نئون

اڳوڻو چيف جسٽس ناصر الملڪ عبوري وزيراعظم مقرر

اسلام آباد ۾ وزيراعظم ۽ خورشيد شاهه گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي عبوري وزيراعظم جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. اعلان مطابق اڳوڻو چيف جسٽس ناصر الملڪ کي عبوري وزيراعظم مقرر ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي اسپيڪر قومي اسيمبلي اياز صادق به موجود هو. ان موقعي تي خورشيد شاهه چيو ته هي هڪ مشڪل چونڊ هئي، پر اسان ملڪ جي مفاد ۾ اهو فيصلو ڪيو آهي. اميد آهي ته هن نالي تي سڀني پارٽين کي اتفاق هوندو. وزيراعظم چيو ته ڪجهه هفتن کان عبوري وزير اعظم جي نالي تي ڳالهيون هلي رهيون آهن. جيڪو هڪ مشڪل ڪم هو. ان موقعي تي مان اپوزيشن ليڊر جو شڪرگذار آهيان. ياد رهي ته هن کان اڳ ۾ وزيراعظم ۽ اپوزيشن ليڊر وچ ۾ مختلف ملاقاتون ٿيون پر عبوري وزيراعظم جي نالي تي اتفاق نه ٿي سگهيو. جنهن کانپوءِ اڄ صبح جي ملاقات ۾ اهو ڊيڊ لاڪ ختم ٿي ويو، جنهن کانپوءِ ڪجهه دير آخري ملاقات ۾ ناصر الملڪ جي نالي تي اتفاق ٿي ويو.