بلاگنئون

ڪار ساز جي شھيدن ۽ زخمي ڪارڪنن جي ياد ۾

پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻ محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي 8 سالن واري جلاوطني کي ختم ڪري جڏھن 18 آڪٽوبر 2007 تي پنھنجي ملڪ پاڪستان واپس آئي. ان لاءِ ھن سنڌ  جي جناح ايئرپورٽ ڪراچي ۾ پهچڻ کي اوليت ڏني.

محترمه جي آمد تي ملڪ ۾ خوشيءَ جي لهر ڇانئجي وئي. ڪارڪن جهومرين ۽ جيئي ڀٽو جي نعرن سان عظيم الشان استقبال ڪرڻ لاءِ ڪراچي ايئرپورٽ پهچي ويا. ان ڏينهن ڄڻ سمنڊ اٿلي پيو هو. ڀٽو خاندان جي وفادارن، ھمدردن، پيپلز پارٽي جي جيالن، رھنمائن، ڪارڪنن ۽ عھديدارن ڀرپور تاريخي شرڪت ڪري مٿانئس مڪمل اعتماد جو سَرِ عام اظهار ڪيو. محترمه کي جلوس ۾ آڻڻ لاءِ حفاظتي انتظامن واري خاص ٽرڪ تيار ڪرائي وئي. جنهن ۾ مکيه قيادت ساڻس سوار ھئي. بينظير صاحبه، پنهنجي مخصوص انداز سان جلوس ۾ شريڪ وفادارن کي خوشيءَ وچان آجيان جو جواب محبتي انداز سان ھٿ لوڏيندي ڏيندي اڳتي وڌي رھي ھئي. ھي لکن جي تعداد ۾ ھلندڙ جلوس جڏھن “ڪار ساز ڪراچي” واري ھنڌ پهتو ته دشمنن طرفان سندس مٿان پهريون بم ڌماڪو ڪيو ويو ان بعد ٻيو زوردار شديد ڌماڪو ٿيو جنهن ۾ رب سائين کيس ۽ سندس قيادت کي ته محفوظ رکي دشمنن جا ارادا خاڪ ۾ ملائي ڇڏيا.

جڏھن ته ھن پاڪستان دشمن وحشياڻي دھشتگرديءَ جي جلوس ۾ محترمه جي گاڏي جي چوگرد ھلندڙ ڪيترائي پ پ جا وفادار پروانا جن جي اڪثريت “غريب ڪارڪنن” جي ھئي ڪيترا نامعلوم رھيا ڇو جو بمن جي شدت سبب لاشن جي سڃاڻپ نه ٿي سگھي سي قربان ٿي ويا. ان وقت اونداھ انڌوڪار ڪئي وئي يزيديت پنهنجي نئين روپ ۾ ظلم ڪيو! رت، رستي تي وھڻ لڳو چچريل جسم ڦٿڪي ڦٿڪي ساھ ڏئي چڪا، ڪي لاش سڃاڻپ ۾ آيا ته ڪيترن جي سڃاڻپ ٿي نه سگهي. ڪراچي ۾ ھڪ قسم جو ڪھرام متل ٿي ڏٺو. آھ بقا ۽ دانهون ھيون ڀڄ ڀڄان ھئي زخمين کي جلد اسپتالن ڀيڙو ڪيو ويو. ھنن دانهن ۽ ڪوڪن واري عالم ۾ سڀني اها ڳالهه معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي ته “محترمه ڪٿي آھي…”؟ بي بي زنده ته آھي؟ ھن حملي ۾ محترمه ۽ سندس قيادت محفوظ رهي. جڏھن ته ھن دردناڪ واقعي ۾ اندازن 180 ڪارڪنن،  وفادارن ۽ ھمدردن جو جانيون ضايع ٿي ويون ته 500 کان مٿي پارٽي جا ورڪر ۽ ڀٽو خاندان سان عشق ڪندڙ زخمي ٿيا. سڃاڻپ نه ٿيندڙ ڪارڪنن کي شهيد ڀٽن جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.

18 آڪٽوبر 2024، جمعي جي ڏينهن ڪار ساز جي شھيدن کي ياد ڪرڻ لاءِ حيدرآباد ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ھڪ وڏي جلسي عام کي خطاب ڪندو. ان ڪري پيپلز پارٽي سنڌ، خاص ڪري حيدرآباد پ پ پاران جهنڊن، وڏن بينرن، ڪئمپن ۽ بِجا تير بِجا وارن گانن وسيلي زور شور سان تياريون جاري آھن. ڪاش! ڪار ساز سانحي جي خوني دهشتگردي جي قاتلن ۽ سھولتڪارن جا پيرا کنيا وڃن ھا ته محترمه مٿان پنجاب جي خاص شھر راولپنڊي ۾ موتمار حملو ڪري شھيد نه ڪيو وڃي ھا.