بلاگنئون

ايس پي بدين جي هدايت باوجود ماتلي ۾ نئين سال جي جشن ۾ فائرنگ ٿيندي رهي

ايس پي بدين جي سخت ھدايتن جي باوجود ماتلي ۾ رات جو 12 وڳي نئين سال جي خوشيءَ ۾ ھوائي فائرنگ ٿيندي رھي، جيڪا پوري شھر ٻُڌي، ايس ايڇ او کي ھدايتون نه به ملن ھا ان باوجود اُن جا قانوني پاور آھن ته ھو قانون خلاف ڪنھن به ڪرائيم کي روڪي سگھي ٿو. ايئن ھوائي فائرنگ قانوني جرم آھي، جنھن سان ڪنھن جي جان کي نقصان رسي سگھي ٿو. ماتلي ۾ ماضيءَ ۾ خوشين جي موقعن تي ھوائي فائرنگ سبب گوليون لڳڻ ڪري ماڻھن جون جانيون ضايع به ٿيون آھن. ٻئي طرف ماتلي ۾ سوين رڪشائن ۾ لائوڊ اسپيڪر لڳل آھن جن جو غلط استعمال ٿي رهيو آهي، جنهن سبب عام ماڻهن کي تمام گهڻي ذهني ۽ نفسياتي تڪليف برداشت ڪرڻي پوي ٿي. رات جو 2 وڳي تائين، گھٽين ۾ ۽ روڊن تي ڊوڙندڙ رڪشائن ۾ لائوڊ اسپيڪرن تي وڏي آواز ۾ موسيقي جو وڄڻ ھڪ فيشن بڻجي ويو آھي، جنھن سان ماڻھن جون ننڊون خراب ٿين ٿيون. شھر ۾ گوڙ جي گدلاڻ وڌي پئي، رڪشائن وارا اسڪولي ٻار ۽ ٻارڙيون کڻي ويندي ۽ ايندي به موسيقي وڄائيندا رھن ٿا، فحش گيت به ان طرح وڄن ٿا. جنهن جي ڪري انهن جو ڌيان ورهائي وڃي ٿو ۽ رڪشائون حادثن جو شڪار ٿي وڃن ٿيون. اھڙن عملن کي روڪڻ لاءِ قانون موجود آھن، ايس ايڇ او جا ان سلسلي ۾ پنھنجا قانوني پاور آھن، جن کي استعمال ڪرڻ ان جو ئي اختيار آھي، جنھن لاءِ ھن کي ايس پي يا ڊي ايس پي جي خاص ھدايتن جي ڪابه ضرورت ناھي ھوندي، پاڻ صحافين جو به خبر ناھي ڇو اھو مائينڊ ٺھي ويو آھي ته ڪرائيم خلاف قانون لاڳو ڪرڻ لاءِ ايس ايڇ او کي ايس پي جي ھدايتن جي ضرورت ھوندي آھي، تاريخ شاھد آھي ته ھڪ ايس ايڇ او ماضيءَ ۾ ملڪ جي وزير اعظم جي خلاف به ايف آءِ آر ڪئي جنھن ايف آءِ آر جي نتيجي ۾ ملڪ جو ھڪ وزير اعظم ڦاھي تائين پھتو، بدين ضلعي جو به ھڪ مثال آھي جنھن ۾ بدين ضلعي جي ھڪ سٽنگ ايس پي خلاف ھڪ ٿاڻي جي ايس ايڇ او کي قانون مطابق ايف آءِ آر جو عدالتي حڪم مليو. مطلب ته قانون مطابق ايس ايڇ او کي ان حد تائين پاور آھن جو ھو پنھنجي ايس پي خلاف به ايف آءِ آر ڪري سگھي ٿو. اھا ٻي ڳالھ آھي ته ضلعن جي ٿاڻن کي ايس پي قانون جي برعڪس پنھنجين پاليسين تحت ھلائين ٿا، چارج شيٽون ڪورٽن تائين ويندي ويندي ڪورٽن جي درن تان ھڪ فون اچڻ تي ڦاٽي وڃن ٿيون. گناھ گارن کي ڇڏيو ۽ بي گناھ ماڻھن کي ڦاسايو وڃي ٿو. پوليس آفيسر کي قانون لاڳو ڪرڻ ۽ جاچ ڪرڻ جا ايترا اختيار آھن جو ان کي انھن عملن کان سپريم ڪورٽ به روڪي نٿي سگھي، ايس ايڇ او چاهين ته پنهنجا پاور استعمال ڪري پنهنجي ارد گرد قانون جي بالادستي قائم ڪري سگهن ٿا، پر هتي مڙئي پيو بادشاھي قسم جو نظام ھلي.