بلاگنئون

موهن جي دڙي جهڙو مثالي ڳوٺ (سفر نامو حصو ٻيون)

گهٽين ۽ رستن تي هلندي اُها ٻه ماڙ بلڊنگ به ڏٺيسين جنهن ۾ هيٺ سيڪيورٽي گارڊن جي رهائش آهي ۽ ان جي اندران گولائي ۾ ٺاهيل لوهي ڏاڪڻ چڙهندي واچ ٽاور تي پهچي وڃجي ٿو. سڄي ڳوٺ جي نگھباني (حفاظت) لاءِ چار واچ ٽاور (مورچا) ٺھيل آھن، جن تي 24 ڪلاڪ پھريدار (سيڪيورٽي گارڊ) موجود ھجن ٿا، جيئن ڳوٺ جا ماڻھو پُر امن ماحول ۾ بنا ڪنھن خوف خطري جي پنھنجو روزمرھ جو ڪرت (ڪم ڪار) ڪري سگھن ۽ رات جو سڪون جي ننڍ سمھي سگھن. ڳوٺ جي سيڪيورٽي لاءِ تعينات سيڪيورٽي جي محافظن (گارڊن) جي پگھار تي ساليانو 21 لک 60 ھزار رپيا خرچ ٿين ٿا. واچ ٽاور جي ڇت تان ڳوٺ جي چوگرد ساوا ساوا کيت ۽ وڻ ٽڻ نظر اچن ٿا جن کي ڏسندي اکيون ٿڌيون ٿين ٿيون ۽ فطرتي سونهن انساني روح ۾ لهي ابدي رشتو جوڙيو ڇڏي. کُلي آبهوا ۽ کُلئي ماحول ۾ جڏهن اهڙو صاف سٿرو ڳوٺ ڏسڻ لاءِ ملي، ته اُتي لازمي آهي ته انسان جي آئندي بابت سوال به ذهن ۾ اُڀري ئي اُڀري. ظاهر آهي انسان جي آئندي مان مراد اسان جو ايندڙ يا نئون نسل ئي آهي ۽ اُن جو آئندو تڏهن ئي ٺهي سگهي ٿو، جڏهن ان کي بهتر تعليمي ماحول، رهائش ۽ ٻيون روز مره زندگيءَ جون سهولتون مهيا ڪجن. تنهنڪري هاڻ منهنجو کانئس (شفاعت نظاماڻي) کان اِهو سوال هو ته، ”هتي ٻارن جي تعليم لاءِ ڪهڙو انتظام ڪيل آهي؟“ هُن ٻڌايو ته، ”هِتي ڳوٺ ۾ سرڪاري، پرائمري مڊل ۽ هاءِ اسڪول موجود آهي. پرائمري اسڪول ۾ ڳوٺ وارن جي سهڪار سان ٺاهيل شاندار ڪمپيوٽر ليب جھڙي ٻيِ ڪا ليب ڪنهن ٺيڪ ٺاڪ سرڪاري اداري ۾ به شايد ئي هجي. اِنهن سرڪاري اسڪولن ۾ عملي توڙي فرنيچر ۽ ٻئي ضروري سامان جي کوٽ جو پورائو ڳوٺ وارا پنهنجي هڙان وڙان ڪن ٿا. نه صرف اهو پر اسڪول جي تعليمي نظام جي نگراني به ڪن ٿا، جيئن بهتر تعليمي ماحول ۾ ٻار تعليم حاصل ڪري سگهن. ڳوٺ وارن جو ساڳيو سهڪار هتي جي سرڪاري اسپتال سان به آهي. هتي نه صرف عملي ۽ دوائن جي کوٽ ٿيڻ نٿي ڏني وڃي، پر ڳوٺ وارن طرفان اسپتال لاءِ مفت ايمبولينس سروس جو به انتظام ڪيل آهي. ان کانسواءِ جيڪڏهن ڪنهن غريب ماڻهو جو هِتي علاج ممڪن ناهي ۽ اُهو ٻاهرين اسپتالن جو خرچ ڀري نٿو سگهي ته ان جي علاج لاءِ ڪميونٽي پاران کيس مدد ڪئي ويندي آهي.