سنڌ جي مٽي رڳو گل ۽ خاڪ جو مجموعو ناهي، اها اسان جي بقا جي ضامن، اسان جي مادي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ وسيلو ۽ اسان جي تاريخ جي وارث آهي. هيءَ اها مٽي آهي جنهن جي هنج ۾ لاڙڪاڻي کان بدين تائين جنهن تي لکين بکيا پيٽ پلجن ٿا، پر اڄ جڏهن مان رائس ڪئنال جي پڇڙي، ڳيريلي جي اڃايل پٽين، نصيرآباد جي سڪل شاخن ۽ بدين جي بنجر ٿيندڙ برپٽن تي نظر وجهان ٿو ته روح مان هڪ اهڙي دانهن نڪري ٿي جيڪا شايد آسمانن کي به لوڏي ڇڏي. ڇا اسان جي هيءَ سرسبز ڌرتي، جنهن کي اباڻن پنهنجي رت سان سيراب ڪيو هو، اڄ اسان جي اکين آڏو ريگستان بڻجي ويندي؟ ڳيريلي، قمبر ۽ شهدادڪوٽ جو اهو هاري، جيڪو پنهنجي اڃايل سارين جي فصل کي سڪندي ڏسي ٿو، ان جون اکيون پاڻي نه، پر رت جا لڙڪ روئن ٿيون. جڏهن پاڻي پڇڙيءَ تائين نٿو پهچي ته رڳو ٻوٽو نٿو سڪي، پر هڪ پورهيت جي لڱن جو ماس، سندس ٻارن جي تعليم جا خواب ۽ ايندڙ نسل جي اميدن جا ڏيئا پڻ اجهامي وڃن ٿا. بدين تائين پهچندي درياءَ جو دم ٽوڙڻ ۽ سمنڊ جي کاري پاڻيءَ جو ڌرتيءَ جي هنيانءَ ۾ خنجر وانگر لهي وڃڻ رڳو معاشي نقصان ناهي، پر هڪ مڪمل انساني ۽ تهذيبي الميو آهي.
هن بحران جا ٻه بنيادي ڪارڻ پاڻيءَ جي غير منصفاڻي ورڇ ۽ بااثرن پاران ڪيل بي رحم چوري آهن. جڏهن طاقتورن جا هٿ واٽر ڪورسن جي نڙي گهٽين ٿا ته شهدادڪوٽ ۽ بدين جهڙا پڇڙيءَ جا ضلعا پنهنجي حق جي ڦڙي ڦڙي لاءِ تڙپي مرن ٿا. اها ڪهڙي رياستي ۽ اخلاقي ناڪامي آهي جو هڪ هاري پاڻي نه هجڻ ڪري خودڪشي ڪري ٿو ۽ ٻئي طرف سياسي وڏيرن جا باغ وافر پاڻيءَ سبب سرسبز ٿي لهرائي رهيا آهن؟ ٻيو سبب اسان جو اڏوهي کاڌل آبپاشي نظام آهي. لاڙڪاڻي جي اها زرخيز زمين، جيڪا ڪڏهن خوشبوئن سان ٻهڪندي هئي، اڄ اڇي ڪلر جي چادر اوڍي پنهنجي موت جو انتظار ڪري رهي آهي. اسان جو هاري اڄ به ان قديم طريقي تي بيٺل آهي، جتي اڌ کان وڌيڪ پاڻي ضايع ٿي وڃي ٿو، جڏهن ته دنيا ڦڙي ڦڙي جو انتظام ڪري پاڻيءَ جو انتهائي ڌيان سان استعمال ڪري پاڻي مئنيجمينٽ تي ڪاميابيءَ سان ڪم ڪري رهي آهي.
وقت جي گهرج اها آهي ته هاڻي لڙڪ وهائڻ بدران انهن لڙڪن کي طاقت ۽ جديد علم ۾ تبديل ڪجي. جيڪڏهن اسان کي پنهنجي مٽيءَ جو قرض لاهڻو آهي ته هيٺين قدمن تي عمل ڪرڻو پوندو: 1. ڊرپ ايريگيشن ۽ ليزر ليولنگ هاڻي عياشي ناهي رهي، پر هاڻي وقت جون ٻه وڏيون ضرورتون آهن. اسان کي گهٽ پاڻي ۾ وڌيڪ پيداوار ڏيندڙ طريقا اختيار ڪرڻا پوندا. 2. آبپاشي کاتي کي سياسي مداخلت کان پاڪ ڪرڻو پوندو. رائس ڪئنال جي وهڪري کي پڇڙيءَ تائين سيٽلائيٽ ۽ ڊجيٽل سسٽم ذريعي مانيٽر ڪيو وڃي ته جيئن چورن جا هٿ روڪي سگهجن. ان کان علاوه آبادگارن کي اهڙا ٻج فراهم ڪيا وڃن جيڪي گهٽ پاڻي ۽ وڌندڙ گرمي کي برداشت ڪري سگهن. جيڪڏهن اڄ اسان نه جاڳياسين ته سنڌ جي نقشي تان ساوڪ جا نشان مٽجي ويندا ۽ اسان جو ايندڙ نسل اسان کان سوال ڪندو ته جڏهن ڌرتي پياسي هئي ته توهان خاموش ڇو هئا؟ هي سڏڪندڙ نسل اڄ اسان جي عمل جو منتظر آهي.