سعودي ۾ منشيات اسمگلنگ تي پاڪستاني شهري جي سسي ڌڙ کان ڌار
سعودي عرب ۾ منشيات اسمگلنگ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي هڪ پاڪستاني کي موت جي سزا ڏني وئي. سعودي ويب سائيٽ موجب پاڪستاني شهري گلزار خان پٽ منت خان کي هيروئن جي اسمگلنگ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو هو. عدالت ۾ ٻڌڻي دوران گلزار خان تي اسمگلنگ جو ڏوهه ثابت ٿيو، جنهن تي کيس موت جي سزا ٻڌائي وئي، سومر 14 نومبر تي گلزار خان جي موت جي سزا تي عمل ڪيو ويو. ان کانسواءِ پابندي پيل نشي آور گوريون درآمد ۽ وصول ڪرڻ تي عبدالرحيم حميدي الجوهر نالي شامي شهري جي به سسي ڌڙ کان ڌار ڪئي وئي. واضح رهي ته 10 نومبر تي به ٻن پاڪستانين کي منشيات اسمگلنگ جي ئي الزام ۾ موت جي سزا ڏني وئي آهي.