بلاگنئون

مولانا جو سنڌ جو دور، يا پ پ سان سياسي دنگل جو آغاز

سنڌ جي سياسي فضا هڪ ڀيرو ٻيهر گرم ٿي رهي آهي. جڏهن  جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان 14 مئي 2026 تي سنڌ جي ڇهن ڏينهن جي دوري تي ڪراچي پهتو ته ايئرپورٽ تي سندس استقبال صرف هڪ مذهبي اڳواڻ جي آمد نه، پر هڪ وڏي سياسي پيغام طور ڏٺي پئي وڃي. جي يو آءِ سنڌ جي اڳواڻن علامه راشد محمود سومرو، علامه نصير محمود سومرو، محمد اسلم گوري، قاري محمد عثمان ۽ ٻين جي موجودگيءَ اهو واضح پيغام ڏنو آهي ته پارٽي سنڌ ۾ پنهنجي سياسي طاقت کي نئين سر ترتيب ڏيڻ چاهي ٿي. مولانا جي اچڻ سان ئي سنڌ جي سياسي حلقن ۾ اھو بحث شروع ٿي ويو آهي ته ڇا هي دورو صرف مذهبي نوعيت جو هوندو يا پوءِ ايندڙ چونڊن کان اڳ پيپلز پارٽي خلاف ڪنهن وڏي سياسي دنگل جي شرعات آهي؟ ڇو ته مولانا فضل الرحمان پاڪستاني سياست جي ميدان جو هميشه هڪ اهم رانديگر رهيو آهي، جيڪو اقتدار جي رستن، مذهبي جذباتن، اسٽيبلشمينٽ سان لاڳاپن ۽ مخالف ڌر جي اتحاد جي سياست کي هڪ ئي وقت استعمال ڪرڻ جي مهارت رکي ٿو. ڪراچي ۾ منگھو پير روڊ نئين ناظم آباد تي ٿيل “وحدتِ امت ڪانفرنس” هن دوري جو مرڪزي نقطو بڻيو. ڪانفرنس ۾ ماڻهن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي ۽ مولانا جي جذباتي خطاب نه رڳو جي يو آءِ جي ڪارڪنن ۾ نئون جوش ولولو پيدا ڪيو، پر سوشل ميڊيا تي به ان جا وڊيو ڪلپس تيزيءَ سان وائرل ٿي رهيا آهن. مولانا پنهنجي تقرير دوران عالمي اسلامي اتحاد، اسرائيل خلاف گڏيل بلاڪ، ايران تي ممڪن حملن ۽ اسلامي دنيا جي خاموشيءَ تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي پنهنجي تقرير ۾ سڄي مسلم امت کي اھو خبردار ڪيو ته جيڪڏهن خطي ۾ جنگ وڌي ته ان جا اثر پاڪستان ۽ عرب دنيا تائين خطرناڪ ٿي سگهن ٿا، پر مولانا جي تقرير جو اصل سياسي رخ تڏهن نمايان ٿيو جڏهن هن سنڌ جي صورتحال تي ڳالهايو. هن سنڌ ۾ بدامني، ڌاڙيلن جي وڌندڙ سرگرمين، اغوا براءِ تاوان، مهانگائي، بيروزگاري ۽ حڪمرانن جي نااهليءَ تي سخت تنقيد ڪئي. سندس لفظن مان اهو تاثر ملي رهيو آهي  ته  جي يو آءِ (ف) سنڌ جي سياسي ميدان ۾ پ پ سان مهاڏو اٽڪائڻ پئي وڃي.

