڏي، جيڪا اڳتي ھلي غير متوقع پريشانين جو سبب بڻي.
ان رات کانپوءِ مان پنهنجي مددگار سان پورو مهينو ٻيهر نه ملي سگهيس. کيس ڇڏي ڏيڻ کانپوءِ منهنجي خوشي ڏينهون ڏينهن گهٽجندي وئي. ان شيءِ مون کي ڊيڄاري ڇڏيو، توڻي جو مان ان لمحي جي شفقت کي قبول ڪري ورتو ھو ۽ مون کي لڳو، ڄڻ ته مان پاڻ تي ڳريون بندشون لڳائي ڇڏيون ھجن. ان حقيقت جي ھوندي به ته سنيڪو ڪيفي جو بل ڀريو هو. آهستي آهستي، اھو منهنجي مٿان بار ٿيڻ لڳو ۽ مون کي محسوس ٿيڻ لڳو ته هوءَ به ھاسٽل ۾ رھندڙ يا وري ٽيچرز ٽريننگ ڪاليج واري ڇوڪريءَ جهڙي ھڪ ٻي خوفناڪ عورت آهي. جيتوڻيڪ اسان ھڪٻئي کان پري رھندا ھئاسين، تڏهن به سنيڪو جو مون تي خوف طاري ھوندو ھو. ان کانسواءِ، مون کي بيحد ڊپ هو ته جيڪڏهن مان ان عورت سان ٻيهر مليس، جنهن سان مان هڪ رات گذاري چڪو آھيان ته متان اوچتو ئي اوچتو ڪاوڙ ۾ نه اچي وڃي. بهرحال ماڻهن سان ملڻ کان لنوائڻ واري منهنجي فطرت هئي. ان ڪري آخرڪار مان گنزا واري علائقي کان پري رهڻ جو فيصلو ڪيو. منهنجي هي ڊڄڻ واري فطرت ڪا ڏيکاءُ نه هئي، عورتون ان ڳالهه تي توجهه ناھن ڏينديون ته ھو رات جو سمهڻ وقت ڇا ڪنديون آھن ۽ صبح جو اٿڻ وقت ڇا ڪنديون آھن. ھو پنهنجي دنيا کي ڪاميابيءَ سان ٻن حصن ۾ ورھائي جيئنديون آھن. ڄڻ کين ڪجهه ياد ئي ناھي ھوندو. منهنجي پريشاني اها هئي ته مان اڃان تائين ان عجيب ۽ غير معمولي حالتن جو ڪاميابيءَ سان مقابلو ڪري نه سگهيو ھئس.
نومبر جي آخر ۾، مان هوريڪي سان گڏ گنزا جي هڪ سستي شراب خاني ۾ شراب پيئڻ لاءِ ويس. جيئن ئي اسان ان شراب خاني مان ٿيڙ کائيندا ٻاهر نڪتاسين، ته منهنجي دوست زور ڀرڻ شروع ڪيو ته هلي ڪنهن ٻي هنڌ شراب پيئون. اسان وٽ هاڻ پئسا به ڪونه بچيا هئا، پر پوءِ به هو مون کي بار بار چوندو رھيو.
بهرحال جيئن ته مان انهيءَ رات وڌيڪ نشي ۾ هئس ۽ ڪجهه وڌيڪ ئي دلير ٿي ويو هئس، ان ڪري مان وراڻيو، “ٺيڪ آهي، ھل ته توکي خوابن جي دنيا ڏانهن وٺي هلان. اتي جيڪو ڏسين ان تي حيران نه ٿجان. جيئن شراب، عورتون، ۽ راڳ…”
“تنهنجو مطلب آهي ڪيفي؟”
“ها، اهو ئي.”
