شڪي سياسي ماڻهن جي فهرست ٺاهي رهيا آهيون
ڪراچي پوليس جي ايڊيشنل انسپيڪٽر جنرل ڊاڪٽر امير شيخ چيو آهي ته ٻارن جي اغوا، مظاهرن ۽ بدامني جي ٻين ڪيسن ۾ ملوث شڪي سياسي ماڻهن جي فهرست ٺهي رهيا آهيون. صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪجه عنصر شهر ۾ اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ته حالتون خراب آهن، اهي سڀ ڪم ضرور ڪنهن جي چوڻ تي ٿي رهيا آهن، انهن ماڻهن بابت به معلومات جمع ڪئي پئي وڃي. هن وڌيڪ چيو ته بلاول ٽائون ۾ ٻار اغوا ٿئي ٿو ۽ چئن ڪلاڪن ۾ علائقي ۾ باه ۽ ڀڃ ڊاه جو ڊرامو جڙي وڃي ٿو. اهو ٻار بازياب ٿيڻ بعد ٻڌائي ٿو ته بابا جو دوست وٺي ويو هيو. ساڳي طرح رات جو به 14 سالن جي هڪ ڇوڪري جي اغوا جي خبر مشهور ٿي وئي جنهن بعد وري ساڳي باه ۽ ساڳي ڀڃ ڊاه جو سلسلو شروع ٿي ويو، اها 14 سالن جي ڇوڪري 3 ڪلاڪن ۾ ملي وئي ۽ خبر پئي ته اها ڇوڪري پنهنجي مرضي سان وئي هئي. اهي سڀئي ڪم ڪنهن جي ته چوڻ سان ٿي رهيا آهن. اهڙن قسمن جي ماڻهن جي لسٽ ٺاهي رهيا آهيون.

