نئون

دنيا جي پهرين سولر ٽرين پنهنجي سروس آسٽريليا ۾ شروع ڪندي

آسٽريليا ۾ تيار ڪيل سولر پاور تي هلندڙ ريل پنهنجو سفر شروع ڪندي. هيءَ ريل پراڻي ريل کي رپيئر ڪري تيار ڪئي وئِي آهي، جيڪا اڳ ۾ ٻاڦ  واري  انجڻ تي هلندي هئي جنهن کي هاڻي سولر انرجي تي منتقل ڪيو ويو آهي. هيءَ ريل 6.5 ڪلو واٽ پينل تي مشتمل هوندي ۽ اها هڪ وقت ۾ 100 مسافرن کي کڻي وڃي سگهندي. هن ريل کي شروع ۾ ڊيزل تي هلائڻ لاءِ آندو ويو هو پر علائقي وارن جي شڪايتن تي ان کي سولر انرجي تي منتقل ڪيو ويو آهي.