ڀنڀور ۾ قديم آثارن جي کوٽائي جو ڪم شروع
قديم آثارن لاءِ ڪم ڪندڙ سرڪاري اداري پاران اٽلي جي ماهرن جي سهڪار سان ڀنڀور ۾قديم آثارن جي کوٽائي جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي ماهر ٻه مهينا ملڪ ۾ ترسي ان کوٽائي ۾ شريڪ ٿيندا. هٿ آيل هڪ آثار بابت اٽلي جي ماهر ڊاڪٽر پياسينٽيني چيو ته اهو 9 کان 13 صدي عيسوي سان واسطو رکي ٿو. هن وڌيڪ ٻڌايو ته اها کوٽائي فرانس حڪومت، ميلان يونيورسٽي جي سائنسي کوجنا واري اداري ۽ سنڌ سرڪار جي گڏيل سهڪار سان شروع ڪئي پئي وڃي. گذريل سال ساڳي هنڌ تي کوٽائي مان ڪجهه آثار مليا هئا جيڪي پهرين صدي عيسوي سان واسطو رکن ٿا. ڊاڪٽر پياسينٽيني چيو ته هنن آثارن جون وڌيڪ ٽيسٽون ڪيون وينديون جنهن مان انهن جي اصل تاريخ معلوم ٿيندي. انهن آثارن تي ڳالهائيندي هن چيو ته اهي اهڙي دور سان واسطو رکن ٿا جنهن دور جا ماڻهو آسوده حال هئا ۽ اهو علائقو هڪ ڪاروباري علائقو به رهيو هو.

