عام مشاهدي ۾ ٽي ماڻهو اچي سگهن ٿا جيڪي هر مهيني لڳ ڀڳ 40 هزارن کان 60 هزار رپيا ڪمائيندا هوندا يا انهن جي مهيني جي اپت وڌ ۾ وڌ اها هجي ٿي يا مشڪل سان هوندي. اها به حقيقت آهي ته هتي ماڻهن وٽ روزگار جي گَهڻِ ناهي ۽ نه ئي ٿي سگهي ٿي. جنهن سبب ماڻهن جي يوٽيلٽي بلن جي پورت نٿي ٿي سگهي يا اهي يوٽيلٽي جي بلن جي پورت ٿا ڪن ته انهن جي لاءِ کاڌي پيتيءَ جي سامان ۾ مشڪل ٿيو پئي. وري جي انهن جي پورت ٿا ڪن ته اسڪول جي في ماري ٿي وجهي يا وري بيماريون ۽ دوائون مشڪلاتن جا انبار کڻي ٿيون بيهن. ساڳي جاءِ ڳالھ وري ورجائجي ته ان پگهاردار وٽ بجلي جا بل 15 هزار، 20 هزار رپيا اچن ٿا جيڪا ڳالھ سمجھ کان بالاتر آهي ته آخر اهي ماڻهو جن وٽ ٻه پکا ۽ مشڪل سان 12 وولٽ وارا ٻه ايل اي ڊي بلب هجن ٿا سي سموري مهيني ۾ اي سي جيتري بجلي ڪيئن ساڙيندا هوندا؟ جيڪي بل سن 2000 واري ڏهاڪي ۾ 500 رپيا به نه ايندا هئا اهي ايترا چئوڻا ۽ پنجوڻا ڪيئن وڌي ويا يا ڪير آهي جيڪو رڳو 300 يونٽ ساڙيندو هوندو؟ سوال اهو به آهي ته جيڪي ماڻهو روزگار يا نوڪريون ڪن ٿا اهي ته هفتي جو هڪڙو ڏينهن گهر ۾ هوندا ۽ رات جو پکي هيٺان سمهي آرامي ٿيندا هوندا. مٿان وري لوڊشيڊنگ جو آزار. حساب هڻجي ته سڄي مهيني ۾ ڪيتري بجلي هوندي يا سڄي رات ۾ ڪيترا يونٽ سڙندا هوندا جو بل اي سي جي بلن وانگي ٿو اچي. اهو غريب ماڻهو جنهن وٽ بجلي جا سامان (هوم اپلاينسز) مشڪل سان ٽي چار هجن ٿا، اهي بجلي ڇا ساڙيندا هوندا. عام مشاهدو اهو به آهي ته شهرن ۾ ماڻهن کي لنڊي جا ڪپڙا پائي پنهنجي گيريج، دڪان، مانڊڻي، سبزيءَ جي دڪان، بس ڪنڊيڪٽري، رڪشا ڊرائيوري يا ڪنهن ٻئي پورهئي تي ويندا هوندا ته اهي ڪيتري بجلي ساڙيندا هوندا جو بجلي جو بل انڌي مچايون ويٺو آهي.