“ ته پوءِ هلو!” پوءِ ايئن ئي ٿيو، جو اسان ٻئي ٽرام ۾ چڙهياسين. هوريڪي وڏي جوش مان چيو، “اڄ رات مون کي بس عورت جي بک آهي. ويٽر ڇوڪريءَ کي چمي ڏيڻ سان ڪو مسئلو ته نه ٿيندو؟”
مون کي هوريڪيءَ جو نشي جي حالت ۾ اهڙي انداز سان پيش اچڻ بلڪل پسند نه هو. هوريڪي کي به اها خبر هئي، پر پوءِ به مون کي تنگ ڪرڻ خاطر ڄاڻي واڻي اھڙو ورتاءُ ڪندو هو. “تہه پوءِ مان ان ڇوڪريءَ کي چمي ڏيندس، جيڪا منهنجي ڀرسان ويهندي، صحيح آھي نه؟”
“منهنجي خيال ۾ ان سان خاص ڪو خاص فرق ته پوندو ڪونه.”
ائين ناھي جو مون کي سنيڪو کي وڃائڻ (کان الڳ ٿيڻ) تي پڇتاءُ پئي ٿيو. مون کي ڪڏهن به ڪنهن مٿان مالڪيءَ جي ڪا گهڻي لالچ به نه رھي آھي. ھا، پر اھو سچ آھي ته ٿوريءَ دير لاءِ مون کي ڪجهه وڃائڻ تي افسوس ٿيڻ جو ٿورڙو احساس ٿيڻ جو تجربو ٿيو آهي، پر اھو احساس، ڪڏهن به ايترو گهڻو ناھي ٿيو، جو مان ان جو کليو اظهار ڪريان يا وري شين تي پنهنجي مالڪيءَ جو حق جتائڻ لاءِ ماڻهن سان وڙھندو وتان. منهنجي باري ۾ اها ڳالهه بلڪل سچ هئي. ان جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته ڪجهه سالن کانپوءِ، جڏهن منهنجي پنهنجي زال تي تشدد ٿي رھيو ھو ته مان خاموشيءَ سان ڏسي رھيو ھئس.
مان انسان جي غليظ ترين معاملن ۾ پوڻ کان بچڻ لاءِ ھر ممڪن حد تائين ڪوشش ڪئي آهي. مان انهن جي اتاھہ گهري ڪُن ۾ غرق ٿيڻ کان ڊڄندو آھيان. سنيڪو ۽ مان صرف هڪ رات جا عاشق معشوق هئاسين. هن جو مون سان ڪو تعلق نه هو. اهو ممڪن ئي نه هو ته مان “افسوس” جهڙي جذباتي احساس جو اظهار ڪريان ۽ ان لاءِ مان اڃان تائين حيران ھئس.
اهو ان ڪري جو مون کي سنيڪو سان ھمدردي ھئي، پر افسوس ان ڪري به ھو ته هوءَ هوريڪي جي چميءَ کي قبول ڪرڻ تي مجبور ٿي ۽ جڏهن ته مان ويٺو ڏسان. جيڪڏھن هڪ دفعو به هوريڪيءَ هن کي گندو ڪيو ته ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هن کي مون کان الڳ ٿيڻو پوندو، پر منهنجي محبت ۾ ايتري سچائي نه هئي، جو مان سنيڪو کي روڪي سگهان. مون کي سندس اداسيءَ تي هڪدم صدمو ٿيو. مان سوچيو، “هاڻي سڀ ڪجهہ ختم ٿي چڪو آهي.” پوءِ، ٻئي لمحي، مان شرم ۽ لاچاريءَ مان حالتن کي قبول ڪيو. مان هوريڪي ۽ سنيڪو ڏانهن ڏٺو. مان کلڻ لڳس.
پر صورتحال اوچتو بدتر روپ ۾ مٽجي وئي.
“مان ڪافي برداشت ڪيو آهي،” هوريڪيءَ ڪاوڙ مان چيو. “مون جهڙو ڪو عياش پرست به اھڙي عورت کي چمي نٿو ڏئي سگهي، جيڪا ايتري غريب نظر ايندي ھجي.”