18 مئي تي ڪراچي پريس ڪلب ۾ “ميٽ دي پريس” دوران سندس بيانن دوري کي وڌيڪ سياسي ۽ حساس رخ ڏانهن موڙي ڇڏيو. هن سڌي ريت الزام هنيو ته “اسٽيبلشمينٽ پنهنجي طاقت وڌائڻ لاءِ آئين ۾ تبديليون ڪرائڻ چاهي ٿي، سياسي نظام ۽ پارليامينٽ تي اثرانداز ٿي رهي آهي، جنهن سان جمهوريت بي معنيٰ بڻجي رهي آهي.” مولانا جو چوڻ هو ته ملڪ هن وقت انتهائي ڳنڀير حالتن مان گذري رهيو آهي، بلوچستان ۽ خيبر پختونخواهه ۾ بغاوت جهڙيون حالتون آهن، جڏهن ته سنڌ ۾ ڌاڙيلن جو راڄ آهي. هن چيو ته حڪمران امن امان ۽ معيشت بابت سنجيده نظر نٿا اچن ۽ عوام کي ليويز، ٽيڪسن ۽ مهانگائي جي بار هيٺ دٻايو پيو وڃي. هن 2018 ۽ 2024 جي چونڊن تي به سوال اٿاريندي چيو ته “عوامي راءِ کي تبديل ڪيو ويو”، جڏهن ته موجوده اليڪشن ڪميشن وٽ ايتري سگهه ئي ناهي جو مڪمل شفاف چونڊون ڪرائي سگهي. سندس اهو بيان دراصل موجوده سياسي نظام کي سڌو وار تصور ڪيو پيو وڃي. سڀ کان وڌيڪ سياسي اهميت ان جملي کي ڏني پئي وڃي، جنهن ۾ هن صدر آصف علي زرداري کي مخاطب ٿيندي چيو:

“اچو ۽ آئين جو تحفظ ڪريو، جنهن تي ذوالفقار علي ڀٽو ۽ اسان سڀني اڳواڻن جون صحيحون ٿيل آهن.” سياسي مبصرن تجزياڪارن موجب هي صرف هڪ جذباتي تقرير جا جملا  نه، پر پيپلز پارٽيءَ لاءِ واضح سياسي پيغام آهي. ان بيان ۾ ايئن ٿو لڳي ته مولانا پ پ کي ياد ڏياري رهيو آهي ته جيڪڏهن پارٽي پاڻ کي “جمهوريت ۽ آئين جي محافظ” سڏائي ٿي ته پوءِ کيس طاقتور حلقن بابت واضح موقف اختيار ڪرڻ گهرجي.

سنڌ ۾ پ پ گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان اقتدار ۾ آهي، پر هاڻوڪي حالتن ۾ عوامي سطح تي ڪيترائي سوال اٿي رهيا آهن ته ڪراچي کان ڪشمور تائين پاڻيءَ جي کوٽ، بجليءَ جو بحران، بيروزگاري، صحت ۽ تعليم جا مسئلا ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪارڪردگيءَ تي تنقيد وڌي رهي آهي. اهڙي ماحول ۾ مولانا جو سنڌ جو طوفاني دورو پ پ لاءِ سياسي پريشاني جو سبب ضرور بڻبو. ڇو ته جي يو آءِ (ف) وٽ مذهبي ووٽ بينڪ موجود آهي، جڏهن ته سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ مدرسن ۽ مذهبي نيٽ ورڪ جي صورت ۾ ان جو تنظيمي ڍانچو به مضبوط آهي.  هن دوري جو هڪ اهم رخ مولانا جي ڪاروباري ۽ واپاري حلقن سان ملاقاتون به رهيون. هن مشهور صنعتڪار عارف حبيب سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ڪراچيءَ جون اهم واپاري شخصيتون موجود هيون. سياسي تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ جڏهن به ڪو سياسي اڳواڻ واپاري برادريءَ سان ويجهڙائپ وڌائڻ شروع ڪري ته ان جا واضح سياسي مطلب هوندا آهن.

ملاقات ۾ معاشي بحران، آئي ايم ايف تي انحصار، سيڙپڪاريءَ جي گهٽتائي ۽ بدامنيءَ جي اثرن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. مولانا چيو ته “جيستائين ملڪ ۾ امن نه ايندو، تيسين سرمائيدار اعتماد سان سيڙپڪاري نه ڪندا.” هن مقامي وسيلن کي مضبوط ڪرڻ ۽ معاشي ترقي کي وڌائڻ ۽ قرضن کي گهٽائڻ تي زور ڏنو. هي بيان سڌو سنئون موجوده حڪومتي پاليسين تي تنقيد سمجهيو پيو وڃي. پاڪستان هن وقت آءِ ايم ايف جي سخت شرطن، وڌندڙ ٽيڪسن، مهانگائي ۽ ڪرنسي بحران کي منهن ڏئي رهيو آهي. اهڙي وقت ۾ مولانا جو “خودمختيار معيشت” وارو نعرو واپاري حلقن ۾ ڌيان ڇڪائڻ ۾ مدد ڏيندو.

