خاصنئون

ڪراچي اندر 1.714 ارب رپين جون ترقياتي اسڪيمون شروع ڪري ڇڏيون آهن: سيد مراد علي شاهه

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪراچي ۾ مختلف ترقياتي اسڪيمن جو دورو ڪيو ۽ دوري دوران لياري ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسان شهر ۾ بغير ڪنهن به سياسي وابستگي جي ڪم ڪري رهيا آهيون. اسان کي ان ڳالهه جي پرواهه نه آهي ته ڪهڙي علائقي مان ڪهڙو سياستدان چونڊجي آيو هو، جتي به ڪم جي ضرورت آهي اسان اتي ڪم ڪري رهيا آهيون. هن وڌيڪ چيو ته بلو لائين پروجيڪٽ ختم نه ڪيو ويو آهي جڏهن ته ان تي ڪم ڪندڙ پرائيويٽ ڪمپني ٺيڪو ڇڏي وئي آهي. ٻئي طرف بلو لائين ۽ ريڊ پروجيڪٽ منصوبا ايشن ڊولپمينٽ بينڪ ۽ ورلڊ بينڪ جي تعاون سان تيار ڪيا ويندا. جنهن جي منظوري بينڪن پاران ملي چڪي آهي. هن چيو ته مان وفاقي فنانس منسٽر کي درخواست ڪئي آهي ته هو هنن منصوبن کي منظور ڪرائي ڏئي. وڏي وزير چيو ته اسان هن وقت 1.714 ارب رپين جي اسڪيمن جو آغاز ڪري چڪا آهيون، جن ۾ آءِ آءِ چندريگر روڊ جي مرمت، شهر جي مختلف سائن بورڊن جي مرمت، سگنلز جي مرمت، يونيورسٽي روڊ، ايم اي جناح روڊ، پيپلز چورنگي، ايم ٽي خان روڊ، راشد منهاس روڊ جي خوبصورتي تي خرچ ڪئي ويندي.