هن پنهنجون ٻانهون سيني تي ٻڌيون ۽ بيزاريءَ سان، سنيڪو ڏانهن چتائي ڏسندو رهيو. هو اجايو مسڪرائڻ لڳو.
مان سنيڪو کي آھستي چيو. “ٿورو شراب کپي، پر ان لاءِ مون وٽ پئسا نه آهن.” مان ائين محسوس ڪيو، ڄڻ ته نشي ۾ غرق ٿيڻ تائين پيئڻ چاهيان ٿو. سنيڪو دنيا جي نظرن ۾ هڪ شرابيءَ جي چميءَ جي به لائق نه هئي، هڪ بدبخت عورت جنهن مان غريبيءَ جي بوءِ ايندي هئي. يقين ۽ حيرت جي حد نه رھي، اھو احساس منهنجي مٿان وڄ ٿي ڪريو. مان پنهنجي پوري زندگيءَ ۾ ان رات، اڳ کان ڪجهه وڌيڪ پيتو… منهنجون اکيون شراب سبب خمارجي ويون ۽ سنيڪو ۽ مان ھر ھر هڪٻئي جي منهن ۾ ڏسي ڏک مان کليو پئي. هائو، جيئن هوريڪي چيو هو، هوءَ واقعي ۾ به هڪ ٿڪل، غربت جو شڪار عورت کانسواءِ ڪجهه به نه ھئي، پر اها سوچ پاڻ ئي غربت جي شڪار ان ساٿيءَ لاءِ ھمدرديءَ جي جذبي سان ڀريل هئي. (امير ۽ غريب جي وچ ۾ ٽڪراءُ ڪافي ڳنڀير موضوع آهي، پر مون کي هاڻي يقين ٿي ويو آهي ته اهو سچ پچ ڊرامي جي لافاني موضوعن مان هڪ آهي.) مون کي سنيڪو تي رحم پئي آيو. (ٿورو ئي سهي پر) زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو مون کي پنهنجي دل ۾ محبت جي هڪ مثبت جذبي جو احساس ٿيو. مون کي الٽي پئي آئي، ان ڪري مان ٻاھر نڪري ويس. ھي پڻ پهريون ڀيرو هو جو مان ايترو شراب پيتو هو ۽ پنهنجو هوش وڃائي ويٺس.
جڏهن ھوش ۾ آيس ته سنيڪو منهنجي وھاڻي وٽ ويٺي هئي. مان واڍي جي گهر جي ٻئي ماڙ تي، سندس ڪمري ۾ ستل ھئس. “جنهن وقت تو مون کي اھو ٻڌايو ته جڏهن غربت دروازي مان داخل ٿي ته محبت دريءَ مان ڀرڪو ڏئي اڏامي وئي. مان ان ڳالهه کي مذاق پئي سمجهيو. ڇا تون سنجيدو هئين؟ تون وري نه آئين. پيار ۽ غربت! ڪيڏو نه پيچيده ڪم آھي. فرض ڪريو، مان توهان لاءِ ڪم ڪريان؟ ڇا اهو ٺيڪ نه هوندو؟”
“نه، ٺيڪ نه ٿيندو.”
هوءَ منهنجي ڀرسان ستي رهي. صبح ٿيڻ تائين هن پهريون ڀيرو ھڪ لفظ ڳالهايو، “موت” هوءَ به انسان ھجڻ جي اھم فرض کي برداشت ڪرڻ کان بيزار نظر پئي آئي ۽ جڏهن مان پنهنجي دنيا جي خوف ۽ ان جي تڪليف، پئسي، تحريڪ، عورتن ۽ پنهنجي پڙهائي تي غور ڪيو، ته اهو ناممڪن نظر اچڻ لڳو ته مان جيئرو به رهي سگهان ٿو. مان آساني سان سندس تجويز کي مڃي ورتو.