“ مون کي هِن ڳوٺ ۾ صفائي سٿرائي ۽ سهوليتون ڏسي حيرت ٿئي ٿي. حيرت انهيءَ ڪري ٿئي ٿي جو هونئن ته ملڪ جي هر وسنديءَ ۾ بلدياتي ادارا به آهن ته تعليم، صحت توڙي ٻي ترقيءَ لاءِ کوڙ ساري بجيٽ به آهي، پر پوءِ به اُنھن ۾ ڀڀڙ ڀينگ لڳي پئي آھي ۽ هِتي اُن جي ابتڙ هر سهولت جيڪا هڪ وسندي ۾ هئڻ گهرجي سا موجود آهي. مون شفاعت نظاماڻي کان سوال ڪيو ته، ”هي ڀلا هيڏي وڏي ڳوٺ جي صفائي سٿرائي جو انتظام رکيل آهي ۽ ڳوٺ جي سيڪيورٽي لاءِ گارڊ به رکيل آهن ۽ اُن کانسواءِ ڳوٺ ۾ روڊ رستا، مرمت جو ڪم ۽ ٻيا مختلف ترقياتي ڪم ڪرائيندا رهو ٿا، ان لاءِ فنڊنگ جو ڪهڙو ذريعو آهي؟“ هُن ٻڌايو ته، “ڳوٺ جي ڀلائيءَ لاءِ هڪڙي ڪاميٽي (بورڊ) ٺهيل آهي جيڪا سڄي ڳوٺ جي انتظامي توڙي ترقياتي ڪمن جي پلاننگ ۽ نگهباني ڪري ٿي. رهيو سوال خرچن جي پورائي لاءِ فنڊنگ جو، ته هي ڪم سڄو رضاڪارانه بنيادن تي ٿئي ٿو. هن سڄي سسٽم کي هلائڻ ۽ سنڀالڻ (Maintenance) لاءِ ڪابه ماهوار مقرر في نٿي ورتي وڃي. جنهن کان جيترو پڄي ٿو رضاڪارانه خوشي خوشي ڳوٺ جي ڀلائي ۽ بهتري لاءِ ڏئي ٿو.“
مون کانئس ٻيهر پڇي ورتو ته، ”هن قسم جو مثالي ڳوٺ ڪم از ڪم مون کي ته سڄي سنڌ ۾ ڪٿي بہ نظر ڪون ٿو اچي، آخر ڪو ته هوندو جنهن جي ڪاوش سان هي سپنو ساڀيان ٿيو هوندو؟“ شفاعت نظاماڻي ٻڌايو ته، ”ان جو سڄو سَھرو (credit) هِن ڳوٺ جي مشهور زميندار امداد علي نظاماڻي ڏانهن وڃي ٿو. هُو جڏهن پرڏيهه مان پڙهي ۽ گهمي ڦري آيو ته هُن جي ذهن ۾ خيال آيو ته، آخر اسان ڇو پرڏيهه جي ڳوٺن جهڙو انفرااسٽرڪچر ٺاهي پنهنجن ڳوٺن کي مثالي نٿا بڻائي سگهون، جنھن ۾ سڀ بنيادي سھوليتون موجود ھُجن؟ بس ڳالهه سچائي ۽ ايمانداريءَ جي آهي. شروع شروع ۾ هيِ اڪيلو ئي فرد هو، جنهن جي سوچ، جذبو ۽ ڪاوش هئي ۽ پوءِ هُن جڏهن پنهنجي ڳوٺ کي مثالي بنائڻ جي پلان تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ته پوءِ ڪئين ماڻهو ان نيڪ ڪم ۾ سندس ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺا ۽ هيِ مثالي ڳوٺ 2009ع ۾ رٿابندي تحت بنجي چڪو، جنهن ۾ اُن وقت کان وٺي هِن وقت تائين ماڻهن جي ڀلائي ۽ ترقياتي ڪمن جو سلسلو روان دوان آهي.“
