پاڪستان ۾ توانائي بحران ڪو نئون مسئلو ناهي، پر تازين حالتن ۾ گئس جي شديد کوٽ ملڪ جي معاشي، صنعتي ۽ سماجي ڍانچي لاءِ سنجيده خطرو بڻجي چڪي آهي. آر ايل اين جي (RLNG) جي فراهمي ۾ گهٽتائي سبب گئس جو بحران وڌيڪ شدت اختيار ڪري ويو آهي، جنهن نه رڳو صنعتن کي متاثر ڪيو آهي، پر عام شهري جي روزمره زندگي به سخت متاثر ٿي آهي. تازن انگن اکرن موجب ملڪ ۾ گئس جي فراهمي روزانو لڳ ڀڳ 1200 ملين ڪعبي فوٽ مان گهٽجي صرف 700 ملين ڪعبي فوٽ رهجي وئي آهي، جڏهن ته شارٽ فال 600 ملين ڪعبي فوٽ کان به وڌي چڪو آهي. اهڙي وڏي کوٽ جو سڌو اثر پاور سيڪٽر، ڀاڻ جي صنعت ۽ گهريلو صارفين تي پئجي رهيو آهي. نتيجي طور بجلي جي پيداوار متاثر ٿي رهي آهي، زرعي شعبي لاءِ ڀاڻ جي کوٽ جا خدشا وڌي رهيا آهن، ۽ عام ماڻهو پنهنجا بنيادي ڪم به پوري طرح انجام ڏيڻ کان قاصر آهن. گهرن ۾ گئس جو گهٽ پريشر يا مڪمل بندش هاڻي روزاني معمول بڻجي وئي آهي. حڪومت جي دعوائن باوجود ته کاڌي جي ٽنهي وقتن ۾ گئس فراهم ڪئي پئي وڃي، زميني حقيقت ان جي ابتڙ آهي. ڪيترن ئي شهرن ۾ ماڻهو ناشتو ڪرڻ کانسواءِ اسڪولن ۽ آفيسن ڏانهن وڃڻ تي مجبور آهن، جڏهن ته شام ۽ رات جو به ساڳي صورتحال برقرار آهي. نتيجي طور شهري مهانگي هوٽلن ۽ تيار کاڌي تي ڀاڙڻ تي مجبور آهن، جنهن سان اڳ ئي متاثر ٿيل گهريلو بجيٽ تي وڌيڪ بار پئجي رهيو آهي.
هن بحران جو سڀ کان وڌيڪ اثر سنڌ، خاص ڪري ڪراچي جهڙي وڏي شهر تي پيو آهي، جيڪو ملڪ جي معيشت جي شهه رڳ سڏجي ٿو. حيران ڪندڙ ڳالهه اها آهي ته سنڌ ملڪ کي سڀ کان وڌيڪ گئس فراهم ڪندڙ صوبو هجڻ باوجود پاڻ ئي هن بنيادي سهولت کان محروم آهي. آئين موجب مقامي وسيلن تي پهريون حق مقامي آبادي جو آهي، پر عملي طور تي هن اصول جي کلي عام خلاف ورزي ٿي رهي آهي، جيڪا نه صرف ناانصافي آهي، پر وفاقي ڍانچي تي به سوال اٿاري ٿي. ٻئي پاسي حڪومت طرفان بجلي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ سي اين جي سيڪٽر کان گئس کڻي پاور سيڪٽر ڏانهن منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. جيتوڻيڪ اهو قدم عارضي طور بجلي جي کوٽ کي گهٽائڻ ۾ مددگار ٿي سگهي ٿو، پر ان سان ٽرانسپورٽ سيڪٽر ۽ ٻين شعبن ۾ نوان مسئلا پيدا ٿيڻ جو امڪان آهي. اهڙيون پاليسيون، جيڪي هڪ مسئلي جو حل ٻئي مسئلي جي صورت ۾ پيدا ڪن، ڊگهي مدي ۾ فائديمند ثابت