نئون

ڪوئيٽا جي پولنگ اسٽيشن ٻاهران ڌماڪو 28 ڄڻا فوت

ڪوئيٽا جي پولنگ اسٽيشن ٻاهران ڌماڪو ٿيو، جنهن ۾ 28 ڄڻا فوت ۽ 20 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا. واقعي بعد پولنگ جو عمل رڪجي ويو. جڏهن ته سيڪيورٽي فورسز علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو. زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته حملو خودڪش هو. حملي ڪندڙ پولنگ اسٽيشن ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي ناڪام بڻايو ويو، جنهن بعد هن ٻاهر پوليس جي گاڏي ويجهو پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو. فوتين ۾ ايس ايڇ او سميت 5 پوليس اهلڪار به شامل آهن.