چوندا آهن ته همتِ مردان مددِ خدا. مون کي افسوس ته اِن ڳالهه تي ٿئي ٿو ته، جي هڪ فرد چاهي ته پنهنجي ٻل ۽ محدود وسيلن جي باوجود ايترو ڪم ڪري سگهي ٿو ۽ پنهنجي ڳوٺ کي گل و گلزار بڻائي سگهي ٿو، ته پوءِ رياست جنهن وٽ تمام گهڻا وسيلا به آهن، اهو ڪم ڇو نٿي ڪري سگهي؟ ۽ ماڻهن لاءِ بنيادي سهوليتن ۽ فيضلت ڀريئي ۽ صاف سٿري ماحول واريون وستيون ۽ واهڻ ڇو نٿي اڏي سگهي، جيڪو اُن جي رياستي ذميوارين ۾ به شامل آهي؟ بلڪل ائين ٿي سگهي ٿو، پر ڇا ڪجي جو خلوص ۽ ايمانداري اسان جي حڪمرانن ۾ ناياب آهي، يا ايئن کڻي چئجي ته انهن جي رت ۾ شامل ئي ناهي. اسان جا حڪمران ڪرپشن ۽ پنهنجي ڀڀ ڀرڻ کان واندا هجن ته نيڪ ڪمن تي ڌيان ڏين؟ ۽ ها- هُو ڌيان ڏين به ڇو جڏهن عوام انهن کي بنا پڇاڻي (احتساب) جي هر ڀيري ووٽ ڏيو اچي؟ دل ته گهڻو ئي چاهيو ته هِن ڳوٺ جي معمار امداد علي نظاماڻيءَ سان ملجي، پر هُن جي ڳوٺ کان ٻاهر هجڻ سبب اها خواهش اڌوري رهجي وئي.
ٽنڊو سومرو جي صفائي، سٿرائي، ڳوٺ جي رهواسين جي سماجي مسئلن توڙي ڳوٺ جي ترقي لاءِ هڪ بورڊ (مئنيجنگ ڪاميٽي) ٺهيل آهي. ٽنڊو سومرو ڳوٺ جا سيڪيورٽي ۽ قانوني (Law and Order) نوعيت جا ڪم رئيس امداد علي نظاماڻي سنڀاليندو آهي، جڏهن ته هِن ڳوٺ جي انتظامي امورن جي ڪاميٽين (Management Comities) جي سنڀال رئيس دلبر خان نظاماڻي جي حوالي آهي. هِن ڳوٺ جي مئنيجمينٽ ڪاميٽي (بورڊ) جو ھر سال بجيٽ اجلاس به ٿيندو آهي، جنهن ۾ گذريل سال جي ڪيل خرچن جا انگ اکر پيش ڪيا ويندا آهن ۽ نئين سال لاءِ ٿيندڙ خرچن ۽ ترقياتي ڪمن جا تفصيل پيش ڪيا ويندا آهن ۽ اجلاس کان باقاعدي منظوري ورتي ويندي آهي. هيِ بجيٽ اجلاس پاڻ واري ملڪ جي بجيٽ اجلاس کان اِنهيءَ ڪري مختلف هوندو آهي، جو اُن ۾ گذريل سال جي ڪرايل ترقياتي ڪمن جا انگ اکر گهڻي ڀاڱي ڪوڙا هوندا آهن ۽ نئين سال لاءِ پيش ڪيل منصوبن جو به رڳو ڪاغذن ۾ ذڪر هوندو آهي ۽ ان تي عمل ٿيڻ جو عوام کي يقين گهٽ ئي هوندو آهي، جو عوام کي حڪمرانن جي ماضيءَ جي ڪارڪردگي جي اڳي ئي ڀلي ڀت ڄاڻ آهي.