ڏٺو وڃي تي سياسي طور وڌيڪ اهم ڳالهه اها آهي ته مولانا جي پير پاڳاري ۽ اڳوڻي سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري سان  ملاقاتن جون خبرون  پڻ  گردش ڪري  رهيون آهن. جيڪڏهن اهي ملاقاتون ٿين ٿيون ته پوءِ سنڌ جي سياست ۾ هڪ نئين اتحادَ بابت بحث وڌيڪ تيز ٿي سگهي ٿو. ڇو ته سنڌ ۾ پيپلز پارٽي خلاف مخالف ڌر گهڻي وقت کان هڪ مضبوط گڏيل محاذ ٺاهڻ ۾ ناڪام رهي آهي.

اسان کي خبر آهي ته ماضي ۾  مولانا فضل الرحمان ڪيترن ئي سياسي اتحادَن جو حصو رهي چڪو آهي. ڪڏهن هو حڪومت سان گڏ رهيو ته ڪڏهن وري حڪومت خلاف رهيو آهي. اُن ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته مولانا جي سياسي نگاهه تمام وسيع آهي. هو بخوبي ڄاڻي ٿو ته سياسي آکاڙي ۾ راند ڪيئن کيڏي ويندي آهي. جيڪڏهن ايندڙ چونڊن ۾ جي يو آءِ (ف) ڪجهه وڌيڪ سيٽون کٽڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿي يا پيپلز پارٽي جي ووٽ بئنڪ ۾ ٿورو به اثر وجهي ٿي ته اها جماعت قومي سطح تي وڌيڪ طاقتور ٿي پنهنجا مطالبا مڃائڻ ۾ ضرور ڪامياب ٿيندي.

ٻئي پاسي پيپلزپارٽي به صورتحال کي سنجيدگيءَ سان ڏسي رهي آهي. پارٽي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته سنڌ جو عوام اڃان تائين ڀٽو خاندان تي اعتماد رکي ٿو ۽ مخالف ڌر وٽ ڪو واضح متبادل موجود ناهي. جڏهن ته اسان کي خبر آهي ته  سياسي حقيقت اها به آهي ته پ پ جي ڊگهي حڪمراني  عوام ۾ بيزاري پيدا ڪري  ڇڏي آهي، جنهن جو فائدو  ضرور مخالف سياسي قوتن کي ٿي سگهي ٿو.

سنڌ جي سياست ۾ ڪڏهن قومپرست تحريڪون زور وٺنديون آهن ته ڪڏهن مذهبي قوتون اڀرنديون آهن ته ڪڏهن اسٽيبلشمينٽ جي حمايت سان نوان سياسي تجربا ٿيندا آهن. اهڙي ماحول ۾ مولانا فضل الرحمان جو 6 ڏينهن وارو دورو صرف هڪ مذهبي يا تنظيمي سرگرمي نه، پر ايندڙ سياسي موسم ۾ تبديليءَ جو اشارو ٿي سگهي ٿو. سوال اهو آهي ته ڇا جي يو آءِ (ف) واقعي سنڌ ۾ پيپلز پارٽي لاءِ وڏو چئلينج بڻجي سگهندي؟ ڇا واپاري، مذهبي ۽ ناراض سياسي حلقا گڏجي ڪو نئون اتحاد ٺاهيندا؟ ڇا مولانا “آئين بچائڻ” جو نعرو ڏئي اپوزيشن کي ٻيهر گڏ ڪرڻ ۾  ڪامياب ٿيندو؟ يا پوءِ هي دورو صرف سياسي دٻاءُ وڌائڻ ۽ مستقبل جي سوديبازيءَ لاءِ طاقت ڏيکارڻ تائين محدود رهندو؟ انهن سوالن جا جواب ممڪن آهي ته جلد واضح ٿي وڃن، پر ايترو ضرور آهي ته مولانا فضل الرحمان جي هن دوري سان سنڌ جي سياسي ماحول ۾ هڪ نئين سياسي چرپر پيدا ٿي آهي. ڏٺو وڃي ته سنڌ جي سياست هاڻ صرف روايتي چونڊ مهم تائين محدود نظر نه پئي اچي، پر آئين، اسٽيبلشمينٽ، معاشي بحران، امن امان ۽ سياسي اتحادَن جي وڏي جنگ ڏانهن وڌندي محسوس ٿي رهي آهي. پيپلزپارٽي لاءِ اهو هڪ واضح پيغام آهي ته سنڌ جي سياست هاڻي اڳ وانگر هڪ طرفي نه رهي آهي. جيڪڏهن پ پ اڃان به عوام لاءِ نه سوچيو ته پوءِ سياست جِي ميدان ۾ پ پ تنها رهجي ويندي.