تنهن هوندي به اڃان تائين، مان پاڻ کي مڪمل طور تي هن مرڻ واري فيصلي جي حقيقت تي قائل نه ڪري سگهيو آھيان. ڪنهن نه ڪنهن طرح اُن ۾ عقيدت جو عنصر موجود هو.
اُن صبح، اسان ٻنهي آساڪوسا گھمڻ ۾ گذاريو. اسان ھڪ کاڌي جي ريڙھي ڏانهن وياسين ۽ کير جو گلاس پيتوسين.
هن چيو، “ھن ڀيري توهان بل ادا ڪريو.”
مان اٿي بيٺس، پنهنجو ٻٽون ڪڍي، ان کي کوليم. ٽامي جا صرف ٽي سڪا ھئا. ان لمحي، مون تي شرم کان وڌيڪ دهشت ڇانيل هئي. اوچتو منهنجي اکين اڳيان پنهنجو ھاسٽل وارو ڪمرو نظر اچڻ لڳو. جنهن ۾ منهنجي اسڪول جي يونيفارم ۽ بسترن کانسواءِ ڪجهه نه ھو. اھا هڪ ويران ڪوٺي ھئي، جنهن ۾ ڪابه اھڙي شيءِ نه هئي، جنهن کي گروي رکي سگهجي. منهنجي ٻئي سامان ۾ منهنجو فقط ڪيمونو ۽ ڪوٽ هئا، جيڪي مون کي پاتل ھئا. اهي ئي تلخ حقيقتون هيون. مون کي شدت سان محسوس ٿيو ته مان جيئرو نٿو رهي سگهان.
هن جو آواز معصوميت وارو ھو، پر ان آواز مون کي اندران جهوري وڌي ھو. اهو آواز بيحد دردناڪ هو ۽ اھا پهرين عورت ھئي، جنهن جو آواز ايترو ته ڏکوئيندڙ ھو، جو ان سان مان محبت ڪري پئي سگهيس. “بس اھي اٿئي؟” نه، ان ڳالهه مون وٽ ان کان به وڌيڪ پئسن ھجڻ ڏانهن اشارو ڪيو، پر ٽامي جي ٽن سڪن کي پئسا نٿو چئي سگهجي. اها شرمساري منهنجي زندگيءَ جي وڏي ذلت هئي، اهڙي ذلت جنهن سان زنده رهي نه پئي سگهيس. مان سمجهان ٿو ته مان اڃان تائين پاڻ کي امير ماڻهوءَ جي پٽ واري حيثيت ختم ڪري نه سگهيو آهيان. ھاڻي مان سچ پچ ۾ پنهنجي پاڻ کي مارڻ جو پڪو ارادو ڪيو.
اسان ان رات ڪماڪورا وٽ سمنڊ ۾ ٽپو ڏنو. هن پنهنجو ڪمربند لاھي ۽ چڱي نموني ويڙھي ھڪ پٿر تي رکي، اھو ٻڌايائين ته ھُن اِھو ڪمربند ڪيفي جي ھڪ سنگتياڻيءَ کان اڌارو ورتو ھو. مان به پنهنجو ڪوٽ لاھي ساڳي جاءِ تي رکي، گڏجي پاڻيءَ ۾ ٽپو ڏنو.
هوءَ ته مري وئي، پر مون کي بچايو ويو.
ان واقعي کي پريس ۾ وڏي اهميت ڏني وئي. ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي، ڇو ته مان ڪاليج جو شاگرد هئس ۽ منهنجي پيءُ جو نالو به ڪجهه خبرن ۾ اھيمت رکندو ھو.
