ايڊيٽوريلنئون

صدر آصف علي زرداري جو چين جو ڪامياب دورو

            ملڪ جو صدر ۽ آئيني سربراهه محترم آصف علي زرداري چين جو پنجن ڏينهن جو دورو مڪمل ڪري 8 فيبروري 2025 تي وطن واپس وريو آهي، انهيءَ دوري جو خطي جي صورتحال سان گهرو لاڳاپو آهي. هن دوري دوران صدر آصف علي زرداري چين ۾ ٿيندڙ نائنٿ ايشين ونٽر گيمز جو افتتاح به ڪيو، جنهن جي پاڪستان جي کي خاص دعوت ڏني وئي هئي. بين الاقوامي سياسي صورتحال جي ڪري به انهيءَ دوري جي گهڻي اهميت آهي. 20 جنوري، 2025 کان آمريڪا ۾ ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪي صدر جي عهدي تي ڪم شروع ڪيو آهي ۽ سموري دنيا جا ملڪ انهيءَ جي سياسي اهميت کي سمجهن ٿا. اهڙي وقت ۾ پاڪستان جي صدر جو چين جو طويل دورو جيڪو 5 ڏينهن تي مشتمل هو، گهري معنيٰ رکي ٿو. ملڪ جي صدر هڪ وڏي وفد سان گڏ اهو دورو ڪيو. هن پنهنجي دوري ۾ چيني صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم لي چيانگ سميت ٻين عهديدارن سان ملاقاتون ڪيون آهن. هتي اها ڳالهه ڪبي ته پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻ طور ۽ ملڪ جي هڪ اهم سياسي شخصيت جي طور هن ويجهي ماضيءَ ۾ چين سان بامقصد ۽ ديرپا تعلقات جو بنياد رکيو آهي. ون بيلٽ روڊ انيشيٽو يعني سي پيڪ جو بنياد هڪ طرح سان اهو چئجي ته صدر آصف علي زرداري جي چين جي حڪومت سان ويجهن لاڳاپن جي ڪري ممڪن ٿي سگهيو آهي.

            پاڪ چين اقتصادي راهداري هڪ وڏو تجارتي منصوبو آهي، جنهن جو مقصد پاڪستان کي چين سان ملائڻ آهي. ڇاڪاڻ جو چين چاهي ٿو ته واپار جو هڪ بين الاقوامي گس ٺهي سگهي. تنهنڪري گوادر جي بندرگاهه، ريل ۽ موٽروي جي ذريعي تيل ۽ گئس ۽ ٻئي سامان جي گهٽ وقت ۾ پهچ کي ممڪن بڻائي سگهجي. اقتصادي راهداري پاڪستان ۽ چين جي لاڳاپن ۾ مرڪزي اهميت رکي ٿي. گوادر کان چين تائين تقريبن 2442 ڪلوميٽر طويل اها راهداري واپار ۽ بين الاقوامي تعلقات ۾ اهميت واري آهي. سال 2013 ۾ صدر آصف علي زرداري ۽ چيني حڪومت اقتصادي راهداري تي عمل شروع ڪيو هو. 22 ۽ 23 مئي 2013 تي چيني وزيراعظم جي پاڪستان جي دوري دوران صدر پاڪستان آصف علي زرداري جي وچ ۾ پاڪ چائنا اقتصادي راهداري سميت ٻين ڪيترن ترقيءَ جي معاهدن تي صحيحون ٿيون هيون. اهو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون جو وڏو ثبوت آهي. موجوده وقت ۾ چين ۽ پاڪستان وچ ۾ دوستي ۽ صدر آصف علي زرداري جي دوري جي گهڻي گهري معنيٰ آهي. هن دوري دوران چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ مختلف واپاري لاڳاپن گوادر پورٽ جي فنڪشنل ٿيڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سيڪيورٽي جي معاملن تي مختلف خيالن جي ڏي وٺي ٿي ۽ معاهدا ٿيا. سڀني کان وڌيڪ ان ڳالهه تي به زور ڏنو ويو ته پاڪستان کي چين ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهن جي سيڪيورٽي کي وڌيڪ بهتر بنائڻ جي ضرورت آهي، جنهن جي لاءِ پاڪستان هن وقت 12 هزار ماڻهن تي مشتمل چاڪ و چوبند پيرا مليٽري فورس چائنا جي ماڻهن جي لاءِ دستياب ڪيا آهن. ڇو ته جڏهن کان وٺي سي پيڪ جو ڪم شروع ٿيو آهي تڏهن کان وٺي پاڪستان ۾ مختلف جاين تي مختلف وقتن ۾ هن منصوبي جون دشمن قوتون چائنيز مزدورن ۽ انجنيئرن جي مٿان حملا ڪري انهن کي نقصان پهچائينديون رهيون آهن، جنهن تي چين کي تمام گهڻي ڳڻتي آهي. چين چاهي ٿو ته بيلٽ ۽ روڊ انيشيٽو جي ذريعي چين سڄي دنيا سان پنهنجا واپاري لاڳاپا استوار ڪري، جنهن ۾ پاڪستان چين جو وڏو ساٿي ۽ اسٽيڪ هولڊر آهي.

            چين سان اسان جا تعلقات مضبوط آهن، انهيءَ جو ثبوت اهي يادداشتون آهن جن تي دوري دوران صحيحون ڪيون ويون آهن، جنهن ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ تعاون جي يادداشت تي به صحيحون ٿيون آهن، جيڪا هڪ خوش آئند ڳالهه آهي، ڇو ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ هن وقت چين تمام تيزيءَ سان اڳتي وڌي رهيو آهي ۽ پاڪستان جو چين سان ان معاملي تي معاهدو يقينن پاڪستان ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ هڪ نئون دور شروع ڪري سگهي ٿو. اقتصادي راهداري جو منصوبو جنهن کي گذريل حڪومت ۾ سست ڪيو ويو هو، اميد آهي ته ان ۾ تيزي ايندي ۽ اهو تيزيءَ سان مڪمل ٿيندو، جيڪو پاڪستان جي ترقيءَ لاءِ به اهم سنگ ميل ثابت ٿيندو. چين جهڙي ترقي يافته ملڪ سان واپار ۽ اقتصادي شعبي ۾ تعاون جو اسانجي ملڪ کي تمام گهڻو فائدو ٿيندو ۽ اسانجي معاشي ۽ مالي معاملن ۾ بهتري ايندي، انهيءَ کانسواءِ ميڊيا، توانائي، سماجي ۽ اقتصادي ترقي سميت مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي به ڳالهيون ٿيون آهن. صدر جي وفد ۾ وزير داخلا محسن نقوي، وزير خارجه اسحاق ڊار، سينيٽر سليم مانڊوي والا به شامل هئا. اميد ٿي ڪجي ته هن دوري کانپوءِ چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ٿيل نون معاهدن تي تيزيءَ سان عملدرآمد ٿيندي نظر ايندو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ترقيءَ جو هڪڙو نئون دور شروع ٿيندو.