بلاگنئون

18 آڪٽوبر جي ڪاري رات جا ذميدار اڃان قانون جي ڪٽهڙي ۾ نه اچي  سگهيا آهن

18 آڪٽوبر 2007 ڪار ساز واقعو پاڪستان جي تاريخ ۾ سياهه ترين باب طور هميشه ياد رهندو. هن واقعي کي 17 سال گذري چڪا آهن، پر هينئر تائين هن واقعي جا اصل جوابدار قانون جي گرفت ۾ نه اچي سگهيا آهن. اٺن سالن جي جلاوطني ختم ڪرڻ کانپوءِ محترمه شهيد راڻي بينظير ڀٽو دبئي کان وطن واپس اچي رهئي هئي ۽ محترمه شهيد راڻي شيڊيول مطابق پاڪستان پهچڻ بعد عوامي ريلي جي صورت ۾ قائداعظم محمد علي جناح جي مزار تي حاضري کانپوءِ مزار قائد گرائونڊ ۾ عوامي ريلي کي خطاب ڪرڻ جو پروگرام رٿيل هو. ڪراچي جي روڊن رستن تي شهيد راڻي سان والهانا عقيدت ۽ محبت ڪندڙ ڪارڪنن، جيالن ۽ سياسي قيادت جو انساني سمنڊ ڇوليون هڻي رهيو هو. ايئرپورٽ روڊ کان وٺي شاهراهه فيصل جي ٻنهي روڊن جي ٽريڪ تي پنجويھ لک کان به وڌيڪ عوامي هجوم محترمه شهيد راڻي بينظير ڀٽو جي استقبال لاءِ ڪراچي جي رستن تي موجود هو، جڏهن محترمه شهيد راڻي بينظير ڀٽو جو جهاز ڪراچي ايئرپورٽ تي لٿو ۽ ان مھل شهيد راڻي سان والهانا عقيدت ۽ احترام ڪندڙ ڪارڪنن، جيالن، پ پ پ، ورڪرن ۽ ايم پي ايز، ايم اي ايز جي هٿن ۾ ويلڪم ويلڪم بينظير ڀٽو ويلڪم جي پمفليٽن ۽ جهنڊن سان گڏوگڏ بينظير آئيگي روزگار لائيگي ۽ وزيراعظم بينظير جي پرجوش نعرن سان ڪراچي جا روڊ رستا گونجي رهيا هئا ۽ جهاز ۾ موجود صحافين کي محترمه شهيد راڻي بينظير ڀٽو انٽريو ۾ ٻڌايو ته مان پنهنجي وطن واپس اچڻ تي ڏاڍو خوش آهيان. مون کي ڪيترن ئي مهينن ۽ سالن کان هن ڏينهن جو شدت سان انتظار هو، ايئرپورٽ کان ٻاهر ايندي ئي حفاظتي انتظامن لاءِ تيار ڪرايل بم پروف ٽرڪ ۾ محترمه شهيد راڻي بينظير ڀٽو سوار ٿي ڪارڪن، جيالن، سياسي اعليٰ قيادت سان گڏ شاهراهه فيصل ڏانهن عوامي سمنڊ جي پرجوش نعرن جا هٿ لوڏي جواب ڏيندي رهي. محترمه شهيد راڻي بينظير ڀٽو جو بم پروف ٽرڪ روڊ تي پيدل هلندڙ ڪارڪنن ۽ جيالن جي هجوم سان آهستي آهستي وڌندو رهيو.