مون کي سمنڊ جي ڪناري جي ڀرسان ھڪ اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو. مون سان ملڻ ۽ ڪجهه ضروري شين جو بندوبست ڪرڻ لاءِ گهران ھڪ مائٽ آيو. موڪلائڻ کان اڳ، هن مون کي ٻڌايو ته منهنجو پيءُ ۽ منهنجي خاندان جا ٻيا سڀ ڀاتي ايترا ته ناراض آهن، جو بنا دير جي ھو مون کي ھميشه لاءِ لادعويٰ ڪري سگهن ٿا. اهڙين ڳالهين جي مان ڪا پرواھہ نه ڪئي. ان جي بدران، مان فوت ٿيل سنيڪو جي باري ۾ سوچي رھيو ھئس. مان ھن کي ياد ڪري روئي رهيو هئس، جن ماڻهن کي مان سڃاڻندو ھئس، انهن مان ويچاري سنيڪو واقعي واحد ڇوڪري ھئي، جنهن سان مان محبت ڪندو هئس.
ھاسٽل تي رھندڙ ھڪ ڇوڪريءَ طرفان پنجاهہ بندن تي مشتمل ھڪ خط موصول ٿيو. هر بند ناقابل يقين لفظن سان شروع پئي ٿيو، “مهرباني ڪري منهنجي خاطر زنده رهو.” نرسون منهنجي ڪمري ۾ اينديون هيون. ھو هر وقت خوشيءَ مان کلنديون هيون ۽ ڪي ته وري ٻاهر نڪرڻ وقت منهنجي هٿ کي پڪڙي زرور ڏئي وينديون ھيون.
هنن کي اسپتال مان خبر پئي ته منهنجو کاٻو ڦڦڙ متاثر ٿيل آهي ۽ اها ڳالهه منهنجي لاءِ تمام گهڻي خوش قسمتي واري هئي. ڪجهه ئي ڏينهن کانپوءِ، مون کي اسپتال مان پوليس اسٽيشن تي آندو ويو ۽ خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ جي جرم ۾ سزا ڏني وئي، پر پوليس مون کي هڪ بيمار شخص سمجهي، ڪوارٽر ۾ بند ڪرڻ بدران، خاص مجرمن واري حراست جي ڪمري ۾ رکيو.
ان رات دير سان منهنجي ڀرسان واري ڪمري ۾ رات جي ڊيوٽي تي بيٺل پوڙهي سپاھيءَ آھستي دروازو کوليو. “اڙي ھيڏانهن،” هن مون کي سڏيو، “توکي سيءُ ٿيندو ھوندو. اچ باهه تي ويهه.”
مان هن جي ڪمري ۾ هليو ويس، باهه جي ڀرسان ڪرسيءَ تي ويهي پاڻ کي گرم ڪيو. منهنجي چهري تي اداسي ڇانيل ھئي.
“ھوءَ توهان کي ياد ٿي اچي نه؟”
“ها.” مان بيچنيءَ مان ٻڏل آواز ۾ جواب ڏنومانس.
“مان سمجهان ٿو ته اها انساني فطرت آهي.” سندس رويو ڪجهه وڌيڪ ئي خود پسند ٿيندو ٿي ويو. “اِن عورت سان پهريون ڀيرو ڪٿي مليو هئين؟” ھن سوال اهڙي انداز سان پڇيو، جيڪو لڳ ڀڳ ڪنهن جج جي حڪم برابر هو. منهنجو جيلر مون کي ھڪ اھڙو حقير ٻار سمجهندو ھو، جنهن کي شين ۾ فرق جي خبر نه ھوندي ھئي، ھو ائين ورتاءُ ڪندو ھو، ڄڻ ته کيس تحقيقات جو ڪم سونپيو ويو ھجي. بيشڪ، هو سرءُ جي ڊگهي شام ۾ ٽائيم پاس ڪرڻ لاءِ مون کان فحش نوعيت جي ڪهاڻي ٻڌڻ جي آڙ ۾، ڳجهي نموني اعترافي بيان وٺڻ جي اميد ڪري رهيو هو. مان هڪدم هن جي ارادي جو اندازو لڳايو ۽ مان هن جي سامهون پاڻ کي کلڻ کان روڪڻ کانسواءِ ڪجهه نه