اڄ ڏينهن جو ڏيڍ بجي، پوٽو سُهان ماءُ پي ساڻ مجلس مان ٿي گهر آيو ۽ مونکي اچي چيائين بابا امان گُم ٿي وئي آهي. اڙي بابا ڪيئن امان گُم ٿي وئي، چيائين ها بابا امان وڃائجي وئي آهي. هُن جي پٺيان سارنگ ۽ سورٺ به داخل ٿيا ته چيائون ته امان واقعي جماعت خاني جي مجلس ۾ ڪونه هُئي. حالانڪه رضيه صبح جو ڏهين بجي پنهنجي پيءُ چاچا غلام علي سان گڏ گهر مان نڪتي هئي، رضيه کي جماعت خاني جي مجلس ۾ وڃڻو هو ۽ چاچا تلهار روانو ٿيو هو. بهرحال سارنگ جيما کان پڇيو ته اُن پڻ چيو ته امان جماعت خاني ۾ ڪونه هئي، هنن سوچيو ته امان شهر واري جماعت خاني ته ڪونه هلي وئي آهي. جيما چيو شهر جي جماعت خاني ۾ مجلس ڪونه ٿيندي آهي. بلڪه شهر وارا به هتي ڪالوني ۾ مجلس اٽينڊ ڪندا آهن. هاڻ اسانجي تشويش وڌي وئي. سُهان چوي امان گم ٿي وئي آهي. مون تلهار فون ڪري چاچا کان پڇيو ته اُن چيو رضيه شهر واري جماعت خاني وئي آهي، هن ٻڌايو ته اسان جماعت خاني وٽ پهتاسين ته سينئر سٽيزن جي بس تيار هئي شهر جي جماعت خاني ۾، سينئر سٽيزن جو پنهنجو پروگرام هو، جنهن ۾ ڪراچي ۽ ٻين شهرن جا سينئر ماڻهو به آيا هئا. خير سان سارنگ ڪار کڻي شهر ويو، اُتي پهچي ٻڌايو ته ها هتي پروگرام آهي ۽ امان به هتي موجود آهي، مون سان فون تي ڳالهايائين ته مون چيومانس ته ڀاڳن ڀري تون ته مجلس ۾ وڃڻ لاءِ نڪتي هئين، هي سينئر سٽيزن ڏانهن ڪيڏانهن هلي وئين ۽ وري ٻڌايو به ڪونه. رضيه چيو: ها، ان جو مونکي فڪر هو، پر مون سوچيو هڪ ڏيڍ بجي تائين واپس اچي ويندس، پر هتي ته وڏو پروگرام هو آخر ۾ ٻپهري ماني به هئي، سو دير ٿي وئي، چلو مون چيو خير ٿيو. رضيه کي سارنگ وٺي جڏهن گهر آيو ته سُهان چيو امان توهان ڪٿي گم ٿي ويا هئا، اسان پريشان ٿي وياسين.
***
29 جولاءِ، 2016
اڄ رضيه هڪ پراڻو بند ٿيل ڪٻٽ کوليو ته اُن مان منهنجون پراڻيون ڊائريون، ڪاپيون ۽ ڪاغذ نڪتا. 90 جي ڏهائي ۾ لکيل ڊائريون ۽ ڪئي قسم جون لکڻيون لڌيون آهن. ڪجهه ڪاغذن تي شاعري به ملي آهي، جن ۾ ڪجهه ٽي سٽا ۽ بيت به آهن. مثلن هي ٽيڙو نوي جي ڏهاڪي جا آهن.
صدي جو آخري ڏهاڪو،
دنيا تيز ترقيءَ ڏانهن،
اسان آهيون منتشر…
***
3 آگسٽ 2016
سنڌ ۾ ٻڌ ڌرم هڪ هزار سال هليو. ٻڌ جي تعليم کي اڳيان کڻي هلندڙ گرو گورک ناٿ، ناٿ پنٿي تحريڪ شروع ڪئي، جيڪا سڄي هندستان ۾ ڦهلجي وئي. ٻڌمت سنڌ، هند، بنگال وغيره ۾ ڦهلجي ويو.
***
7 آڪٽوبر، 2016
اڄ بيحد خوشي ٿي، جڏهن سنڌ ۽ پاڪستان جي ڀلي جنرلسٽ، سنڌي ۽ اردو جي مشهور ليکڪ محترم اعجاز منگي صاحب فون ڪئي ۽ منهنجي ڪتاب جي تعريف ڪندي چيو، ادا غلام علي، ڪتاب اُهو ڀلو جيڪو ماڻهوءَ کي زوري سڄو پڙهڻ تي مجبور ڪري ڇڏي. ماڻهو کي چوي ته مونکي پڙهه. ڪتاب اڌ ۾ نه ڇڏي سگهي، اُهو ڪتاب ڪامياب چئبو. منگي صاحب چيو ادا توهان ڪتاب سٺو لکيو آهي، پر ان جو ٻيو حصو به لکو. ڇاڪاڻ ته ڪتاب پڙهڻ کانپوءِ تشنگي رهجيو وڃي. دل چوي اڃان به ڪجهه پڙهجي، ان لاءِ توهان هن ڪتاب جو ٻيو حصو ضرور لکو. مون چيو حاضر سائين انشاءَالله لکنداسين. مون سندن شڪريو ادا ڪيو. ڪيڏي خوشي ٿيندي آهي، جڏهن ڪير پنهنجي تخليق جي تعريف ڪندو آهي. منهنجي ڪتاب کي اڃا مهينو به ڪونه ٿيو آهي، ڪجهه هتي ۽ ڪجهه پوسٽ ڪري، اٽڪل 25 يا 30 ماڻهن کي ڪاپيون ڏنيون آهن. انهن مان جن به پڙهيو آهي، ان تعريف ڪئي آهي، اسانجو بزرگ سنڌ جو دانشور عالم، محترم غلام علي الانه صاحب جن به ڪتاب جي تعريف ڪئي ته مونکي ڏاڍي خوشي ٿي. اهڙي طرح سڀني دوستن ڪتاب کي بهترين چيو آهي. اڃا ته هي ڪتاب مارڪيٽ ۾ نه آيو آهي ۽ انهيءَ جي مهورت به نه ٿي آهي، جيڪا انشاءَالله نومبر ۾ ڪرائڻ جو پروگرام آهي. ڪتاب جي مشهوري پوءِ ٿيندي ۽ مارڪيٽ ۾ ڪتاب رکنداسين.
ڪتاب جي سٺي موٽ، منهنجي همت وڌائي آهي، دل چوي پئي ٻيو حصو به لکان. انشاءَالله.