بلاگنئون

گهٽ اجرت وارا ماڻهو ۽ وڏا بجليءَ جا بل

عام مشاهدي ۾ ٽي ماڻهو اچي سگهن ٿا جيڪي هر مهيني لڳ ڀڳ 40 هزارن کان 60 هزار رپيا ڪمائيندا هوندا يا انهن جي مهيني جي اپت وڌ ۾ وڌ اها هجي ٿي يا مشڪل سان هوندي. اها به حقيقت آهي ته هتي ماڻهن وٽ روزگار جي گَهڻِ ناهي ۽ نه ئي ٿي سگهي ٿي. جنهن سبب ماڻهن جي يوٽيلٽي بلن جي پورت نٿي ٿي سگهي يا اهي يوٽيلٽي جي بلن جي پورت ٿا ڪن ته انهن جي لاءِ کاڌي پيتيءَ جي سامان ۾ مشڪل ٿيو پئي. وري جي انهن جي پورت ٿا ڪن ته اسڪول جي في ماري ٿي وجهي يا وري بيماريون ۽ دوائون مشڪلاتن جا انبار کڻي ٿيون بيهن. ساڳي جاءِ ڳالھ وري ورجائجي ته ان پگهاردار وٽ بجلي جا بل 15 هزار، 20 هزار رپيا اچن ٿا جيڪا ڳالھ سمجھ کان بالاتر آهي ته آخر اهي ماڻهو جن وٽ ٻه پکا ۽ مشڪل سان 12 وولٽ وارا ٻه ايل اي ڊي بلب هجن ٿا سي سموري مهيني ۾ اي سي جيتري بجلي ڪيئن ساڙيندا هوندا؟ جيڪي بل سن 2000 واري ڏهاڪي ۾ 500 رپيا به نه ايندا هئا اهي ايترا چئوڻا ۽ پنجوڻا ڪيئن وڌي ويا يا ڪير آهي جيڪو رڳو 300 يونٽ ساڙيندو هوندو؟ سوال اهو به آهي ته جيڪي ماڻهو روزگار يا نوڪريون ڪن ٿا اهي ته هفتي جو هڪڙو ڏينهن گهر ۾ هوندا ۽ رات جو پکي هيٺان سمهي آرامي ٿيندا هوندا. مٿان وري لوڊشيڊنگ جو آزار. حساب هڻجي ته سڄي مهيني ۾ ڪيتري بجلي هوندي يا سڄي رات ۾ ڪيترا يونٽ سڙندا هوندا جو بل اي سي جي بلن وانگي ٿو اچي. اهو غريب ماڻهو جنهن وٽ بجلي جا سامان (هوم اپلاينسز) مشڪل سان ٽي چار هجن ٿا، اهي بجلي ڇا ساڙيندا هوندا. عام مشاهدو اهو به آهي ته شهرن ۾ ماڻهن کي لنڊي جا ڪپڙا پائي پنهنجي گيريج، دڪان، مانڊڻي، سبزيءَ جي دڪان، بس ڪنڊيڪٽري، رڪشا ڊرائيوري يا ڪنهن ٻئي پورهئي تي ويندا هوندا ته اهي ڪيتري بجلي ساڙيندا هوندا جو بجلي جو بل انڌي مچايون ويٺو آهي.
ان مشاهدي کانسواءِ ٻيا به ڪيترائي ماڻهو هوندا جن کي هڪ جهڙي مصيبت کي منهن ڏيڻو پوندو هوندو. مختلف ڪمپنين ۽ ادارن جي مشاهدي مان اها سُڌ پئي ته ملازمن کي اجرت گهٽ ۾ گهٽ 37 هزار رپيا ملي پئي يا ڪٿي ڪٿي رڳو 32 هزار به آهي. سندن ڪمپنيون کين اها رقم يا مقرر پگهار به وقت تي ادا نٿيون ڪن ۽ اهي ڪنهن به شڪايت ڪرڻ کان ڊڄندا آهن، جيئن اهي پنهنجون نوڪريون بچائي سگهن ۽ جيتوڻيڪ اهي استحصال جو شڪار به آهن. جاب سيڪيورٽي نه هجڻ جي ڪري انهن کي هڪ اڻڃاتل خوف به رهي ٿو ته متان اهي سيٺيون نوڪري مان ڪڍي نه ڇڏين. ان ڪري دير سوير پگهار ملي پوندي، پر اهي پنهنجون نوڪريون وڃائڻ جي متحمل نٿا ٿي سگهن. اهڙين ڪمپنين ۾ ڪيترائي ماڻهو جن جي ڪم کان عام ماڻهو به واقف آهي. انهن جي انتظاميا ۽ ڊپارٽمينٽ کان به پڇيو ويو آهي ته ڇا اهي هفتي ۾ ڪجھ ڏينهن گهر کان آن لائين ٿي ڪم ڪري سگهن ٿا؟ ڇو ته آفيس اچڻ وڃڻ ۽ اتي ڪم ڪرڻ جا خرچ وڌي ويا آهن ۽ ڪجھ ادارا ٽرانسپورٽ مهيا به نٿا ڪن. پاڪستاني سيٺيا ادارا ۽ ڪمپنيون اڃان تائين اهڙي پريڪٽس ۾ ناهن آيا، ملازم گهرن کان ڪم ڪرڻ جي سهولت لاءِ آتا ته آهن، پر سندن ڪمپنيون اهڙي سهولت ڏيڻ کان نابري واري ويهن ٿيون.