پئي ڪري سگهيس. مون کي خبر هئي ته مون کي اهو حق حاصل آهي ته مان پوليس وارن جي اھڙي غير رسمي پڇا ڳڇا جي ڪنهن به سوال جو جواب ڏيڻ کان انڪار ڪريان، پر ايندڙ ڊگهي رات کي ٿورو دلچسپ بڻائڻ لاءِ، مان پاڻ کي هڪ سچار ڪري پيش ڪيو، ڄڻ ته مان پڪو ۽ بنا ڪنهن شڪ جي اھو يقين ڪري رهيو هئس ته هي پوليس وارو ئي منهنجي جاچ جو اصل ذميوار آهي ۽ منهنجي سزا جي سختي صرف ۽ صرف سندس فيصلي تي دارومدار رکي ٿي. مان ٿورو يا گهڻو، پر سندس فحش قسم جي تجسس کي پورو ڪرڻ لاءِ ھڪ فالتو اقرار نامو ڪري ورتو…
“هممم. مون کي هاڻي ان ڳالهه جو اندازو ٿي ويو آھي ته جڏهن ڪو قيدي هر شيءِ جو پوري ايمانداريءَ سان جواب ڏيندو آھي ته اسان ان کي ھميشه نظر ۾ رکندا آھيون.”
“توهان جي وڏي مهرباني. مون کي اميد آهي ته توهان منهنجي مدد ڪرڻ لاءِ پنهنجي وس آھر سڀ ڪجهہ ڪندؤ.” منهنجي اداڪاري الهامي لڳي رھي ھئي. ھا، هڪ شاندار اداڪاري، پر جنهن جو مون کي ڪوبه فائدو نه پهتو.
صبح جو مون کي پوليس جي چيف وٽ گهرايو ويو. هن ڀيري اصل تفتيش هئي.
مان جيئن ئي دروازو کولي، سندس آفيس ۾ داخل ٿيس ته پوليس چيف چيو، “توهان لاءِ هڪ خوبصورت ڇوڪرو آهي! اهو توهان جي غلطي نه هئي، مان سمجهي سگهان ٿو. ھن خوبصورت ٻار کي دنيا ۾ آڻڻ جو الزام توهان جي ماءُ تي آهي.”
هو اڃان جوان نظر پئي آيو، سندس رنگ مشڪي ھو، ڏيک ويک مان لڳو پئي، ڄڻ ته يونيورسٽي جو پڙھيل لکيل ھجي. سندس ڳالهين مون کي اوچتو حيران ڪري ڇڏيو، ۽ مون کي اهڙي ريت صدمو پهچايو، ڄڻ مان ڄائي ڄم کان ئي معذور هجان ۽ منهنجي منهن جي اڌ حصي تي ڳاڙها داغ ھجن.
هن پهلواڻ نظر ايندڙ پوليس چيف جي تفتيش آسان، با مقصد ۽ گذريل رات واري پوليس واري جي ڳجهي، ضد ڀري، فحش قسم جي “جاچ” کان بلڪل مختلف هئي. پنهنجي پڇا ڳاڇا ختم ڪرڻ کانپوءِ، هن ضلعي اٽارني جي آفيس ڏانهن موڪلڻ لاءِ هڪ فارم ڀريو. هن فارم ڀرڻ وقت چيو، “توهان کي پنهنجي صحت کي اهڙي طرح نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي. توهان کي کنگهه ۾ رت ٿو اچي نه؟”
اُن صبح جو مون کي هڪ عجيب قسم جي سڪي کنگهه ٿي پئي هئي. جنهن به وقت مون کي کنگهه پئي ٿي ته مان پنهنجي وات کي رومال سان ڍڪي پئي ڇڏيو. رومال رت سان ڀريل ھوندو ھو، پر منهنجي ڳلي ۾ رت نه ھوندو هو. گذريل رات مان پنهنجي ڪنن جي هيٺان هڪ داڻو ڦيهي رھيو ھئس ته ان مان رت وهي رهيو هو. هڪدم اهو خيال آيو ته ھي سچ ظاھر نه ڪرڻ جو ھڪ بهانو ثابت ٿيندو آھي، ان ڪري مان اکيون ٻوٽي ڇڏيون ۽ وڏي نيڪ نيتيءَ مان ڀڻڪيو، “ها.”