نٿيون ٿين. ٻئي طرف پاور ڊويزن جو موقف آهي ته ايل اين جي جي دستيابي ۽ پاڻي جي اخراج (پن بجلي) ۾ واڌ سبب بجلي جي پيداوار ۾ بهتري اچي رهي آهي. اختيارين موجب گذريل رات پيڪ ٽائيم دوران ڪا به لوڊ مينيجمينٽ نه ڪئي وئي، جڏهن ته رات جي وقت شارٽ فال ختم ٿيڻ جا امڪان ظاهر ڪيا پيا وڃن. ان سان گڏ تقريبن 4700 ميگاواٽ بجلي صرف ايل اين جي جي کوٽ سبب پيدا نه ٿي رهي آهي، جيڪا فراهمي بهتر ٿيڻ سان سسٽم ۾ شامل ٿي سگهي ٿي. پن بجلي جي پيداوار ۾ واڌ سان گڏ ڏکڻ کان نيشنل گرڊ ۾ به استحڪام پيدا ٿيو آهي، جنهن سان بجلي جي ترسيل ۾ بهتري آئي آهي. تنهن هوندي به سوال اهو برقرار آهي ته اهي بهتريون عام صارف تائين ڇو نٿيون پهچن.
گئس بحران جو هڪ ٻيو اهم پهلو سيلينڊر مافيا جو وڌندڙ اثر آهي، جيڪو عوام جي مجبوري مان فائدو وٺي غيرقانوني ۽ مهانگي اگهن تي گئس فراهم ڪري رهيو آهي. هي صورتحال خاص طور تي وچولي ۽ محنت ڪش طبقي لاءِ اذيتناڪ بڻجي چڪي آهي، جيڪو اڳ ئي مهانگائي جي طوفان سان وڙهي رهيو آهي. غير معياري متبادل ذريعن جو استعمال نه صرف مالي بار وڌائي ٿو، پر انساني صحت لاءِ به نقصانڪار آهي. ان سڄي صورتحال ۾ سڀ کان وڌيڪ افسوسناڪ ڳالهه اختيارين جي خاموشي ۽ غيرسنجيدگي آهي. سوئي گئس اختيارين طرفان هڪ پاسي وافر گئس هجڻ جا دعويٰ ڪيا وڃن ٿا، جڏهن ته ٻئي پاسي زميني حقيقتون انهن دعوائن کي رد ڪن ٿيون. عوام کي واضح ۽ شفاف معلومات ڏيڻ بدران ابهام تي ٻڌل بيان بازي اعتماد کي وڌيڪ نقصان پهچائي رهي آهي. هاڻ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته حڪومت هنگامي بنيادن تي گئس جي منصفاڻي ورڇ کي يقيني بڻائي، آر ايل اين جي جي فراهمي کي بهتر بڻائڻ لاءِ سفارتي ۽ واپاري ڪوششون تيز ڪري، ۽ ڊگهي مدي واري توانائي پاليسي تي سنجيدگي سان ڪم ڪري. مقامي وسيلن جي منصفاڻي استعمال، متبادل توانائي ذريعن جي واڌاري، ۽ ڪرپشن جي خاتمي کانسواءِ هن بحران جو مستقل حل ممڪن ناهي. جيڪڏهن اڄ به موثر قدم نه کنيا ويا ته گئس جو بحران صرف هڪ شعبي تائين محدود نه رهندو، پر ملڪ جي معاشي استحڪام، صنعتي ترقي ۽ عوامي ڀلائي لاءِ هڪ وڏو خطرو بڻجي سگهي ٿو. حڪومت کي گهرجي ته وقت جي نزاڪت کي سمجهي ۽ عملي، شفاف ۽ عوام دوست پاليسين ذريعي هن بحران تي قابو آڻي، ٻي صورت ۾ عوام جو اعتماد مڪمل طور تي ختم ٿيڻ جو انديشو وڌي ويندو.