جڏهن محترمه جو قافلو رات جو هڪ وڳي ٻاونجاھ منٽن تي ڪار ساز جي پل جي سامهون مس پهتو ته محترمه شهيد راڻي جي بم پروف ٽرڪ جي اڳيان ۽ پاسي کان ٻه خودڪش بم ڌماڪا ڪيا ويا. بينظير جي جان نثارن، جيالن، ڪارڪنن ۽ شهيد راڻي جي پرسنل سيڪيورٽي گارڊن بم پروف ٽرڪ مان محترمه شهيد راڻي بينظير ڀٽو کي لاهي گاڏي ۾ ويهاري باحفاظت بلاول هائوس پهچايو. ڌماڪن جي نتيجي ۾ پوليس جون گاڏيون مڪمل طور تي تباھ ٿي ويون ۽ گاڏين ۾ موجود گهٽ ۾ گهٽ 20 پوليس اهلڪار مارجي ويا. بم ڌماڪن مھل محترمه شهيد راڻي بينظير ڀٽو ٽرڪ جي اندر هجڻ ڪري محفوظ رهي. ٻن بم ڌماڪن ۾ 180 ڪارڪن شهيد ٿي ويا ۽ 500 کان به وڌيڪ زخمي ٿيا هئا. زخمين کي جناح اسپتال، لياقت نيشنل اسپتال، سول اسپتال ۽ عباسي شهيد اسپتال فوري طور طبي امداد لاءِ پهچايو ويو. پاڪستان ۾ ٻه دفعا وزيراعظم جي منصف تي فائز رهندڙ ۽ پاڪستان جي سڀ کان وڏي سياسي جماعت پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئر پرسن محترمه شهيد راڻي بينظير ڀٽو کي شهيد ڪرائڻ لاءِ بم ڌماڪا ڪرايا ويا هئا. اهڙي واقعي کانپوءِ به بهادر پيءُ جي بهادر ڌيءَ محترمه شهيد راڻي بينظير ڀٽو ٻئي ڏينهن جناح اسپتال، لياقت اسپتال، سول اسپتال ۽ عباسي شهيد اسپتال پهچي بم ڌماڪن ۾ زخمي ٿيل ڪارڪنن ۽ جيالن جي عيادت ڪندي رهي. 19 آڪٽوبر 2007 تي محترمه شهيد بينظير ڀٽو پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته حڪومتي سيڪيورٽي ٽيم حملي کي روڪڻ ۾ مڪمل ناڪام رهي آهي. ڪار ساز روڊ جي ٻنهي روڊ ٽريڪس جون لائيٽون بند هجڻ مان ثابت ٿئي ٿو ته هي ڌماڪا پلاننگ تحت ڪرايا ويا آهن. 20 آڪٽوبر تي اختيارين خودڪش حملي ڪندڙ جوابدارن جون تصويرون جاري ڪيون. 23 آڪٽوبر تي ان دور جي وزيراعظم شوڪت عزيز پرڏيهي ماهرن جي ٽيم پاران خودڪش ڌماڪن جي جاچ ڪرائڻ لاءِ پ پ پ جي مطالبي کي رد ڪندي چيو هو ته ان جي مقابلي ۾ پاڪستاني قانون لاڳو ڪندڙ ادارا بهترين ۽ بامقصد انداز ۾ جاچ ڪري سگهن ٿا. پاڪستان پيپلز پارٽي اهڙي اعلان کانپوءِ فوري طور تي صدر جنرل پرويز مشرف کي چئن ماڻهن جا نالا باضابطا هڪ خط ذريعي لکي موڪلي ڇڏيا هئا ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي هنن حملن جي انجنيئرنگ طور جنرل پرويز مشرف جو نالو وٺڻ کان احتياط ڪيو. ان خط ۾ مشرف جي دور ۾ اعليٰ فوجي آفيسرن ۽ سياستدانن جا نالا شامل هئا. جن ۾ چوڌري پرويز الاهي ان وقت جو وڏو وزير مسلم ليگ (ق) ۽ پنجاب صوبي جو ان وقت جو اڳوڻو ڊائريڪٽر جنرل حميد گل به شامل هئا. انٽر سروسز انٽيليجنس ايجنسي اعجاز شاھ، انٽيليجنس بيورو جي ڊائريڪٽر جنرل پاڪستان ۽ هڪ ٻي وڏي فوجي انٽيليجنس ايجنسي. پاڪستان لاءِ القاعده جي چيف آف آپريشنز فهد محمد علي السلام کي حملي جو اهم ذميوار قرار ڏنو ويو هو، جيڪو بعد ۾ ليفٽيننٽ شيخ احمد سليم سان پاڪستان ۾ پهرين جنوري 2009 تي ڊرون حملي ۾ مارجي ويو هو. ساڳئي طرح تحريڪ طالبان پاڪستان جو سربراهه بيت الله محسود کي به حملي ۾ ملوث قرار ڏنو ويو هو، جيڪو آگسٽ 2009ع پاڪستان ۾ ڊرون حملي ۾ مارجي ويو هو. هي رجعت پسند سوچ رکندڙ جمهوريت دشمن قوتن جي آشيرواد تي پاڪستان پيپلز پارٽي جي عوامي حمايت ۽ جمهوريت پسند طرز حڪومت تي سخت ناراض هئا.