پوليس چيف ڪاغذ لکي پورو ڪيو. “اهو ضلعي اٽارني تي منحصر آهي ته اهي توهان جي خلاف ڪارروائي ڪن ٿا يا نه، پر بهتر ائين ٿيندو ته ڪنهن ضمانت ڏيڻ واري کي يوڪوهاما ۾ ضلعي جي اٽارني جي آفيس ۾ اچڻ لاءِ ٽيليفون يا ٽيليگراف ڪري وٺ. تنهنجي ضمانت ڏيڻ لاءِ اتي ڪو نه ڪو ته ضرور هوندو؟”
مون کي منهنجي ڳوٺ جو هڪ شخص ياد آيو. ھو قديم شين جو واپاري ھو، جيڪو ٽوڪيو ۾ منهنجي پيءُ جي گهر ايندو رھندو هو ۽ اڳ ۾ به اسڪول ۾ منهنجو ضامن ٿيو هو. هن جي عمر لڳ ڀڳ چاليهه ورهيه ھئي. ھو ڪنوارو ۽ منهنجي پيءُ جو گهاٽو يار ھو. سندس چهرو، خاص ڪري اکيُن وٽان، مڇيءَ وانگر لڳندو هو. ان ڪري منهنجو پيءُ ھميشه کيس انهيءَ فليٽ فش (تراکڙي مڇي) جي نالي سان سڏيندو هو. مان به کيس “فيلٽ فش” ئي سمجهندو ھئس.
مان فليٽ فش جو نمبر ڳولهڻ لاءِ پوليس اسٽيشن ۾ رکيل ٽيليفون ڊائريڪٽري کنئي. مان سندس نمبر ڳولهي ورتو ۽ کيس فون ڪئي. مان کانئس پڇيو ته هن کي يوڪوهاما اچڻ ۾ ڪو اعتراض ته ناھي. جنهن وقت فليٽ فش جواب ڏنو ته سندس جواب ڪنهن اڻ سڃاتل آفيسر جهڙو لڳو. بهرحال ھو منهنجي ضامن ٿيڻ لاءِ نيٺ راضي ٿي ويو. مان واپس قيد خاني ۾ ويس. پوليس چيف جو آواز اوچتو مون تائين پهتو، هن ڪنهن سپاھي کي سختي مان چيو، “اڙي، ٽيليفون جي رسيور کي چڱي نموني صاف ڪريو. خبر اٿوَ، هن جي واتان رت اچي رهيو آهي.”
منجهند جو هنن مون کي هڪ سنهڙي سڻيءَ جي رسيءَ سان ٻڌو. جڏهن اسان ٻاهر نڪتاسين ته مون کي پنهنجي ڪوٽ جي هيٺان رسي لڪائڻ جي اجازت ڏني وئي، پر رسيءَ جو ھڪ ڇيڙو نوجوان سپاھيءَ جي ھٿ ۾ مضبوطيءَ سان جهليل ھو. اسان ٽرام ۾ سوار ٿي يوڪوهاما ڏانهن وياسين.
ھن تجربي مون کي گهٽ ۾ گهٽ پريشان نه ڪيو هو. مون کي ھن پوليس اسٽيشن ۾ اڳلو قيد خانو ۽ سپاھي به ياد پئي آيو. مان حيران آهيان، ته ڪهڙي شيءِ مون کي ائين بڻايو ھو. جڏهن انهن مون کي هڪ ڏوھاريءَ وانگر رسيءَ سان ٻڌو ته مون کي حقيقي سڪون محسوس ٿيو. هاڻي به جڏهن مان انهن ڏينهن جون يادون لکندو آهيان ته مون کي اصل راحت جو احساس ٿيندو آھي.
