سنڌ جي سياسي فضا هڪ ڀيرو ٻيهر گرم ٿي رهي آهي. جڏهن جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان 14 مئي 2026 تي سنڌ جي ڇهن ڏينهن جي دوري تي ڪراچي پهتو ته ايئرپورٽ تي سندس استقبال صرف هڪ مذهبي اڳواڻ جي آمد نه، پر هڪ وڏي سياسي پيغام طور ڏٺي پئي وڃي. جي يو آءِ سنڌ جي اڳواڻن علامه راشد محمود سومرو، علامه نصير محمود سومرو، محمد اسلم گوري، قاري محمد عثمان ۽ ٻين جي موجودگيءَ اهو واضح پيغام ڏنو آهي ته پارٽي سنڌ ۾ پنهنجي سياسي طاقت کي نئين سر ترتيب ڏيڻ چاهي ٿي. مولانا جي اچڻ سان ئي سنڌ جي سياسي حلقن ۾ اھو بحث شروع ٿي ويو آهي ته ڇا هي دورو صرف مذهبي نوعيت جو هوندو يا پوءِ ايندڙ چونڊن کان اڳ پيپلز پارٽي خلاف ڪنهن وڏي سياسي دنگل جي شرعات آهي؟ ڇو ته مولانا فضل الرحمان پاڪستاني سياست جي ميدان جو هميشه هڪ اهم رانديگر رهيو آهي، جيڪو اقتدار جي رستن، مذهبي جذباتن، اسٽيبلشمينٽ سان لاڳاپن ۽ مخالف ڌر جي اتحاد جي سياست کي هڪ ئي وقت استعمال ڪرڻ جي مهارت رکي ٿو. ڪراچي ۾ منگھو پير روڊ نئين ناظم آباد تي ٿيل “وحدتِ امت ڪانفرنس” هن دوري جو مرڪزي نقطو بڻيو. ڪانفرنس ۾ ماڻهن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي ۽ مولانا جي جذباتي خطاب نه رڳو جي يو آءِ جي ڪارڪنن ۾ نئون جوش ولولو پيدا ڪيو، پر سوشل ميڊيا تي به ان جا وڊيو ڪلپس تيزيءَ سان وائرل ٿي رهيا آهن. مولانا پنهنجي تقرير دوران عالمي اسلامي اتحاد، اسرائيل خلاف گڏيل بلاڪ، ايران تي ممڪن حملن ۽ اسلامي دنيا جي خاموشيءَ تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي پنهنجي تقرير ۾ سڄي مسلم امت کي اھو خبردار ڪيو ته جيڪڏهن خطي ۾ جنگ وڌي ته ان جا اثر پاڪستان ۽ عرب دنيا تائين خطرناڪ ٿي سگهن ٿا، پر مولانا جي تقرير جو اصل سياسي رخ تڏهن نمايان ٿيو جڏهن هن سنڌ جي صورتحال تي ڳالهايو. هن سنڌ ۾ بدامني، ڌاڙيلن جي وڌندڙ سرگرمين، اغوا براءِ تاوان، مهانگائي، بيروزگاري ۽ حڪمرانن جي نااهليءَ تي سخت تنقيد ڪئي. سندس لفظن مان اهو تاثر ملي رهيو آهي ته جي يو آءِ (ف) سنڌ جي سياسي ميدان ۾ پ پ سان مهاڏو اٽڪائڻ پئي وڃي.