محترمه شهيد راڻي بينظير ڀٽو جڏهن جلاوطني ختم ڪري پاڪستان واپس اچڻ جو فيصلو ڪيو هو ته ملڪ ۾ موجود جمهوريت دشمن قوتن پلاننگ تحت محترمه بينظير ڀٽو کي عوامي هجوم ۾ خودڪش بمبارن ذريعي شهيد ڪرائڻ جا منصوبا جوڙيا هئا. محترمه شهيد راڻي بينظير ڀٽو اهڙن خدشن جو اظهار پاڪستان اچڻ کان اڳ ۾ پريس ڪانفرنسن ۾ ڪندي رهي هئي، ان جي باوجود به هينئر تائين پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت هوندي به شهيد راڻي جي قاتلن جو پتو نه پئجي سگهيو آهي، شهيد راڻي ڪار ساز بم ڌماڪن کي جمهوريت ۽ سياسي عمل تي حملو قرار ڏنو هو، اهڙي واقعي کانپوءِ پاڪستان گورنمينٽ پاران محترمه شهيد راڻي جي سڪيورٽي جو ڪو خاطر خواهه بندوبست نه ڪيو ويو هو. پاڪستان جي تاريخ ۾ بينظير بيمثال عورت سان گڏوگڏ عالمي شهرت يافته سياسي ليڊر پڻ هئي. آخرڪار ظالمن 27 ڊسمبر 2007 تي راولپنڊي جي لياقت باغ ۾ هڪ وڏي عوامي جلسي کي خطاب ڪندي کيس شهيد ڪري ڇڏيو. عظيم ليڊر ذوالفقار علي ڀٽو جي عظيم ڌيءَ ڏينھن ڏٺي رهزنن هٿان عوامي جلسي ۾ گولين جو کاڄ بڻجي شهيد ٿي وئي. سندس قرباني جمهوريت جي بقا جي جنگ آهي. محترمه شهيد راڻي جو پوکيل جمهوريت جو ٻوٽو هينئر ڇانو دار ۽ ڦلدار وڻ جي صورت اختيار ڪري چڪو آهي. جيتوڻيڪ محترمه شهيد راڻي اسان جي وچ ۾ ناهي رهي، پر هن جو سياسي فلسفو ۽ سياسي جان نشين پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي روپ ۾ اسان جي وچ ۾ موجود آهي. سنڌ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چوٿين حڪومت بغير ڪنهن وقفي جي رهي آهي. ڪار ساز بم ڌماڪن ۾ شهيد ٿيل جيالن ۽ ڪارڪنن جا وارث اڃان تائين انصاف جي اوسيڙي ۾ آهن. ڪار ساز واقعي کي ارڙھن سال گذري چڪا آهن ۽ هيءُ دل ڏکوئيندڙ واقعو پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ ڪڏهن به وسارڻ جوڳو ناهي نه ئي وسري سگهندو. ڳڙهي خدا بخش شهيدن جي قبرستان ۾ تدفين ٿيل شهيد ڪارڪنن ۽ جيالن کي سرخ سلام پيش ڪرڻ لاءِ ۽ ڪار ساز واقعي جي گمنام شهيدن جي ياد ۾ 18 آڪٽوبر 2024 تي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري حيدرآباد ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جو عوامي جلسو منعقد ڪيو آهي ته جيئن ڪار ساز واقعي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي شهيد ڪارڪنن ۽ جيالن کي خراج عقيدت ۽ سرخ سلام پيش ڪري سگهجي.

زنده هي بي بي زنده هي

تم ڪتني ڀٽو مارو گي

هر گهر سي ڀٽو نڪلي گا.