1973ع جي آئين ٺهڻ کانپوءِ صوبا ان احساس محروميءَ جو شڪار رهيا ته کين پنهنجن وسيلن تي اختيار حاصل ناهي ۽ پنهنجا ڪيترائي فيصلا پاڻ نٿا ڪري سگهن. پوءِ 8 اپريل 2010ع تي ارڙهين آئيني ترميم پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن مان گڏيل طور مڪمل سياسي اتفاق راءِ سان منظور ڪئي وئي. هن وقت ارڙهين آئيني ترميم صوبن لاءِ “لائف لائين” سمجهي وڃي ٿي. هن ترميم کان اڳ هڪ گڏيل فهرست ذريعي تعليم، صحت، ماحوليات، ليبر ۽ سياحت تي وفاق ۽ صوبا ٻئي قانون سازي ڪندا هئا، پر تڪرار جي صورت ۾وفاق جو قانون مٿانهون هوندو هو. ارڙهين ترميم ان جهيڙي کي هميشه لاءِ ختم ڪيو، پوءِ تعليم، صحت، زراعت، مقامي حڪومتون ۽ سياحت جهڙا اٽڪل 40 شعبا مڪمل طور صوبن حوالي ٿيا. ان کانسواءِ مالي خود مختياري ۽ اين ايف سي ايوارڊ جو تحفظ جيڪو صوبن جي بقا جو سڀ کان وڏو ۽ تاريخي تحفظ آرٽيڪل (4) 160شامل ڪيو ويو. جنهن ۾ اها شق شامل ڪئي وئي ته اين ايف سي ايوارڊ ۾ صوبن جو حصو وڌائي سگهجي ٿو، پر گهٽائي نٿو سگهجي.
ان ترميم صوبن کي مالي خود مختياري فراهم ڪئي. اها الڳ ڳالهه آهي ته وسيلن جو صحيح استعمال نه ٿيڻ سبب صوبائي حڪومتون بهتر حڪمراني نه ڏئي سگهيون، پر ان جو مطلب اهو ناهي ته خراب حڪمراني جي سزا عوام جا آئيني حق ڦري عوام کي ڏجي. ان کانسواءِ قدرتي وسيلن تي صوبن جو اڌو اڌ اختيار آرٽيڪل 172 ۽ 158 ذريعي ڏنو ويو. ان کان اڳ صوبن مان نڪرندڙ وسيلن تي وفاق جو مڪمل قبضو هو. برابريءَ جي اصول تحت صوبي جي حدن يا ساحلي پٽيءَ مان نڪرندڙ تيل، گئس ۽ معدني وسيلن تي وفاقي حڪومت ۽ لاڳاپيل صوبائي حڪومت جو اڌو اڌ اختيار ورهائجي ويو. ان کان علاوه سي سي آءِ کي فعال ڪيو ويو، جنهن ۾ صوبن ۽ وفاق جي وچ ۾ پاڻي ۽ بجلي سوڌو ٻين وسيلن تي تڪرار کي حل ڪرڻ لاءِ سي سي آءِ کي لازمي قرار ڏنو ويو ته اهو 90 ڏينهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڀيرو اجلاس گهرائيندو، جتي سمورا صوبا وفاق جي سامهون برابريءَ جي بنياد تي پنهنجو ڪيس رکي سگهن ٿا. گڏوگڏ ارڙهين ترميم آمريت جو رستو روڪيو ۽ آرٽيڪل 06 (سنگين غداريءَ) کي وڌيڪ سخت ڪيو ويو ته مستقبل ۾ ڪوبه آمر آئين کي معطل يا منسوخ نه ڪري سگهي. ارڙهين ترميم هن وقت سنڌ لاءِ هڪ حفاظتي ڍال آهي. ڇو ته سنڌ پاڪستان جو اهو صوبو آهي جيڪو ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ قدرتي وسيلن سان وڌيڪ مالا مال آهي. اڄ سنڌ ۾ جيڪي وڏا ترقياتي منصوبا نظر اچن ٿا اهي ان مالي حصي جي ڪري ممڪن ٿي سگهيا آهن، جيڪو ارڙهين ترميم ذريعي سنڌ کي مليو آهي. وفاق اٺاويهين ترميم ذريعي هن ۾ کاٽ هڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.