اڪثر گهرن جي سيڌي سامان جو بل ڪافي وڌي چڪو آهي. هڪ ماڻهو جيڪو اپر ڪلاس جو هجي ٿو، ان جي آمدني گهڻي هجي ٿي، انهن جو به ماهوار بل گذريل ٻن سالن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 50-60 سيڪڙو وڌي چڪو آهي. اهي به هاڻي خرچن کي گهٽ ڪرڻ جو سوچين پيا، ڇو ته قيمتون نسبتن معيار کان گهڻيون وڌي ويون آهن، ان ڪري اهي هاڻي ڪفايت شعاري ڪرڻ لڳا آهن، پر اپر ڪلاس معياري شين بابت پريشان آهي، ڇو ته گذريل ڪجھ سالن کان مهانگائي لڳاتار گھڻي وڌي وئي آھي ۽ ساڳي جاءِ تي گهر جو سيڌو سامان ۽ بل گذريل سال کان 20 سيڪڙو وڌي ويا آهن. انهن ماڻهن وٽ اپر ڪلاس هوندي به آمدنيءَ جا سڀ نچوڙ آهن، پر وڏي پيماني تي غريب ماڻهن لاءِ به اهو انتهائي ڏکيو ۽ معاشي بدحالي وارو عمل آهي ته جي وڏي ڪلاس جي ماڻهن جو اهو حال آهي ته هيٺئين طبقي جي ماڻهن جو حال ڇا هوندو؟ ڇو ته مهانگائي ته روز ٿي وڌي، پر پگهار ته سال ۾ هڪ دفعو ٿي وڌي. اهي غريب طبقا پنهنجي پورت ڪيئن ڪندا هوندا. عام صورتحال اها به آهي ته پهرين اوندھ کان ڊڄ ٿيندو هو هاڻي روشنيءَ کان خوف ٿو ٿئي ته متان بجليءَ جو بل وڌي وڃي. ان ڪري گهر ۾ لڳل بجليءَ وارين شين کي هر هر ڏسجي ٿو ته ڪٿي اهي بلب ٻريل ته ناهن يا جنهن ڪمري مان نڪرجي ته اي سي، پکو، بلب ۽ ٻيون شيون وسائي نڪرجي يا هاڻي هڪ ڪمري ۾ ڪمبائينڊ ٿي رهجي. ڇو ته بجليءَ جي بلن ماڻهن کي آزاري ڇڏيو آهي. ماڻهن جي پگهار مهانگائيءَ جي شرح سان جي وڌي ته ڏک ناهي پر مهانگائي روز صبح اٿڻ سان وڌي ٿي وڃي، پر پگهار سموري سال ۾ سو به سورن سان ٿي وڌي ته انهن ٻنهي جي وچ ۾ توازن ڪيئن پيدا ڪجي يا ڪري سگهجي؟
ٽيڪس جي واڌاري به پگهاردار ماڻهن جي چيلھ چٻي ڪري ڇڏي آهي، ڪٿي پگهار ۽ ڪٿي ٽيڪس؟ مثال ڪنهن به ملازم کي جيڪڏهن ادارو پگهار جو چيڪ ڏئي ٿو ته اهو به ٽيڪس ڪٽي ٿو ڏئي. وري ملازم جيڪڏهن اهو چيڪ ڪيش ڪرائڻ جي لاءِ ڪنهن بينڪ ۾ جمع ڪرائي ٿو ته ان جي ان چيڪ تي بينڪ الڳ سروس چارجز ڪٽي ٿي وڃي. جو ڪڏهن اي ٽي ايم جي بهاني، ڪڏهن سروس چارجز جي بهاني، ڪڏهن گهربل رقم گهٽ هجڻ جي بهاني، ڪڏهن چيڪ بڪ جي بهاني، ڪڏهن سرڪاري ٽيڪس جي بهاني ته ڪڏهن الائي جي ڇا ڇا؟ ته پوءِ غريب ماڻهو وري جڏهن اهي 30 يا 32 هزار وٺي وري جڏهن گهر جو سيڌو سامان، بجلي ۽ گيس جا بل ڀري، ٻارن جي اسڪول جي فيهن کي منهن ڏئي، دوا درمل وٺي، ڪرايا ڀاڙا ڀري ته انهن سڀني شين تي وري الڳ ٽيڪس ڀري. پر ٿيڻ ائين کپي ته جيڪو ملازم انڪم ٽيڪس جي مد ۾ پيسا ڪٽرائي شرافت سان باقي پيسا گهر کڻي ٿو اچي ته ان کان ڪا به ٽيڪس به وٺن ۽ ان کي ادارو ٽيڪس پيارڻ جو سرٽيفڪيٽ ڏئي ته ان کان ڪو به دوڪاندار ڪا به ٽيڪس اوڳاڙيندو. باقي جيڪو پگهاردار ناهي، جيڪو پنهنجي ڪمائيءَ مان ٽڪو به نه ٿو ڪٽرائي ته سرڪار ۽ رياست ان کان الڳ پيسا اوڳاڙي.
