دبئي جي هڪ ڪاروباري شخص عمر فاروق اظهر، عمران خان جي تحفن جي خريداري جي دعويٰ ڪئي آهي

اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي سعودي ولي عهد محمد بن سلمان طرفان ملندڙ قيمتي گهڙي ۽ ٻين تحفن جو خريدار سامهون اچي ويو. دبئي جي ڪاروباري شخصيت جو چوڻ آهي ته هن اها گهڙي دبئي ۾ فرح گوگي ذريعي کپائي، جيڪا ٻه ملين ڊالرن ۾ هن خريد ڪئي. عمر فاروق اظهر جو چوڻ آهي ته ساڻس شهزاد اڪبر رابطو ڪيو ۽ فرح خان گهڙي کڻي آئي، سندس چوڻ موجب هن گهڙي ٺاهيندڙ ڪمپني کان تصديق ڪرائي ته هن جي قيمت 5 کان 6 ملين ڊالر ٻڌائي وئي، پر اها گهڙي ٻه ملين ڊالرن ۾ وڪي وئي. جنهن جي ڪيش پئمينٽ فرح گوگي کي ڪئي وئي. سندس چوڻ موجب فرح گوگي سندس آفيس آئي ۽ کيس گهڙي ۽ ٻيا تحفه ڏيکاريا. سندس چوڻ هو ته دبئي ۾ ساڍا 7 ملين درهم طور ڪيش ادا ڪئي وئي. ياد رهي ته اها گراف ڪمپني جي گهڙي هئي ۽ ان جي اها هڪ ئي گهڙي ٺاهي وئي، ڪعبي جو ايڊيشن هو.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments