خاصنئون

لانگ مارچ به ٿيندو ۽ حڪومت کي وڃڻو به پوندو

پ پ اڳواڻن قمر زمان ڪائرا ۽ نيئر بخاري چيو آهي ته خورشيد شاهه جي ضمانت ملڪ ۾ سڀني جمهوريت پسندن کي مبارڪ هجي، لانگ مارچ به ٿيندو ۽ هن حڪومت کي وڃڻو به پوندو. سپريم ڪورٽ ٻاهران پريس ڪانفرنس ڪندي قمر زمان ڪائرا ۽ نيئر بخاري چيو ته جيئن خورشيد شاهه جي ضمانت ٿي، ايئن ئي ڪيس به ختم ٿي ويندو، خورشيد شاهه کي پ پ سان وفا جي سزا ملي رهي آهي، جمهوري ڪارڪن کي سزا ڏني پئي وڃي، اهي آواز دٻائڻ جون ڳالهيون آهن، اسان پنهنجي رستي تان نه هٽنداسين ۽ عدالت ۾ به بي ڏوهه ثابت ٿينداسين.