نئون

انسان جو هوا ۾ اڏامڻ جو خواب پورو ٿي ويو

انسان جي دل ۾ هميشه پکين وانگر اڏمڻ جي خواهش جوان رهي آهي ان ڪري ته بند جهاز اندر اڏام جي به ماڻهو وڏي خواهش رکندا آهن. سائنسدان صدين کان اهڙين مشينن جي ٺاهڻ جي ڪوشس ڪندا رهندا آهن، جنهن جي مدد سان انسان اڏامي سگهي. هن وقت فرانس جي Franky Zapata پاران اهڙي مشين تيار ڪئي وئي آهي، جنهن جي مدد سان انسان بيٺل حالت ۾ اڏامي سگهي ٿو. هن مشين کي فلائنگ بورڊ جو نالو ڏنو ويو آهي. اهو بورڊ هڪ انسان کي ڪيترن ئي فوٽن جي اوچائي تائين هوا ۾ کڻي اڏري سگهي ٿو. هن بورڊ جي رفتار 103 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ آهي جيڪو هڪ اسپورٽس ڪار کي به هارائي سگهي ٿو. فلاءِ بورڊ جي هڪ ريس ڪار سان مقابلي جي وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته اهو بورڊ ڪيئن نه جهازن ۽ ٻين اڏامندڙ جي مشينن کان بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري سگهي ٿو.

وڊيو يوٽيوب جي ٿورن سان