بجليءَ جي يونٽن ۾ نون ليگ ڀلي ٻه اکيائي ڪري ۽ پنجاب کي الڳ سمجهي (ائين پي ٽي آءِ به ڪندي هئي ته صحت ڪارڊ رڳو ڪي پي ۽ پنجاب جا باقي ملڪ هنن جو نه هيو ساڳي ڳالھ نون ليگ به ڪري وئي) ۽ باقي ٻين صوبن کي ويڳو ڀاءُ سمجهي ته پئي سمجهي. پر ڳالھ چوڻ جي اها به آهي ته رياست يونٽن جي مهانگي هجڻ جي ڪري يونٽن جو ”سليب“ وڌائي معني 300 کان وڌائي 600 تائين کڻي اچي (ان ڪري ته بجليءَ جا ميٽر تيز ٿا ڊوڙن). جيڪي امير طبقا آهن انهن وٽ آمدني گهڻي هجي ٿي، انهن جون پگهارون لکين روپيا هجن ٿيون، پر غريب طبقي جي گهر جا سڀ ڀاتي گڏجي به لک نه ٿا ڪمائي سگهن. ٻيو ته غريب ماڻهن جي گهرن ۾ عورتون نوڪري ڪن ئي نه ٿيون، هڪ ويچارو غريب ماڻهو پويان اٺ ٻار ۽ سڀ ملائي ڏھ ٻارنهن گهر جا ڀاتي ته اهو رياست کي ٽيڪس ڏئي يا آڪنهن ڀاتين جي پالي؟
حڪومت اها ڳالھ به سوچي ته 26 ملين ٻار جيڪي 16 سالن تائين آهن اهي اسڪولن کان ٻاهر آهن، ان جو سبب شايد اهو آهي ته اهي ٻار ”ليبر ورڪر“ طور ڪم ڪندا هوندا (يا پڪ سان آهن) وڏن شهرن ۾ ڪٿي اهي افغاني ٻار جيڪي سڄو ڏينهن ڪلهي تي پاچڪو ۽ ڳوڻ رکي ڪچرو ميڙيندا ٿا وتن. ڪي ٻار هوٽلن ۽ گيراجن تي ”ڇوٽو“ بڻجي ڪم ڪندا هوندا ته ڪي ٻار پنهنجي والدين سان سڄو ڏينهن پنڻ ۽ فقيري پائي زندگي جو گاڏو گيڙيندا هوندا. اهڙي سوسائٽي ۾ جتي غريب ڏينهون ڏينهن غريب تر آهي، ان تي رياست ڪهڙي ٽيڪس ٿي هڻي، جو جيڪي پاڻ پنن ٿا انهن کان رياست ڇا پنندي ۽ ڇو پني؟ يا سوال اهو به آهي ته رياست ڪنهن ٻي مدِ ۾ انهن اميرن کان ٽيڪس جي بهاني پيسا روڙي ته ڳالھ سمجھ ۾ به اچي ٿي. باقي غريب جي هڙ ۾ ٽڪو آنو به ناهي ته اهي رياست جا ڀڀ ڇا ڀريندا؟ انهن غريبن وٽ ويلي ماني کائڻ جا پيسا نه ٿا بچن، جو اهي جيترو ڪمائي ٿا اچن اوترو خرچ به پورو نه ٿا ڪري سگهن. ان ڪري ته هن رياست ۾ هاڻي هوا ۽ پاڻي به پيسن تي ٿي ويو آهي، ته غريب جو گذارو ڪيئن ممڪن ٿئي. ان ڪري رياست معاشري کي رڳو ٻن ڪلاسن ۾ ورهائي هڪ ته وڏو ڪلاس جيڪي لک کان مٿي ٿو ڪمائي ۽ جيڪي لک کان گهٽ ڪمائن ٿا. اهي ماڻهو جيڪي غريب علائقن ۾ رهن ٿا جن وٽ بجلي، پاڻي، روڊ، رستا، تعليم، صحت ۽ سيڪيورٽي الله جي آسري هوندي آهي، انهن وٽ ايسيون ۽ وڏيون گاڏيون نه ٿيون هجن. انهن جا ٻار جي پڙهندا به هوندا ته انهن ٿڪل ۽ بيڪار سرڪاري اسڪولن ۾، ته انهن کان حڪومت پني گهني ٽيڪس ڇو وٺي؟ ان ڪري رياست انهن ٽيڪس جي ڄارن ۽ بجلي جي بلن تي نظر ثاني ڪري.