هن وقت صورتحال اها آهي جو ملڪ ايران، آمريڪا جنگ جي ڪري معاشي مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي. قومي ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي ڪيترائي ايجنڊا تي ڪم ڪندڙ ولاگر ان ڳالهه تي بحث ڪري رهيا آهن ته اٺاويهن ترميم کانسواءِ ملڪ هلي نه سگهندو. ڇو ته اٺاويهن ترميم کانپوءِ صوبا پنهنجا ڪيترائي بنيادي حق وري وفاق جي جهولي ۾ وجهي ڇڏيندا، جنهن ۾ اين ايف سي ايوارڊ، تعليمي ادارن جون پاليسيون صوبن کان واپس وٺڻ لاءِ تياريون ٿي رهيون آهن. بيشڪ پيپلزپارٽي 17 سالن کان سنڌ صوبي مٿان حڪمراني ڪري رهي آهي، جنهن جي خراب حڪمراني ۽ ڪرپشن ادارن کي وڏو نقصان پهچايو آهي. نوجوان پنهنجي حقن لاءِ روڊن ۽ رستن تي نڪتل آهن، ان سڄي صورتحال کي ڏسندي وفاق ان جو فائدو وٺڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ۽ پيپلز پارٽيءَ جي ٻانهن مروٽي اٺاويهين ترميم لاءِ راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ملڪ هن وقت آئين جي حڪمراني جي تحت نه، بلڪه شارٽ ڪٽس ذريعي هلايو پيو وڃي، جنهن ۾ سڀ کان وڏو ڪردار پي ٽي آءِ جي رهنما عمران خان جو رهيو، جنهن هڪ طاقتور پارٽي هجڻ باوجود سياسي پارٽين سان گڏ ويهڻ پسند نه ڪيو ۽ هن طاقتور ڌرين سان ڳالهيون ڪري حڪومت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پوءِ 9 مئي ڪري ويٺو. جنهن ۾ رياستي ادارن تي حملو ڪيو ويو ۽ طاقتور ڌرين کي وڌيڪ سياسي اسپيس ملي ويو. اڃان به وقت ويو ناهي پي ٽي آءِ جا جيڪي به رهنما پارليامان ۾ ويٺل آهن انهن سڀني کي پيپلزپارٽي، (ن) ليگ ۽ ٻين پارلياماني پارٽين سان گڏجي ارڙهين ترميم جي حفاظت لاءِ پنهنجو قدم اڳتي وڌائڻ گهرجي. ڇو ته هيءَ ترميم صرف سنڌ جي مفادن جو تحفظ نه، بلڪه پاڪستان جي چئني صوبن جي مفادن جو تحفظ ڪري ٿي. سنڌ جي حڪمران پارٽي جيڪڏهن اهڙي غير يقيني واري صورتحال ۾ بهتر حڪمراني ڏيکاري ۽ ادارن کي بهتر ڪارڪردگيءَ لاءِ مجبور ڪري ته سنڌ جو عوام پارٽيءَ سان گڏ ان کي مضبوط ڪري سگهي ٿو. هن وقت سنڌ جو سڀ کان وڏو مسئلو ادارن جي اندر ڪرپشن آهي. ادارن جي ڪرپشن ۽ عوام جي بيوسي سنڌ حڪومت ۽ عوام وچ ۾ خال پيدا ڪري ڇڏيو آهي. ان کي ختم ڪرڻ لاءِ بلاول ڀٽو زرداري کي عوام سان ويجهو اچي انهن جا مسئلا ٻڌڻ جي ضرورت آهي ۽ عوام وٽ وڃي سنڌ جو ڪيس عوام جي اڳيان رکڻ جي ضرورت آهي ته جيئن ارڙهين ترميم جو دفاع ڪرڻ لاءِ پيپلزپارٽي کي وفاق سان ڪوبه ڪمپرومائيز نه ڪرڻو پوي. ڇو ته پيپلزپارٽي جو ڪوبه ڪمپرومائيز وري به سنڌ جي عوام جي حقن تي ڌاڙو ئي هوندو. سنڌ جو عوام ڪڏهن به ارڙهين ترميم کي ختم نه ٿيڻ ڏيندو ۽ اٺاويهين ترميم ۾ سنڌ جي حقن تي ڪمپرومائيز ڪرڻ لاءِ ڪڏهن به تيار نه ٿيندو.