هِن مثالي ڳوٺ ۾ ٿيل ڪجهه ڪمن جو پاڻ اڳي ذڪر ڪري آيا آهيون، پر ان کان علاوہ سالياني بجيٽ ۾ ڳوٺ جي بهتري لاءِ ٻين بنيادي سھوليتن ۽ ترقياتي ڪمن لاءِ به فنڊ رکيو ويندو آهي، جن جو ڪجهه تفصيل هن ريت آهي: 1. هر مهيني ۾ ٻه ڀيرا مليريا کان بچاءُ لاءِ اسپري ڪرايو ويندو آهي، جنهن تي ساليانو 4 کان 5 لک رپيا خرچ ايندو آهي. 2. نالين جي مرمت، پرائمري ۽ سيڪنڊري اسڪول ۾ استادن جي کوٽ، سرڪاري اسپتالن ۾ دوائن جي کوٽ، لائبريري لاءِ ڪتابن جي خريداري، راند جي ميدانن جي سنڀال، فلٽر پلانٽ جي صفائي ۽ ٻين وقت سر پيدا ٿيندڙ مسئلن/ضرورتن لاءِ پڻ سالياني بجيٽ ۾ پئسا رکيا ويندا آهن.
2011ع ۾ جڏهن خطرناڪ بارشن سبب سنڌ جون وستيون واهڻ ٻڏي ويا هئا، تڏهن هِن ڳوٺ جي ماڻهن ڪنهن به سرڪاري سهائتا جو آسرو نه ڪيو ۽ پنهنجي مدد پاڻ ڪريو جي اصول تي 25 لک رپيا خرچ ڪري نه صرف چند ڏينهن ۾ پنهنجي ڳوٺ مان پاڻي ڪڍرايو، بلڪه آسپاس جي ڳوٺن مان به پاڻي نيڪال ڪرايو ۽ اهڙي طرح هيِ ڳوٺ گهڻي نقصان ۽ تباهه ڪاري کان بچي ويو. ساڳئي وقت قدرتي آفت جي وقت ۾ ڳوٺ جي غريب ماڻهن جي لاءِ مفت کاڌي پيتي، ڪپڙن لٽن ۽ دوائن جو به جوڳو انتظام ڪيو ويو. جتي هِن ڳوٺ جون گهٽيون ۽ روڊ رستا پڪا آهن ته اُتي هِن ڳوٺ جي انتظاميه ٽنڊوالهيار کان ٽنڊوآدم روڊ جي مرمت لاءِ 75 لک رپيا بہ خرچ ڪيا، جيئن ماڻهن کي سفر ۾ آساني ٿئي. ڳوٺ جي انتظاميه هِن ڳوٺ جي پرائمري اسڪول کي تمام بهترين ڪمپيوٽر ليب ۽ اسپتال کي هڪ ايمبولينس به مهيا ڪري ڏني آهي. هِن ڳوٺ ۾ منرل واٽر جھڙي صاف سٿري پاڻيءَ لاءِ جِتي فلٽر پلانٽ لڳايو ويو آهي ته اُتي نلڪا به لڳايا ويا آهن ته جيئن عام ماڻهو اُنھن مان فيض وٺي سگهي. هِن ڳوٺ ۾ هڪ لائبريري به آهي، جنهن جي لاڳت ۾ امداد علي نظاماڻي طرفان هڪ ڪروڙ 14 لک رپين جي مالي سهائتا به شامل آهي.
هِن ڳوٺ ۾ ماڻهن جي تفريح لاءِ جِتي هڪ پارڪ ٺاهيو ويو آهي ته اتي وري راند روند لاءِ ڪرڪيٽ ۽ فوٽ بال کيڏڻ لاءِ وڏن ۽ ٻارن لاءِ الڳ الڳ گرائونڊ به موجود آهن. …(هلندڙ)…