اسان جڏهن تاريخ جا ورق ورائي حوا جي ڌيءَ جو رتبو جاچڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا ته هر پاسي ٻاٽ اونڌائي نظر اچي ٿي. ماڊرن يورپ جو مشهور قول هو ته عورت هڪ اهڙي برائي آهي جنهن مان جند نٿي ڇڏائي سگهجي. ڪليسا هن کي ازلي گنهگار مڃيو، هندومت هن جي وجود تي زخم هنيا. ڪيترن ئي مذهبن ۾ هن کي رڍ، ٻڪري ۽ جانور سان ڀيٽا ڏني وئي، پر اسلام چيو نه عورت عزت جي قابل آهي، پر مسلمانن اها ڳالھه نه مڃي. اسان جي نمازي پرهيزگار ۽ پارسا معاشري ڪڏهن عورت کي بي عقل چيو ته ڪڏهن سندس وجود کي ئي گار بڻائي ڇڏيو. پدرسري معاشري ۾ ماءُ کي به عزت نه ملي سگهي ته ٻين رشتن جي باري ۾ ڪهڙي شڪايت ڪجي. معاشرو بدليو، انقلاب آيو، حضرت مسلمان چمني کان سولر ٽيڪنالاجي تائين پهچي ويو، پر عورت بدتر ٿيندي وئي. معاشرو بدليو انقلاب آيو، مگر اها اڄ به عزت جي نالي ماتر چار ديواري ۾ هڪ گونگي، ٻوڙي ۽ انڌي غلام آهي، جنهن جو هٿ نه پنهنجي مرضي سان چرپر ڪري سگهي ٿو نه ئي زبان ڳالهائي سگهي ٿي. پٽڪن جي عزت جي رسم تي قربان ٿيڻ واري مظلوم ۽ مجبور مخلوق جنهن کي قربانيءَ کانپوءِ به روئندي روئندي کلڻ جي اداڪاري ڪرڻي پوندي آهي. اڳ ۾ عورت جي نيلام لاءِ منڊيون لڳنديون هيون ۽ ٻانهين جي خريد ۽ فروخت ٿيندي هئي. اڃان به منڊيون لڳن ٿيون، پر انهن منڊين کي شادي ۽ نڪاح جي قانوني حيثيت حاصل ٿي وئي آهي. هاڻي خريدار موڙ ٻڌي اچي ٿو ۽ ٻولي هڻي ڪنوار وٺي وڃي ٿو.