پر منهنجي ٻين پڇتاءَ وارين يادگيرين ۾ هڪ ڀيانڪ تباھي آھي، جنهن کي مان ڪڏهن به وساري نه سگهندس ۽ جنهن جي سبب مون کي ھاڻي به ڏڪڻي وٺي ويندي آھي. مون کان ضلعي اٽارنيءَ جي ھلڪي روشنيءَ واري آفيس ۾ هڪ مختصر پڇا ڳاڇا ڪئي وئي. هو اٽڪل چاليهن سالن جو هو، هن جي شخصيت مان ڏاھپ ۽ ذھانت جهلڪي رھي ھئي، جنهن کي مان “سچي سهڻي شخصيت” چئي سگهان ٿو. (ان جي ابتڙ، منهنجي پنهنجي مبينا سهڻي شڪل، جيڪا سچ ۾ سهڻي ھجي به ته يقينن بي حيائيءَ سان ڀريل ھوندي). هو ايترو سادو ۽ سڌو نظر اچي رهيو هو، جو مان پنهنجي پاڻ کي محفوظ محسوس ڪيو. جنهن وقت مان بي دليءَ سان پنهنجي ڪهاڻي ٻڌائي رهيو هئس، ته اوچتو مون کي کنگهه جو ھڪ ٻيو دورو پيو. مان پنهنجو رومال ڪڍيو. مون کي رت جا داغ نظر آيا. مان ذليل قسم جي موقعي پرستيءَ کي ذھن ۾ رکي سوچيو ته هيءَ کنگهه به مفيد ثابت ٿي سگهي ٿي. مان وڌيڪ ھمدردي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪجهه وڌيڪ کنگهيو ۽ پنهنجو وات رومال سان ڍڪي، ضلعي اٽارنيءَ ڏانهن ڏٺو.
هينئر به اها ياد مون کي ايترو ته شرمسار ڪري ڇڏيندي آھي، جو مان ويهي به نٿو سگهان. ڪيتري نه خراب ڳالهہ ھئي. مون کي يقين آھي ته جڏهن مان هاءِ اسڪول ۾ ھئس ته اھا ڳالهه ان کان به وڌيڪ خراب ھئي ۽ منهنجي بيوقوف دوست تَڪيچيءَ منهنجي پٺيءَ تي ٿپڪي ڏئي چيو، “تو اهو ڄاڻي ٻجهي ڪيو آھي.” ۽ ان ڳالهه ڄڻ ته مون کي دوزخ ۾ ڌڪي ڇڏيو ھجي. منهنجي اداڪاريءَ واري زندگيءَ جون اھي ٻه وڏيون آفتون هيون. ڪڏهن ڪڏهن مان اهو به سوچيو آهي ته ضلعي اٽارني جهڙي ميسڻي ۽ حقير شخص سان ملڻ بجاءِ مون کي ڏهہ سال قيد جي سزا ملي ھا.
مون تان الزام ختم ڪيو ويو، پر ان سان ڪا خوشي نه ٿي. جيئن ئي مان ضلعي اٽارني جي آفيس جي ٻاهران ورانڊي ۾ رکيل بينچ تي ويٺس ته مون کي ڏاڍي بيچيني محسوس ٿي. مان پنهنجي، فليٽ فش جي اچڻ جو انتظار ڪري رهيو هئس.
مان پنهنجي بينچ جي پويان ڊگهين درين مان لهندڙ سج سبب چمڪندڙ آسمان کي ڏسي پئي سگهيس. سامونڊي پکي قطار ۾ اڏامي رهيا هئا ۽ اها قطار ڪنهن نه ڪنهن ريت عورت جي بدن جي وڪڙ وانگر لڳي رهي هئي.